خاصنئون

سي پيڪ، چين جا ادارا 5 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪندا

چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت چين جا تجارتي ادارا ايندڙ پنجن سالن ۾ پاڪستان جي خصوصي اقتصادي علائقن ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪندا. سي پيڪ اٿارٽي جي عملدارن مطابق پاڪستان جي خصوصي اقتصادي علائقي فيصل آباد اسٽيٽ ڊولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني (فيڊ مڪ) ۾ چين جا تجارتي ادارن ۽ صنعتن لاءِ ڪاروبار ۽ سيڙپ ڪاري جون نيون راهون کليون آهن. چين جون ڪمپنيون ايندڙ پنجن سالن ۾ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپ جي پيشڪش ڪري رهي آهي. حڪومت پاڪستان پاران واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بهتر ۽ دوستاڻو ماحول فراهم ڪندڙ قدمن کي بهتر قرار ڏنو آهي. پاڪستان جي ننڍن ۽ وچولي انٽر پرائز ۾ سيڙپ ڪاري جي عزم جو اظهار به ڪيو آهي.