خاصنئون

 مخالف ڌر اسيمبلين مان اجتماعي استعيفيٰ تي غور ڪرڻ لڳي

جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مخالف ڌر اجتماعي استعيفيٰ ڏيڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي. جنهن جو فيصلو مناسب وقت تي ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جو مينڊيٽ نقلي آهي، جنهن کي پهرين ڏينهن کان تسليم نه ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڌرڻو نه پر مارچ هوندو جنهن جو مدو گهٽ هوندو، ايترو احتجاج ڪنداسين جو ڪارڪن ٿڪجي نه وڃن. هن پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته مارچ روڪڻ تي ڪنهن به قسم جي ڊيل نه ٿيندي نه ئي ڪو سمجهوتو ڪيو ويندو ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ جي مطالبي کان پوئتي نه هٽبو. ياد رهي ته جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان 27 آڪٽوبر تي حڪومت مخالف ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ هن کي مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي سميت ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جي حمايت حاصل آهي. ٻئي طرف حڪومت مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائڻ لاءِ حڪومتي ڪميٽي به جوڙي ورتي آهي ۽ حڪومتي ڪميٽي ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڌرڻي جي حوالي سان باقائده رابطا به شروع ٿي ويا آهن.