پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سپريم ڪورٽ صحافين کي حراسان ڪرڻ خلاف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي عمل روڪي ڇڏيو

 26 آگسٽ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال مندو خيل تي ٻڌل بئنچ دستياب نه هوندي، سپريم ڪورٽ صحافين کي حراسان ڪرڻ خلاف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي عمل روڪي ڇڏيو، وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 5 رُڪني بئنچ طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ بابت اختيارن واري ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته اِن مامري کي ڏسنداسين ته ڇا چيف جسٽس کانسواءِ ڪو ٻيو جج پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿو؟ چيف جسٽس کانسواءِ بئنچ جي جج طرفان پاڻمرادي نوٽيس جو مامرو تجويز ڪرڻ واري روايت به موجود آهي، پاڻ مرادي نوٽيس جا اختيار طئي ڪرڻ لاءِ اصل اسٽيڪ هولڊرز کي به ٻڌڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ صدر، اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي صدر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين کان معاونت طلب ڪري ورتي، نوٽيسز جاري، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 20 آگسٽ تي 2 رُڪني بئنچ طرفان جنهن مامري تي حڪم نامون جاري ڪيو ويو، اُهو مامرو ٻڌڻي هيٺ ئي نه هو، 20 آگسٽ تي حڪم نامي ۾ جاري ٿيل عدالتي هدايتون برقرار آھن.