بلاگنئون

سياست عوامي هجڻ گهرجي

فوجي اثر هر علائقي اندر پڄي چڪا آهن، ماڻهن ۾ خوف آهي ته اهي جيڪڏهن پنهنجي حقن جي ڳالھ به ڪندا ته رياست جا ڪنَ ۽ اکيون کليون پيون آهن، اهي پنهنجي ساک ۽ پت جي لاءِ ماڻهن کي ڊوائيس جي ذريعي قابو ڪري سگهي ٿي. اهي سمجهن ٿا ماڻهو ڊجيٽل طريقي سان به ڪنٽرول ٿي سگهن ٿا، ان ڪري رياست جي اهڙي ٻه اکيائي جي ڪري صوبن ۾ مرڪزيت جو خوف ڇانيل ٿو رهي، پر سوال اهو به آهي ته ماڻهن ۾ اهو خوف آهي يا ادارن جي لاءِ عزت، جي اهي قومون جيڪي پاڻ کي ٻين صوبن سان تعل رکن ٿيون اهي سڀ جو سڀ رياست کان باغي آهن اهي سمجهن ٿيون ته رياست ڪوبه صنعتي انقلاب نه آڻيندي، نه رياست وٽ لسانيت ۽ مذهبي گروهن کي ٻنجو ڏيڻ جو ڪو مستقل حل به آهي اهي سڀ هڪ ڳالھ تي بيٺل آهن ته جيڪي به رياست جي خلاف ٿي جيڪڏهن پنهنجا حق گهرندا ته انهن کي گولي ملندي، پر وقت گذرڻ سان گڏ قومن ۾ هاڻي وردي جو خوف ناهي رهيو، پر اهي سمجهن ٿا ملڪ اندر اهڙي قانونيت کي لاقانونيت جي هٿي رهي آهي ۽ رياست جو اهڙو پيدا ڪيل خوف ماڻهن ۾ بغاوت کي جنم ٿو ڏئي. اهي سمجهن ٿا اهي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌاريا آهن اهي سمجهن ٿا ته انهن سان جيڪي سلوڪ ڪيا ٿا وڃن اهي باغين سان ڪيا ويندا آهن يا اهي سلوڪ ۽ رويا رڳو انهن قومن سان ڪيا ويندا آهن جيڪي ڌاريون هونديون آهن جيڪي رياست جو خيرخواھ ناهن هونديون اهي قومون ۽ ايجنسين جا پاليل ماڻهو (ايجنٽ) رياست جي سلامتي لاءِ خوف جي علامت هوندا آهن، اهي سمجهن ٿا ته نشي پتي، جوا جي اڏن، برائي ۽ فحاشي جي اڏن جي خبرچار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نه ٿي پئي، پر ڪنهن گهر گهاٽ ۽ چورنگي چوراهي تي جيڪڏهن ڪو بلوچ نوجوان ڪنهن طرح پنهنجي قوم جي ڳالھ ٿو ڪري، پنهنجن حقن جي ڳالھ ٿو ڪري ته اها ڳالھ رياست جي ڪنن تائين پڄي ٿي وڃي پر هاڻي ته اڳواڻ پاڻ ان ڳالھ جي شاهدي ٿا ڏين ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ عليحدگي جا نعرا ٿا لڳن ۽ ماڻهو رياست جي روين مان باغي ٿي ويا آهن، رياست جي فيصلن مان قومون اهو ٿيون سمجهن ته اهي نيب جا قانون، اهي ارڙهين ترميم پهرين به پنجاب جي فائدي جي هئي جنهن ۾ انهن کي آبادي جي ورڇ تي حصيداري ملندي هئي ۽ هاڻي به هٿ وٺي صوبن جي آبادي گهٽ ٿا ڄاڻائن ان ڪري جو اهي سمجهن ٿا ته آبادي هي وڌڻ سان اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا ڏيڻا پوندا ان ڪري صوبائي آبادي گهٽ ڪري لکي وڃي ۽ اها ئي ڄاڻائي وڃي جيڪا انهن جي ڪتابن ۾ پهرين ئي لکيل آهي.

ڳالھ اها به منجهائي ٿي ته 1951 ۾ رٿيل راولپنڊي ڪنسپائريسي ڪيس ۾ ملوث فوجي عملدارن جي 18 مهينن تائين هلندڙ فوجي ٽرايل جنهن ۾ ميجر جرنل اڪبر خان (برگيڊيئر ۽ ڪرنل) سميت فيض احمد فيض کي به ڇا ٿيو، انهن جي ڳجهين گڏجاڻين ۾ سيد سجاد ظهير (جيڪو هنن جي باغي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري هو) محمد حسن عطا، ليفٽيننٽ ڪرنل صديق راجا ۽ ميجر جرنل محمد يوسف سيٺي به شامل هو، ان کان پوءِ آڪٽوبر 1955 ۾ اعليٰ عدالتن ۾ هلندڙ قانوني جنگ کانپوءِ سمورن 14 سازشين کي آزاد ڪيو ويو. ميجر جنرل اڪبر خان جلد ئي پاڪستاني سياسي رنگ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو صلاحڪار بڻجي ويو. 1971 ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڀٽو صاحب اڪبر خان کي قومي سلامتي جو سربراهه مقرر ڪيو. فيض جي شاعري جا ڪيترائي ڪم شايع ٿيندا رهيا ۽ کيس ڀٽو حڪومت پاران نيشنل ڪائونسل فار آرٽس جو ميمبر به مقرر ڪيو، ۽ ان کانپوءِ رياست ڪهڙا سبق سکيا ۽ عوام تائين ڪهڙي هڙ حاصل پهتي؟

ڀٽي صاحب جي دور ۾ مذهبي شدت پسندي ايتري ته گهڻي هئي جو فوج جي اندر ئي اسلامي انقلاب جوڳالهيون عام جام هونديون هيون، جو جنرل ضياءَ انهن سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ پاڻ ورَ کڻي بيهي رهيو ۽ پوءِ بهانا هزار. هاڻي اهو سمجهون ته ملڪ جا ڪجھ وڏي حيثيت وارا صحافي جي ايجنسين جي زبان ڳالهائي اهو چئي ٿو وجهي ته جنرل فيض حميد انڊر ورلڊ جو ڊان هو ته ان وقت جا فوجي عملدار ۽ اسٽيبلشمينٽ اکين تي پوش پايو ويٺي هئي جن جي نڪ جي هيٺان اهي شيون پئي ٿيون ۽ انهن کي ڪَل ڪا نه پئي ته ٿئي ڇا ٿو؟ ۽ ڪير ٿو ڪري يا جيڪي به آءِ ايس آءِ يا آءِ ايس پي آر جا مهندار هوندا آهن اهي آل ان آل هوندا آهن ته پوءِ جنرل فيض حميد تي ڳالھ ڇو بيٺي يا جڏهن باجوا پاڻ پي ٽي آءِ تي ڪلما پيو ڀري ته ان مهل اهي جنرل فيض حميد جي انڊر ورلڊ واريون ڳالهيون ڪٿي هيون يا هاڻي ادارن جي مٿان آئي آهي ته اهي پنهنجي مرضي هلائي شيون آجيون ڪندا ان ڪري ته سياست ائين پئي هلندي ۽ چور درواز اڃان تائين کليل آهن، ڀلا جي عسڪري قيادت کي ان ڳالھ جي ڳڻتي آهي ته ملڪ جي قانون ۽ ادارن سان ڪير کيل نه رچائي ته پوءِ مشرف پاڻ آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪري هليو ويو ۽ 11 سال ڪڍي ويو اتي قانون، ادارا ۽ نيب سميت جيڪي به عدليا جا اڳواڻ هئا انهن ڇا ڪيو ۽ جڏهن مشرف جي موت جي 6 مهينن گذرڻ کانپوءِ اها ڳالھ ڪورٽن به چئي ڏني ته مشرف ڏوهي هو يا ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي لاءِ ڪورٽن جيڪو ڪيو ان تي ڪورٽن کي هاڻي جاڳ ٿي ته شيون غلط ٿي ويون ان ڪري ادارن کي هاڻي ان طرح نٿو هلائي سگهجي جنهن طرح اهي ماضي ۾ هلي يا هلايا ويا، پر هاڻي به ان ڳالھ کان ڪير آجو آهي ته جيڪي به فيصلا ۽ ڳالهيون ٿين ٿيون اهي سڀ قانون جي پاسداري ۾ ٿين ٿيو يا سڀاڻي اهي فيصلا ۽ ڳالهيون سڀ صحيح آهن ان ڪري هاڻي جي ڪورٽن جي فيصلن کي ڪير چيلينج يا غلط نٿو ڪري سگهي، پر سڀاڻي تي اهي غلط ثابت ٿيندا يا جيڪي ”رجيم“ چينج ٿيندي ان کي اڳيان قانون ۽ ترميمون سڀ غلط لڳندا ۽ جيڪي اهي دورِ حاضر ۾ ڪندا رهندا اهي سڀ صحيح آهن.

حقيقت ۾ رياست ايترين بحرانن ۾ گهيريل آهي جنهن مان جان نه ٿي ڇڏائي سگهي ۽ ائين چئجي ته رياست پاڻ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ وڃي ٿي آهستي آهستي غرق ٿيندي يا پنهنجي ڪئي جو ڊڀ نه دارون. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ايگريمينٽ جا معاملا ڪنهن صورت خطرناڪ به آهن ان ڪري هن ايگريمينٽ تحت ملڪ جا سڀ ادارا خانگائجي ويندا ۽ ڪو به ادارو باقي نه رهندو، پر رڳو اسٽيبلشمينٽ جا پنهنجا ادارا هوندا جيڪي ان ايگريمينٽ کان آجا هوندا، باقي تعليم صحت ۽ سيڪيورٽيءَ جا ڪجھ ادارا لڳي ٿو آهستي آهستي خانگائجي ويندا ۽ رياست انهن جي کٽي ڪمائي تي هلندي رهندي، حيرت اها به آهي ته رياست جي فيصلن ۾ ۽ انهن جي آئيني ڪم ڪارين ۾ استحڪام ناهي، هر ماڻهو ۽ ادارو پاڻ ان تاڙ ۾ آهي ته رڳو هي جيڪي هاڻي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن اهي لهي وڃن ته اهي پنهنجي مرضي جا ڪم ڪن ۽ رياست جي لاءِ انهن جا ڪيل فيصلا خراب ثابت ٿيا آهن، پر ائين ناهي ڇو ته رياست جا ڪيل فيصلا سڀ جا سڀ سياسي آهن ڇو ته هر حڪمران جيڪي به فيصلا ڪري ٿو اهي ان جي پنهنجي مفاد ۾ ثابت ٿين ٿا جيڪي ان جي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي فائدي جا هجن ٿا يا جيڪي سياسي پارٽيون قومي فيصلن ۽ قومي مفادن کي نظر ۾ رکي اهي فيصلا يا ته ٿڏن ٿا يا نه ٿا مڃن ته پوءِ اسٽبلشمينٽ به ان ڳالھ تي بيهي ٿي رهي ته جيڪي 2600 نيب جا فيصلا ۽ ڪيس رهجي ويا آهن يا دٻجي انهن تي ڌوڙ ٿي وسي سي اٿلايا وڃن ته جيئن انهن سياسي پارٽين کي سوگهو ڪري سگهجي ۽ رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائي پاڻ سرخرو ٿي سگهي.

رياست جا ڪجھ فيصلا يا ڪجھ پاليسيون عوامي ناهن هونديون اهي سڀ اداراتي ۽ رياست جي پنهنجي مفاد ۾ هونديون آهن جن مان عوام کي ڪجھ هڙ حاصل ناهي هوندو، عزم استحڪام به ڪا معنيٰ نٿو رکي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو ان ڪري ته قومون هاڻي پاڻي ڪچي ويون آهن اهي سمجهن ٿيون گولي ڪنهن به طرح مسئلي جو حل ناهي، قومن ۾ اهو جذبو به اڀري آيو آهي ته ”آ مرڻو هر هڪ ماڻهو کي پر ائين نه مرنداسين ساٿي ڪا باھ لڳائي وينداسين ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين“ يا طبعي موت پنهنجي جاءِ تي قومن جي خاطر جان ڏيڻ هاڻي انهن سڀني قومن جي ان عزم ۾ اچي چڪو آهي ان ڪري سياست جي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي استحڪام جي لاءِ قومن کي اهي سڀ حق ۽ سڀ واسطا ڀلي آڏو رکن پر قومن جي بنيادي حقن جي پاسداري به ڪن، حيرت اها به آهي ته رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ اهڙا مهرا به آهن جن سان اهي راند چينج ڪري سگهن ٿا يا ”چيئر گيم“ بدلائي سگهن ٿا جنهن ۾ جميعت علماءِ الاسلام جو مولانا فضل الرحمٰن به هڪ زبردست ڳوٽ آهي ان ڪري ته اسٽيبلشمينٽ کي هاڻي اهي فيصلا به ڪرڻا آهن جيڪي اهي گذريل 76 سالن ۾ ناهن ڪري سگهيا ان ڪري ته ايوان ۽ عدالتون انهن جي انٽي تي نه هيون اهي سڀ ايوان ۽ عدالتون پنهنجي پنهنجي مرضي جا ڪم ڪري هليون وينديون هيون.