خاصنئون

عمران خان جو حيدرآباد ۾ جلسو

عمران خان سنڌ سان سياسي واعده ڪرڻ کان علاوه  آصف زرداري خلاف ڪرپشن جي الزامن جا تير هلائي ڇڏيا سندس ذاتي ملڪيت کي ڪرپشن جي پئسي مان ٺاهڻ جو الزام مڙهيندي چيو ته هن جي والد وٽ 150 ايڪڙ زمين هئي هن وٽ هڪ لک ايڪڙ زمين آهي. سندس امريڪا ۽ انگلينڊ ۾ به ڪاروبار سان گڏ ملڪ ۾ 19  شگر ملون آهن.

عمران خان فريال ٽالپر تي به سنڌ ۾ نوڪريون پيسن سان کپائڻ جو الزام مڙهيو آهي.  تنهن کان علاوه هن بلاول سان مخاطب ٿيندي چيو ته هن وٽ ڪهڙي اهليت آهي جو هو پ پ جو چيئرمين ٿي ويٺو آهي، هن آخر سنڌ لاء ڪهڙو ڪم ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 30 سال اڳ ايشيا جو هڪ سٺو ملڪ هو جنهن کي موجوده حڪمرانن پنهنجي ڪرپشن سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي.