خاصنئون

 مريم نواز مسلم ليگ جي نائب صدارت جي اهل قرار

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي اڳواڻيءَ ۾ ٽن ميمبرن جي ڪميشن پاران مريم نواز کي پارٽي جي نائب صدر جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ چيو آهي ته مريم نواز سياسي پارٽيءَ جو عهدو رکي سگهي ٿي جڏهن ته هوءَ پارٽي جي عبوري صدر نٿي بڻجي سگهي. ڪيس جو پسمنظر مئي 2019 ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪندي مريم نواز کي نائب صدر منتخب ڪيو هو، جنهن بعد پي ٽي آءِ جي اڳواڻن اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي. جنهن ۾ چيو ويو هو ته مريم نواز جي مقرري آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته مريم نواز هڪ سزا يافته عورت آهي.