خاص

ٽين شادي جي افواهن تي عامر لياقت وضاحت ڪري ڇڏي

قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ مشهور اينڪر پرسن عامر لياقت حسين پنهنجي ٽين شادي وارن افواهن تي وضاحتي وڊيو جاري ڪئي آهي. پاڪستاني سوشل ميڊيا تي عامر لياقت جي ٽين شادي واريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، هانيا خان نالي عورت جيڪا پاڻ کي اداڪاره ۽ ماڊل ٻڌائي ٿي ان دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ عامر لياقت جي ٽين زال آهي. هن ڪجهه تصويرون به سوشل ميڊيا تي رکيون آهن ۽ گفتگو جي رڪارڊنگ به رکي آهي، هانيا عامر لياقت جي ٻين زال سيده طوبيٰ تي الزام هنيو ته طوبيٰ هن جي مٿان ڪارو جادو ڪيو آهي. عامر لياقت ٽين شادي جي وضاحت ڪندي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن هانيا خان سان شادي جي ترديد ڪندي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته “هونئن به تون ماشاءَ الله منهنجون ٽي چار شاديون ڪرائي چڪي آهين، پر منهنجي هڪ ئي شادي ٿيل آهي جيڪا مون طوبيٰ سان ڪئي آهي.”