خاصنئون

روس سعودي عرب کي S 400 ميزائل سسٽم ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

 سعودي عرب ۾ تيل جي کوهن تي ٿيل ڊرون حملي کانپوءِ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ حالت ڪشيده ٿي وئي آهي. سڄي دنيا سعودي عرب جي رد عمل جو انتظار ڪري رهي آهي. ٻئي طرف روس سعودي عرب کي S 400 ميزائل سسٽم وڪڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. هي ميزائل سسٽم ڊرون ۽ ميزائل جي حملي کان بچائي سگهي ٿو. روس پاران پيغام ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب چاهي ته سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. روس وڌيڪ چيو آهي ته ترڪي ۽ ايران به هي سسٽم خريد ڪري چڪا آهن.