خاص

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر وڏي وزير سميت سموري ڪابينا جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت سموري ڪابينا جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت مارڪيٽ ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري نه ڪرڻ بابت ڪيس ۾ مذڪوره حڪم ڏنو. ان کان علاوه عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري ايگريڪلچر ۽ سيڪريٽري فنانس جي پگهار به بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ملازمن جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته عدالتن جي ڪيترائي ڀيرا حڪمن جي باوجود رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه پئي ڏني وڃي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ وڌيڪ مهلت گهري جنهن تي عدالت عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. پنهنجي ريمارڪس ۾ فاضل جج چيو ته جيستائين رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ڏني ويندي ڪابينا کي به پگهار نه ملندي. جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.