بلاگنئون

والٽيئر جي جيون ڪٿا (قسط پهرين)

والٽيئر ​1694ع ۾ پئرس ۾ ڄائو. ان وقت فرانس جي تخت تي لوئي چوڏهين جي بادشاهت هئي. فرانس جي اميرن ۽ حاڪمن جي سالن جي عياشين ۽ اخلاقي پستي ملڪ کي غربت جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو ۽ عوام کي غلاميءَ ۽ وهم پرستيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو هو. فرانس هاڻي رڳو بادشاھ ۽ سندس منظور نظر درٻاري ماڻهن جو نالو رهجي ويو هو. نواب، مذهبي پيشوا ۽ بدچلن عورتون ملڪ جون اصل حاڪم هيون ۽ عوام جو مقصد صرف انهن جي عياشين ۽ وندر لاءِ سامان مهيا ڪرڻ هو. هرڪو معجزن، جادوگريءَ ۽ مذهبي روايتن تي ويساهه رکندو هو. ماڻهو نه صرف پُراڻن مُعجزن جا قائل هئا، پر نوان معجزا به گهڙي وٺندا هئا. ڪو شخص ذهين هجي ته معجزن تي يقين رکي سگهي پيو، پر شرط اهو هو ته اهي معجزا قديم هجن. طبيب پنهنجو ڌنڌو جادوءَ ۽ منترن ذريعي هلائيندا هئا. وڪيل غريبن کي دٻائي رکڻ ۾ مدد ڪندا هئا؛ فوجداري قانون طويل، ظالماڻه ۽ موتمار هئا. مذهبي پيشوا، طبيب ۽ وڪيل اميرن لاءِ جيئندا هئا ۽ غريبن کي غلام بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا هئا. اڄ جا طبيب اڃان تائين جادوگريءَ تي يقين رکن ٿا، پر هاڻي اهي جادوءَ جي بدران دوائن جي شيشين ذريعي پنهنجي مذهبي علاج جو پرچار ڪن ٿا. وڪيل اڃان تائين غريبن کي جيلن ۽ وحشياڻن قانونن ذريعي پنهنجي جاءِ تي رکن ٿا، پر هاڻي فوجداري قانون ڪجهه مختصر ۽ گهٽ سخت آهن.

​جڏهن والٽيئر پيدا ٿيو ته فرانس ۾ صرف چرچ (ڪليسا) جي ئي حاڪميت هئي، جيڪا پنهنجي فطرت ۾ سخت جاهل، جابر ۽ انتها درجي جي وحشي هئي. سڀئي عقيدا هڪ جهڙا هوندا آهن، پر جڏهن اقتدار صرف هڪ عقيدي وٽ هجي ۽ حاڪم سچي دل سان ان تي ويساهه رکندا هجن ته پوءِ اهي لازمي طور جاهل، وحشي ۽ ظالم بڻجي ويندا آهن. هر قسم جي “بدعت” (ڌرم کان هٽيل راءِ) جي سزا موت هئي. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي پمفليٽ يا ڪتاب لکڻ جي جرئت ڪئي، جنهن ۾ مروج مذهب جي ڪنهن به حصي تي سوال اٿاريل هجي ته ان ڪتاب کي هڪدم باهه جي حوالي ڪيو ويندو هو ۽ لکندڙ خوش نصيب هوندو هو، جيڪڏهن هو پاڻ ان ساڳئي انجام کان بچي وڃي. مذهب کي پادرين جي نصيحتن ذريعي نه، پر جيلن، اذيت خانن ۽ باهه جي آڙاهن ذريعي قائم رکيو ويندو هو. هرڪو يقين رکندو هو؛ ڪنهن کي به سوال ڪرڻ جي اجازت نه هئي. مذهبي عقيدا، جيتوڻيڪ سخت ۽ وحشي هئا، پر انهن ڪڏهن به حاڪمن جي ذاتي اخلاق يا ڪردار ۾ مداخلت نه ڪئي. جيستائين اهي حاڪم مروج مذهب تي ايمان جو اظهار ڪندا هئا، تيستائين هو پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪجهه به ڪرڻ لاءِ آزاد هئا.

​فرانس ڏيوالي جو شڪار ٿيڻ وارو هو. ملڪيتون ۽ دولت هٿن مان نڪرندي پئي وئي. ٻاهران رڳو چمڪ دمڪ، ڏيکاءُ ۽ فضول خرچي هئي؛ پر ان جي پٺيان غربت، ذلت ۽ جهالت جو اڻ کٽ انڌيرو هو. اهڙي ئي حالت ۽ اهڙي ئي وقت ۾ والٽيئر پيدا ٿيو. هو هڪ ڪمزور ۽ نٻل ٻار هو، جنهن جي باري ۾ ڪنهن کي به اها اميد نه هئي ته هُو زنده بچي سگهندو. پادريءَ کي ترت گهرايو ويو ته جيئن کيس بپتسما (Baptize) ڏني وڃي ۽ سندس روح کي نجات ملي سگهي. والٽيئر جو پيءُ هڪ معمولي صلاحيتن وارو نوٽري پبلڪ (قانوني دستاويزن جي تصديق ڪندڙ) هو، جنهن وٽ ڪجهه ملڪيت به هئي. جيڪڏهن هن جو پٽ ايترو ذهين نه هجي ها ته اڄ سندس پيءُ جو نالو نشان به مِٽجي چڪو هجي ها. سندس ماءُ بس هڪ عام امڙ هئي؛ پنهنجي بيشمار لکڻين ۾ والٽيئر مشڪل سان ئي ڇهه دفعا پنهنجي ماءُ جو ذڪر ڪيو هوندو. کيس هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ به هئي، جن جا نالا صرف والٽيئر جي شهرت جي روشنيءَ سبب گمناميءَ کان بچي سگهيا آهن. والٽيئر جي خاندان ۾ ڪوبه اهڙو شخص نه هو، جنهن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ته هي ٻار اڳتي هلي ايڏو وڏو جينيئس بڻبو. جيڪڏهن اڄوڪي دور جا “يوجينڪس”Eugenics – نسل سڌار جا ماهر 1694ع جي فرانس ۾ هجن ها ته شايد اهي اهڙي ٻار جي پيدائش جي اجازت ئي نه ڏين ها. سندن سائنسي علم اهو ئي چوي ها ته اهڙي ماءُ پيءُ جي ميلاپ مان ڪوبه قيمتي انسان پيدا نٿو ٿي سگهي، پر انهن ڏينهن ۾ فطرت اڃان يوجينڪس جي ماهرن جي حڪمن جي پابند نه هئي ۽ ائين والٽيئر پيدا ٿي پيو.

​ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد، جڏهن سندس گهر وارا ۽ نرس ان انتظار ۾ ٿڪجي پيا ته هي ٻار ڪڏهن مري ٿو، تڏهن کيس “شاٽونيوف”  نالي هڪ پادريءَ جي حوالي ڪيو ويو. اهو استاد، پادري هجڻ جي ناتي پگهار ته کڻندو هو، پر هو پاڻ مذهب کان بيزار، عياش، انتھائي ذهين ۽ هر ڳالھہ تي شڪ ڪندڙ شخص هو، پر ان سان گڏ هو رحم دل به هو ۽ پنهنجي هن شاگرد (جيڪو سندس ڌرم پٽ به هو) سان ڏاڍي محبت ڪندو هو. هن پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي ته والٽيئر جي ننڍڙي ذهن کي ان دور جي وهم پرستيءَ کان آزاد رکي سگهي. ڏهن سالن جي عمر تائين پهچندي اهو واضح ٿي چڪو هو ته والٽيئر هڪ تيز فهم ذهن جو مالڪ آهي. کيس فرانس جي ڇوڪرن واري اسڪول ۾ موڪليو ويو. سندس جسم سنهڙو ۽ نٻل هو ۽ اها حالت مرڻ تائين برقرار رهي. اسڪول بابت هو چوندو هو ته اتي هن “لاطيني ٻولي ۽ فضوليات” کانسواءِ ٻيو ڪجهہ به نه سکيو. ٻه سئو سال گذرڻ باوجود، اسڪول اڃان تائين لاطيني ۽ فضوليات ئي پڙهائي رهيا آهن؛ لاطيني ته ساڳي آهي، بس فضوليات جو قِسم بدلجي ويو آهي.

​هُو ٻين ٻارن وانگر نه هو. کيس راندين ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. جڏهن ٻيا ٻار راندين ۾ مصروف هوندا هئا، هو پنهنجي استادن (پادرين) سان گفتگو ۾ محو هوندو هو. جڏهن کيس راندين ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته هُو چوندو هو: “هر ڪنهن کي پنهنجي پسند جي رستي تي هلڻ گهرجي.” هڪ استاد کيس ڏسي چيو هو، “هي ڇوڪرو دنيا جي وڏن سوالن کي پنهنجي ننڍڙي ترازوءَ ۾ تورڻ چاهي ٿو.” اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي هن شعر لکڻ شروع ڪيا هئا. اهي شعر، يقينن، سندس پوئين عمر واري شاعريءَ وانگر روان، پختا ۽ تيز فهم ته نه هئا، پر تنهن هوندي به انهن ۾ اهڙي اميد ۽ نواڻ هئي جو استادن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتائين. هڪ استاد، جيڪو هن کي ناپسند ڪندو هو، تنهن ٻار جي هڪ تيز جواب تي کيس چيو هو: “او جادوگر! تون هڪ ڏينهن فرانس ۾ ‘ديئزم’ (فطرتي مذهب) جو علمبردار بڻبين.” جڏهن هو لڳ ڀڳ پندرهن سالن جي عمر ۾ اسڪول مان واپس آيو ته سندس پيءُ کيس هڪ وڪيل بنائڻ جو فيصلو ڪيو. هُن پنهنجي پٽ لاءِ اهوئي پيشو چونڊيو، جيڪو سندس پنهنجو هو، جيئن اڪثر پيءُ ڪندا آهن، پر والٽيئر جي شاعريءَ جي شروعاتي لڳاءُ کيس لکڻ جو چسڪو لائي ڇڏيو هو، تنهنڪري هن ضد ڪيو ته هو پيءُ جي نقشِ قدم تي هلڻ جي بدران پنهنجي زندگي ادب لاءِ وقف ڪندو. سندس پيءُ ان ڳالهه تي ڪڏهن به راضي نه ٿيو. هن چيو: “ادب اهڙي ماڻهوءَ جو پيشو آهي، جيڪو سماج لاءِ بيڪار، مٽن مائٽن تي بار ۽ بُک مرڻ چاهيندو هجي.” پر والٽيئر جو پيءُ به هڪ ‘جينيئس’  کي عام وڪيل نه بڻائي سگهيو. هڪ سٺو وڪيل بنجڻ لاءِ اهڙو ذهن گهرجي، جيڪو قديم مثالن جو احترام ڪري، ماضيءَ جي روايتن آڏو ڪنڌ جُهڪائي ۽ فوت ٿي ويلن جي حِڪمت ۽ پوترتائي تي ويساھہ رکي. والٽيئر وٽ ذهانت هئي، تخيل هو ۽ شاعري هئي ۽ اهي تحفا هميشه قانون جي پيشي سان ميل نه کائيندڙ رهيا آهن ۽ رهندا.

جڏهن هو قانون جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو، تڏهن به هو شعر لکندو رهندو هو؛ اهڙا شعر جيڪي مذهبي اعتبار کان گستا خانا، بيباڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن طنزيه هئا. هُو انهن خوشين جي به تلافي ڪري رهيو هو،  جيڪي هن پنهنجي ننڍپڻ ۾ وڃائي ڇڏيون هيون ۽ پنهنجي دوستن سان گڏ ڀرپور وقت گذاريندو هو. پنهنجي جوانيءَ جي ڪنهن معاملي جي ڪري سندس پيءُ کيس ‘ڪين’ شهر موڪلي ڇڏيو، جتي جيتوڻيڪ هو هڪ طرح جي نظربنديءَ ۾ هو، پر اتي به هن پنهنجي ذهانت سان شهر جي اعليٰ طبقن کي متاثر ڪري ورتو. سندس پيءُ، پٽ جي اها ذهانت ڏسي کيس نياپو موڪليو ته “جيڪڏهن هو گهر واپس اچي وڃي ته هُو کيس حڪومت ۾ هڪ سٺي عهدي تي ويهاريندو.” والٽيئر جواب ڏنو: “منهنجي پيءُ کي چئجو ته مون کي اهڙو ڪوبه عهدو نه گهرجي،  جيڪو پئسن سان خريد ڪري سگهجي. مان پنهنجي لاءِ پاڻ جڳهه ٺاهيندس، جنهن جي ڪابه قيمت نه هوندي.”

​پنهنجي پوئين زندگيءَ ۾، مشهور ڊراما نگار موليئر بابت لکڻ دوران هن چيو هو: “انهن سڀني ماڻهن جن  فنون لطيفه ۾ نالو ڪمايو آهي، اهو ھنن پنهنجي مائٽن جي مخالفت جي باوجود ڪري ڏيکاريو آهي. فطرت هميشه تعليم کان وڌيڪ طاقتور رهي آهي.” هن وڌيڪ چيو ته: “مون جلد ئي اهو سمجهي ورتو هو ته انسان نه پنهنجي جذبي جي باھہ کي روڪي سگهي ٿو ۽ نه ئي پنهنجي مقدر سان وڙهي سگهي ٿو.” والٽيئر انهن ڳالهين جي حڪمت جو هڪ زنده مثال آهي. عام طور تي انساني فطرت معمولي هوندي آهي، پر جڏهن فطرت ڪنهن کي حقيقي انسان بنائڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته اها کيس پنهنجي خاص اوزارن سان سينگاري ٿي ۽ کيس پنهنجي ئي اسڪول ۾ تعليم ڏئي ٿي.

سندس پيءُ کيس هالينڊ ۾ هڪ عهدو وٺي ڏنو، جتي هن وڌيڪ شعر لکيا ۽ کيس عشق ٿي پيو يا گهٽ ۾ گهٽ هن ائين سمجهيو، جنهن جو نتيجو هڪڙو ئي نڪتو. کيس پنهنجي محبوبه سان ملڻ کان روڪيو ويو. جڏهن هن لڪي ڇپي ساڻس ملاقات ڪئي ته ان ڇوڪريءَ ڏاھپ کان ڪم وٺندي، اهو نتيجو ڪڍيو ته هن رشتي جو مستقبل غير يقيني آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري وٺجي. قدرتي طور تي هن سنگين معاملي نوجوان والٽيئر جي ذهن تي گهرا اثر ڇڏيا. هن محسوس ڪيو ته هاڻي زندگيءَ ۾ ڪجهه به ناهي بچيو، تنهنڪري هن دل جي تسليءَ لاءِ پاڻ کي مڪمل طور ادب جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن نهايت سنجيدگيءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ چوراسي سالن جي عمر ۾ پنهنجي وفات تائين ڪڏهن به قلم نه روڪيائين. جيڪڏهن هن جي ان ڇوڪريءَ سان شادي ٿي وڃي ها ته پوءِ، پر اهڙن خيالي فرضن تي بحث ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟

​1715ع ۾ لوئي چوڏهين وفات ڪئي. سندس دورِ حڪومت شاندار به هو ته بدعنوان ۽ عياش پڻ. عوام بکايل ۽ بي چين هو؛ جڏهن ته امير طبقو ظالم ۽ مغرور هو. پنهنجي آخري سالن ۾ بادشاھہ فرانس جو مطلق العنان حاڪم هو، پر اصل ۾ مٿس هڪ عورت ۽ هڪ پادريءَ جي حڪمراني هئي. بادشاهه جي موت جي خبر عوام ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. نوجوان والٽيئر به جنازي جي ان اجتماع ۾ موجود هو. اهو جنازو سوڳ جي ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن خوشيءَ جي ميلي جهڙو وڌيڪ لڳي رهيو هو.

​هن وقت تائين والٽيئر پنهنجي تيز جُملن، شاعريءَ ۽ بيباڪيءَ سبب مشهور ٿي چڪو هو. پئرس جا وڏا وڏا ايوان هن لاءِ کُلي ويا هئا. هو پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪجهه به رهيو هجي، پر هو ڪڏهن به “بيزار ڪندڙ” نه هو ۽ دنيا بيوقوفيءَ کانسواءِ انسان جي لڳ ڀڳ هر غلطي کي معاف ڪري ڇڏيندي آهي. پنهنجي جوانيءَ واري دور ۾ فرانس ۾ لکيل اڪثر تيز طنزيه جملن ۽ حويليءَ جي قصيدن جو ذميوار والٽيئر کي ئي قرار ڏنو ويندو هو. هڪ نهايت سخت ۽ ناپسنديده طنز لکڻ جي الزام ۾ کيس Sully-Sur-Loire ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. اتي جي ميزبانن کي هڪ بهترين مهمان طور مليو ۽ هو جلد ئي اتان جي سماج جو پسنديده شخص بڻجي ويو. هن لکيو هو: “سولي ۾ رهڻ ڏاڍو وڻندڙ هجي ها، جيڪڏهن مون کي اتان وڃڻ جي اجازت هجي ها.” هن پنهنجو وقت شڪار ڪرڻ، محفلن ۽ شعر و شاعريءَ ۾ گذاريو. پنهنجي شعرن ۽ تيز جملن ذريعي هو خوشامد ڪرڻ به ڄاڻندو هو، جڏهن کيس لڳندو هو ته ان سان سندس مقصد پورو ٿيندو؛ ۽ ائين ئي خوشامد جي ذريعي سندس جلاوطني ختم ٿي ۽ هو لڳ ڀڳ هڪ سال جي غيرحاضريءَ کانپوءِ واپس پئرس موٽي آيو. پئرس موٽڻ کان فورن پوءِ حڪومت تي هڪ سخت تنقيد سامھون آئي. جيتوڻيڪ والٽيئر اها تحرير نه لکي هئي، پر تڏهن به الزام مٿس ئي مڙهيو ويو. ان وقت هو پنهنجي پهرين ڊرامي تي ڪم ڪري رهيو هو، جيڪو منظور ٿي چڪو هو ۽ ٿيئٽر ۾ ان جي ريهرسل هلي رهي هئي؛ پر انهن گمنام شعرن جي ڏوھہ ۾، جيڪي هن نه لکيا هئا، کيس “بستيل” جي جيل ۾ موڪليو ويو. قيد جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن هڪ رسيد تي صحيح ڪئي، جنهن ۾ هن کي “هومر جا ٻه جلد، ٻه انڊين رومال، هڪ ننڍڙي ٽوپي، ٻه ڪراوٽ (ڳٽي بند)، هڪ رات جي ٽوپي ۽ لونگن جي عرق جي هڪ شيشي” ملي هئي. جيل ۾ کيس قلم ۽ مس حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو، جنهن جي کيس سڄي زندگي ٻي ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ ضرورت رهي هئي، پر انهن شين جي غير موجودگيءَ ۾ به هن هڪ نئون ڊرامو لکڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي ذهن ۾ ڊرامي جا پورا بند محفوظ ڪري سگهندو هو. جيئن “فريڊرڪ اعظم” چيو هو ته: “هن جو جيل سندس شاعريءَ جو مڪان بڻجي ويو.” والٽيئر نه پهريون شخص هو ۽ نه ئي آخري، جنهن هڪ جيل کي شهرت جي ايوان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جيل رڳو جسم کي قيد ڪري سگهي ٿو، پر ڇا اهو ذهن تي به اثر انداز ٿئي ٿو، ان جو دارومدار مڪمل طور تي انسان جي پنهنجي سوچ تي هوندو آهي. جيل ۾ رهڻ دوران ئي هن پنهنجو اهو نالو تبديل ڪيو، جيڪو کيس سندس پيءُ ڏنو هو، يعني “آروئي” ۽ اهو نالو اختيار ڪيائين، جنهن کيس سڄي دنيا ۾ مشهور ڪيو: “والٽيئر.” هن چيو هو: “مان پنهنجي پهرين نالي سان تمام بدقسمت رهيو آهيان. مان ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڇا هي نئون نالو ڪا وڌيڪ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو.” سندس شعرن جلد ئي “ريجنٽ” يعني قائم مقام حاڪم جي دل ۾ رحم پيدا ڪيو، جنهن کيس لکيو ته: “سمجھداري اختيار ڪر، مان تنهنجي سنڀال ڪندس.” والٽيئر جواب ڏنو: “مان توهان جي مهربانيءَ تي نهايت خوش ٿيندس، جيڪڏهن توهان منهنجي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪندا، پر منهنجي رهائش (جيل) لاءِ وڌيڪ تڪليف نه ڪريو.” هڪ سال کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو، پر چاهي هو جيل جي ديوارن پٺيان هجي يا يورپ جي عياش ترين دربارن ۾، هو هميشه سچ ۽ آزاديءَ جي دشمنن تي پنهنجي تيز، ذهين ۽ طنزيه جملن جا تير هلائيندو رهيو.

جڏهن والٽيئر چوويهن سالن جو هو ته سندس پهريون ڊرامو “ايڊيپ” پئرس ۾ اسٽيج ڪيو ويو. سندس شعرن ۽ تيز جملن کيس اڳ ئي سڄي گاديءَ واري شهر ۾ مشھور ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري پئرس جي معزز ۽ دانشور طبقي جي وڏي انگ هن ڊرامي کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ڏٺو. هي ڊرامو لڳاتار چاليهه راتيون هليو، جنهن والٽيئر کي فوري طور تي هڪ مشهور ڊراما نگار بڻائي ڇڏيو؛ اها شهرت سندس آخري ڏينهن تائين برقرار رهي. هن ڊرامي ۽ سندس شروعاتي لکڻين کيس سرڪاري پينشن ڏياري، پر جيئن ته اڪثر ٿيندو آهي، اها پينشن سندس زبان کي خاموش نه ڪري سگهي. پينشن طاقتورن جي مهرباني هوندي آهي، جيڪا ڪنهن به عظيم ذهن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. انساني تاريخ ۾ اهڙا تمام گهٽ ماڻهو پيدا ٿيا آهن،  جيڪي والٽيئر وانگر انهن لالچن جو شڪار نه ٿيا هجن. والٽيئر لاءِ نام نهاد “اشرافيه سماج” جا دروازا هميشه کليل هئا. کيس رڳو حڪمرانن جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪرڻي هئي ته جيئن هو عيش ۽ آرام واري زندگي گذاري سگهي، پر هن ھميشه ان کان انڪار ڪيو. هُو پنهنجي رستي تي هلندو رهيو، ڊراما لکندو رهيو، پنهنجا تيز، بيباڪ ۽ مذهب کان هٽيل شعر پڙهندو رهيو. هو پوليس ۽ جيلن کان بچڻ لاءِ نت نوان طريقا ڳوليندو هو، جن ماڻهن کي هو حقير سمجهندو هو، انهن جي خوشامد به ڪندو هو ۽ ائين هو اڪثر ڪري جيل کان ٻاهر رهڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. آخرڪار چوراسي سالن جي وڏي عمر ۾ هن وفات ڪئي. هن پنهنجي لکڻين جو گهڻو حصو بستري تي ويهي مڪمل ڪيو. هو هميشه جسماني طور ڪمزور ۽ بيمار رهيو، کيس پنهنجو تمام گهڻو خيال رکڻو پوندو هو. هو هميشه موت جي پاڇي ۾ زندگي گذاريندو هو، پر تنهن هوندي به هو هڪ لمحي لاءِ به واندو نه ويهندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس خوف هو ته ڪٿي سندس ڪم اڌورو نه رهجي وڃي. شايد ئي ڪنهن ٻئي انسان ڪليسا ۽ رياست تي اهڙي تيز فهمي ۽ ذهانت سان حملا ڪيا هجن، جهڙا والٽيئر ڪيا، پر ان سڀ جي باوجود، هو هڪ آرامده زندگي گذارڻ، دولت گڏ ڪرڻ ۽ امن سان مرڻ ۾ ڪامياب ويو.

​والٽيئر پنهنجي ٻين صلاحيتن سان گڏ هڪ ماهر واپاري به هو. ان ڪري سندس سوانح نگارن ۽ دشمنن مٿس تنقيد به ڪئي آهي، جتي هو پنهنجي دوستن لاءِ نهايت سخي هو ۽ ڪنهن به اهڙي مقصد لاءِ پنهنجو وقت ۽ پئسا قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو، جيڪو عوام ۾ مقبول نه هجي، اتي هو ڪاروباري معاملن ۾ تمام گهڻو سخت هو ۽ سودي بازي ڪندي ڪڏهن به نقصان نه کائيندو هو. ڪوبه بت شڪن سخت تنقيد کان بچي نٿو سگهي. جيڪڏهن هو غريب هجي ته چيو ويندو آهي ته هو ناڪاميءَ سبب موجوده نظام جي خلاف آهي؛ پر جيڪڏهن هو امير هجي ته چيو ويندو آهي ته هو پنهنجي نظرين سان وفادار ناهي. دنيا هميشه هڪ مصلح کان “ٻٽي معيار” جو مطالبو ڪندي آهي. کيس پنهنجي خوابن مطابق زندگي گذارڻي پوندي آهي، پر ساڳئي وقت دنيا جي روايتن کي به مڃڻو پوندو آهي. انهن ٻنهي معيارن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ۾ انسان اڪثر ناڪام ٿي ويندو آهي. انهن ٻن شين سان وفادار رهڻ تمام ڏکيو آهي، خاص ڪري تڏهن جڏهن نوان ۽ پراڻا معيار پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيا هجن.

والٽيئر زندگيءَ جي رنگينين ۽ نعمتن جو شيدائي هو. کيس خوش گفتار ۽ ذهين ماڻهن جي محفل، شهرت ۽ پنهنجي ذات جي نمائش ڏاڍي وڻندي هئي. هن يورپ جي عظيم درٻارن ۾ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي ڏينهن گذاريا. هو پنهنجي حال کي انهن محفلن جي رنگ ۾ رڱڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر ان سان گڏ هو انهن جي کوکلي پڻي کي به پرکي وٺندو هو. کيس اميرن جي اجائي وڏائي، سندن ظلم ۽ غريبن سان ٿيندڙ ناانصافين کان نفرت هئي. پر ٻه سئو سال اڳ فرانس ۾ زنده رهڻ ۽ پنهنجو ادبي ڪم جاري رکڻ لاءِ کيس شهزادن، پادرين، بادشاهن ۽ بااثر درٻاري عورتن جي سرپرستي حاصل ڪرڻي پوندي هئي. لوئي پندرهين جي درٻار مان لکندي هو چوي ٿو: “هتي رهڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، پر هي جڳهه مفادن سان ڀرپور آهي، هي پڃرو تمام سهڻو ۽ سونهري آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪري ان سون جي سلاخن جي پويان لڪل تلخ حقيقتن کي نه ڏسڻ گهرجي.” هن پنهنجي هڪ ٻئي بيباڪ جملي سبب 1726ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بستيل جي جيل ۾ ڪجهه وقت گذاريو. کيس ان شرط تي معافي ملي ته هُو جيل مان نڪرڻ کانپوءِ سڌو انگلينڊ هليو ويندو. انگلينڊ پهچندي ئي اتي جي شاعرن، فلسفين ۽ سياستدانن والٽيئر کي وڏي عزت ۽ محبت سان خوش آمديد چيو. اِهو اُهو دور هو جڏهن سوفٽ، پوپ، ينگ، گري ۽ والپول جهڙا عظيم نالا برطانوي سر زمين تي پنهنجي علم جي روشني پکيڙي رهيا هئا. نيوٽن پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو ۽ لاڪ جي وفات کانپوءِ سندس فڪري اثر پنهنجو پاڻ مڃائي رهيو هو. والٽيئر پاڻ کي فوري طور تي انگلينڊ جي علمي ۽ سماجي زندگيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. کيس هڪ اهڙو ملڪ ملي ويو هو جتي هڪ انسان آزاديءَ سان پنهنجا سچا خيال لکي، چئي ۽ ڇپائي سگهيو ٿي. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو پنهنجي “خوابن جي سر زمين” تي پهچي ويو هجي. انگلينڊ جي دانشورن مٿس پنهنجي سوچ جا اثر ڇڏيا ۽ رڳو ڇهن مهينن جي اندر هن انگريزي ٻوليءَ تي ايتري مهارت حاصل ڪري ورتي، جو هو ان ۾ هڪ مقامي ماڻهوءَ وانگر رواني سان ڳالهائي ۽ لکي سگهيو پئي. اتي هن “ڪُويڪرز” (ھڪ مذهبي تنظيم جي ماڻهن) سان ملاقات ڪئي، سندن مذهب جو مطالعو ڪيو ۽ انهن جي سادگي ۽ برداشت واري جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. جڏهن والٽيئر هڪ ڪويڪر کان پڇيو، “ڇا! توهان وٽ ڪي پادري ناهن؟” ته کيس جواب مليو، “نه دوست، اسان انهن جي بغير به تمام سٺي نموني گذارو ڪري وٺون ٿا.”

…(هلندڙ)…

***