خاص

سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا

دهشتگردي ٽوڙ عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سوشل ميڊيا تي گستاخي واري مواد جي ڪيس جو فيصلو جج راجا جواد عباس جوابدارن جي موجودگي ۾ ٻڌايو، عدالت 15 ڊسمبر 2020 ۾ فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن ناصر احمد سلطان، رانا نعمان ۽ عبدالوحيد کي موت جي سزا ٻڌائي جڏهن ته هڪ جوابدار پروفيسر انوار احمد کي مذهب جي توهين تي 10 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ هنيو آهي، چئن اشتهاري جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا.