خاص

پاستا، پيزا ۽ ڪجهه ٻيون غذائون دماغي صحت کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون

نيوزيلينڊ جي اوٽاگو يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق ۾ سائنسدانن ڪوئن کي گلوٽين کارايو جنهن ۾ ان ۾ لڪل نقصانڪار اثر سامهون آيا. اهي ماڻهو جيڪي سيليئڪ بيماري (هاضمي ۽ مدافعتي نظام جي دائمي بيماري جيڪا ننڍي آنڊي کي نقصان پهچائي ٿي) ۾ مبتلا ٿين ٿا، انهن ۾ گلوٽين ٿڪاوٽ، هاضمي جا مسئلا ۽ وزن ۾ تبديلي جهڙن مسئلن جي سبب طور سڃاتو وڃي ٿو. هاڻ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاستا، بريڊ، سيريل، پيزا ۽ پيسٽري جهڙن روزاني جي غذائن ۾ ڏٺو ويندڙ هي پروٽين ان جو استعمال ڪندڙن جي دماغ کي به نقصان پهچائي سگهي ٿو. تحقيق جي سربراهه ايسوسئيٽ پروفيسر ايلڪس ٽپس مطابق ڪوئا انسان جي عضون جي مطالعي لاءِ بهترين نمونه هوندا آهن. سندن رت جي گردش، افزائشِ نسل، هاضمو، هارمون ۽ اعصابي نظام انسانن سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿو. ان لاءِ امڪان آهي ته جيڪا سوزش اسان ڪوئن ۾ ڏٺي اها انسانن ۾ به ٿي سگهي ٿي.