ڪورونا لاءِ وفاقي حڪومت ڪجهه به نه پئي ڪري، سمورا وڏا وزير گهر ويھي حڪم پيا ڏين: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته ڪورونا لاءِ وفاقي حڪومت ڪجهه به نه پئي ڪري سمورا حڪومتي قدم ڪاغذن ۾ آهن، عملي طور تي ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي. حڪومت فقط ميٽنگون ڪري رهي آهي پر گرائونڊ تي ڪو ڪم نه پيو ٿئي. سنڌ ۽ پختونخواهه حڪومتون رڳو پئسا گهري رهيون آهن، وڏا وزير گهر ويهي آرڊر ڏيئي رهيا آهن، صوبن وٽ ٽيسٽ لاءِ ڪٽون ئي نه آهن، سڀ فنڊن جي ڳالهه ڪن پيا، مريض ڪيڏانهن وڃن خدا جي رحم ڪرم تي کين ڇڏيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ قيدين جي آزادي بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. عدالت چيو آهي ته معاملو فقط قيدين جي آزادي جو نه آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس کي ڪيئن منهن ڏيئي رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته گرائونڊ تي ڇا ٿي رهيو آهي، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، ڪير به ڪم نٿو ڪري، صوبائي حڪومتون پئسا ورهايو ۽ راشن ورهايو جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ٽي وي تي صبح ۽ شام ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪا اهڙي اسپتال نه آهي جتي آئون وڃي سگهان، سمورين اسپتالن جون او پي ڊيز بند ڪيون ويون آهن، ملڪ ۾ رڳو ڪورونا جي مريضن جو علاج پيو ٿئي، خانگي ڪلينڪون ۽ اسپتالون به بند پيون آهن، هر اسپتال جو کليل هجڻ لازمي آهي. چيف جسٽس چيو آهي ته صحت واري وزارت خط لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڊسپينسري بند ڪئي وڃي، ڇا اهڙي طرح ڪورونا کي منهن ڏنو پيو وڃي