خاص

چين ۽ سنڌ جي ماهر ڊاڪٽرن لاڪ ڊائون ختم نه ڪرڻ جي تجويز ڏيئي ڇڏي

چين ۽ سنڌ جي ماهر ڊاڪٽرن وڏي وزير کي لاڪ ڊائون ختم نه ڪرڻ جي تجويز ڏيئي ڇڏي. ڊاڪٽرن چيو آهي ته لاڪ ڊائون جلد ختم نه ڪريون نه ته وائرس تي ضابطو اچي نه سگهندو. ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملڪ جي ناميارن ڊاڪٽرن ۽ وڏين اسپتالن جي مالڪن ڊاڪٽر عبدالباري (انڊس اسپتال)، ضياءُ الدين اسپتال جي ڊاڪٽر عاصم، اي او ڪلينڪ جي ڊاڪٽر جنيد شاهه، سائوٿ سٽي جي ڊاڪٽر سعديه ورڪ، اين ايم سي جي ڊاڪٽر عمر جنگ، ڪريڪ جنرل اسپتال جي ڊاڪٽر بلال فيض، عيسيٰ ليبارٽري جي ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ، هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي منهاج قدوائي، پٽيل اسپتال جي ڊاڪٽر مظهر نظام ۽ ٻين گڏجاڻي ڪئي. وڏي وزير چيو ته مون کي ڪورونا وائرس خلاف ويڙهه ۾ توهان جي تعاون جي رهنمائي ۽ مدد جي ضرورت آهي، جنهن تي ڊاڪٽرن کيس تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته توهان جي تڪڙن اپائن سبب صورتحال ڪجهه ڪنٽرول ۾ آهي نه ته حالتون ڪنٽرول ۾ نه هجن ها. هنن وڏي وزير کي تجويز ڏني ته 14 اپريل کانپوءِ لاڪ ڊائون ختم نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو ته وائرس جهنگ ۾ باهه وانگر پکڙجي ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي اڪثر آبادي ڪچين آبادين ۾ آهي، جيڪي ننڍڙن گهرن ۾ رهن ٿا، بسن ۾ سفر ڪن ٿا، جيڪڏهن انهن کي آزادي ڏني وئي ته وائرس انهن جي گهرن تائين پهچي ويندو پوءِ صورتحال تي ڪير به ضابطو آڻي نه سگهندو. جنهن تي وڏي وزير چيو ته آئون پنهنجي ڪابينا ميمبرن ۽ اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪريان ٿو. وڏي وزير ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ منصوبا بندي ڪرڻ لاءِ صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهي جيڪا پنهنجون سفارشون ڏيندي رهي. ٻئي طرف چيني ماهرن به لاڪ ڊائون ختم نه ڪرڻ جي تجويز ڏيئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان ڪالهه چين جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ صحافين صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چين جي ڊاڪٽرن سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم نه ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ لاڪ ڊائون اڃان جاري رکو. چيني ڊاڪٽرن وڌيڪ چيو ته چين ۾ لاڪ ڊائون مسلسل برقرار رکڻ سبب خاطر خواهه نتيجا مليا آهن. ان موقعي تي چيني وفد سنڌ جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي پروفيشنل ٽريننگ ڏيڻ لاءِ به راضپو ڏيکاريو