ادب سماج ۽ زندگيءَ جو ترجمان هوندو آهي. ان لحاظ کان ادب ۾ فرد جي وجودي ۽ داخلي ڪيفيتن جو اظھار، اصل ۾ سماج جي فردي زندگيءَ جي مابعد الطبعياتي پھلوئن جي ترجماني هوندو آهي. اهڙي ادب کي سماج جو ڪوبه فرد احساساتي طور تي پنھنجي زندگيءَ جو ترجمان سمجهندو آهي يا ائين کڻي چئجي ته ان قسم جي ادب جو دائرو جذباتي ۽ محسوساتي اعتبار کان سماج جي هر فرد تائين پکڙيل هوندو آهي. فقط ان جو تخليقي روپ انفرادي طور ڪنھن ھڪ فرد جي نجي، احساساتي زندگيءَ جو احاطو واضح ڪندو آهي، پر درحقيقت اهو سماج جي هر منتخب/مخصوص فرد جي ڪھاڻي هوندو آهي.
جڏهن ادب سان سماج جو ايترو گھرو ۽ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان هر فرد جي زندگيءَ تائين ڦھليل تعلق آهي ته پوءِ سماج ۾ ايندڙ ارتقائي تبديلين جو اثر ادب تي پوڻ اڻٽر آهي. يعني اصل ۾ سماجي ارتقا ئي ادبي ارتقا جو محرڪ بڻبي آهي. ان ڪري اهو ادب ئي لافاني حيثيت اختيار ڪري سگهندو آهي، جيڪو عصري لحاظ کان هر دور، جنھن ۾ امڪاني طور تي، (ماضي، حال ۽ مستقبل ٽئي شامل ٿي سگهن ٿا) سياسي، سماجي، فڪري ۽ شعوري ارتقا کي نظر ۾ رکندي، عصري ارتقائي تبديلين کي اظھار جي ڌارا ۾ شامل ڪندي، اڳتي وڌندو آهي. ائين ادب جو ارتقائي سفر جاري رهندو آهي.
سنڌي شاعري اساسي دور کان ادبي ارتقا جو مکُ ذريعو رهي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ادبي ارتقا جا اثر وڌيڪ نمايان نظر اچن ٿا. ايڪھين صديءَ جو جديد سنڌي غزل ان جو واضح مثال آهي، جنھن ۾ جديديت ۽ مابعد الجديديت صورتحال جا اثر واضح طور تي پَسي سگهجن ٿا.
احمد سولنگيءَ جي شاعري مجموعي طور تي سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جا نوان گس، ماڻَ ۽ ماپا متعين ڪرڻ جي واٽ تي روان رهي آهي. سندس هيءُ غزل ان قسم جي پيرائي ۾ هڪ نئون پيش خيمو ثابت ٿي سگهي ٿو، جنھن ۾ اظھاريت جو نئون رخ اختيار ڪيل آهي. ان ۾ نه ڪو سرئيلسٽ رجعت پسنديءَ واري فن براءِ فن جي روايت اختيار ڪئي وئي آهي، نه ئي جديديت پڄاڻان جا غير مربوط ۽ ڇڙوڇڙ احساس ملن ٿا، پر هيءُ غزل پنھنجي جوهر ۾ خارجي ۽ داخلي احساس گريءَ جو وجود رکي ٿو، جنھن ۾ هلڪا هلڪا سرئيلسٽ ڇھاءَ، هن غزل کي هڪ نئين مابعدالجديديتي سڃاڻپ ڏين ٿا، جيڪا جديد سنڌي غزل کي مستقبل طرف وٺي ويندڙ هڪ انوکي روايت ثابت ٿي سگهي ٿي. ان قسم جا اهڃاڻ سندس غزل جي هيٺين شعري جواهرات ۾ جڙيل آهن.
“محتاجيءَ ۽ نابينيءَ واري صورتحال مان جان ڇڏائڻ لاءِ انڌن کان ديپ جلرائڻ”، “پاڇولن کان ڇانوَ ڇانگهرائڻ”، “ڳيرن کان واءَ کي اڏارائڻ”، “اوجاڳن جي رڻ کان ننڊ ڪناري جهاڳڻ”، “اکين جا سپنا جاڳائڻ”، “چنڊ نگر جي رهواسين کان نيڻ نمارائڻ” “شيشن ۾ جسم لِڪارائڻ”، “سوچن کي واڳون بڻائي حملا آوري ڪرائڻ” ۽ “خوابن کي ڪاريھر بڻائي، انھن پنھنجو پاڻ کي کارائڻ يا ڏنگرائڻ.”
ھي اصطلاح، ترڪيبون ۽ تشبيھون جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ڪٿي به نٿيون ملن. جيتوڻيڪ “اکرَ اڳيان اڀري واڳون ٿي وريامِ” جھڙي وجودي رڙِ قاضي قادن جي اندر مان به اڀري نڪتي هئي، پر احمد وٽ ان قسم جو اظھار هڪ نئين رمزيت ۽ نئين معنوي پيرائي ۾ ورتايل محسوس ٿئي ٿو، جيڪو فرد جي ڪرب، ڀوڳنا ۽ پيڙا جي وجودي صورتگري آهي، جنھن جو وجود تخليقيت ۽ اظھاريت جي مٽيءَ ۽ جديديت پڄاڻان جي پاڻيءَ سان ڳوهيل آهي. ان ڪري هن غزل جي فني ۽ فڪري پاسن تي ڪيترن ئي مختلف رخن کان گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر طوالت باعث سمورن پاسن کي ڇڏي، ائين ئي ڪنڪلوٽ ڪريان ٿو ته احمد جي هن غزل ۾ موجود، سندس تخليقي ايپروچ نئين جديد سنڌي غزل کي مابعد الجديديتي سڃاڻپ ڏيندي محسوس ٿئي ٿي، جيڪا سريئلزم، وجوديت ۽ جديديت پڄاڻان جي مرڪب صورت مان پيدا ٿيل هڪ نئين رجحان طرف اشارو ڪندڙ آهي.