هي اسٽيڪر توهان جا سامان گم ٿيڻ نه ڏيندو

آمريڪا جي هڪ ڪمپني اهڙي ننڍڙي مشين تيار ڪئي آهي جيڪا هڪ اسٽيڪر جهڙي آهي. اهو اسٽيڪر سامان تي لڳائڻ کانپوءِ بلو ٽوٿ ذريعي فون سان ڳنڍجي وڃي ٿو ۽ هر شيءِ بابت معلومات فراهم ڪري ٿو. جنهن سان ان شيءِ کي ڳولڻ آسان ٿي پوي ٿو. هن وقت هن اسٽيڪر جي پهچ صرف 60 ميٽر آهي جنهن کي اڳتي هلي وڌايو ويندو. هن ايجاد جو نالو ٽائيل (Tile) رکيو ويو آهي ۽ هن جي قيمت 25 ڊالر رکي وئي آهي، هن ۾ لڳل سيل ٽن سالن تائين ڪم ڪري سگهي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published.