پاڪستان ڪنهن ٺاهيو؟
گريٽ گيم ۾ برطانوي اسٽيبلشمينٽ جو ڇا ڪردار هو؟
پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل
(حصو ٻيون)
محمد بن قاسم جي حملي کان پهرين به عرب تجارت لاءِ هندستان اچي چڪا هئا، انهن مان هڪ شيخ عبدالله به هو جيڪو مدينه جو تاجر هو ۽ حضرت ابو بڪر رضه جو مائٽ به هو شيخ عبدالله موجوده هندستان جي جزيري لڪشاديپ ۾ ڪاروبار ۽ مذهب جي تبليغ لاءِ آيو هو، لڪشاديپ اڄ ڪيرلا رياست جو حصو آهي. ايندڙ صدين ۾ گهڻا ئي عرب هندستان ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ائين اسلام هندستان جي ثقافت جو حصو ٿي ويو ۽ مجموعي طور تي هندستان ۾ هندو ۽ مسلمان خوشي خوشي رهندا هئا، بلڪه هندستاني ثقافت هڪ منفرد تهذيب ٿي سامهون آئي، جنهن تي هندو مذهب ۽ اسلام مذهب جو اثر ٿي چڪو هو، گهڻيون ئي ريتون رسمون انهي ٻن قومن هڪ ٻي جي مذهب مان ورتيون، بلڪه جڏهن مندر ٺاهيو ويندو هو ته مسلمان ان ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ وري جڏهن مسلمان مسجد تعمير ڪندا هئا ته هندو مسلمانن جي مالي ۽ جاني مدد ڪندا هئا. هندستان ڏانهن عرب مسلمانن جو اچڻ ۽ هتي اچي آباد ٿيڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته هندستان ۾ انهن کي عزت ۽ پيار ملندو هو ۽ هتي نفرت نالي ڪا شي نه هئي، جنهن جي ڪري مسلسل مسلمان عرب ايران ۽ افغانستان کان هندستان ايندا رهيا.
اٺين صدي عيسوي کان وٺي ارڙهين صدي عيسوي تائين مسلسل مسلمان جرنيلن ۽ بادشاهن هندستان تي يلغار ڪئي آهي، جنهن ۾ مذهب جي نالي تي مقامي هندستان جي هندن جو استحصال ڪيو ۽ دولت کي هٿ ڪيو.
محمود غزنوي جنهن غزنوي سلطنت جو بنياد رکيو، هن هندستان جي پنجاب ۽ گجرات کي فتح ڪيو. گجرات ۾ هن جي سومناٿ جي فتح مشهور ٿي هئي، جنهن ۾ هن هندن جي مقدس مورتين کي ٻه ٽڪر ڪيو ۽ مندر کي لُٽي اتان جي دولت کڻي ويو، غزنوي جي هندستان تي ڪاھ ۽ لاهور کان وٺي گجرات تائين هن جي مهم جا ته سڀئي مورخ قائل آهن، پر سومناٿ مندر واري قصي جي باري ۾ هندستان جا ڪجھ تاريخدان شڪ جو اظهار ڪن ٿا ته شايد واقعو ائين نه ٿيو هجي، جيئن مشهور ڪيو ويو آهي. بهرحال! غزنوي کان پوءِ غورين هندستان تي قبضو ڪندي غزنوي سلطنت جو خاتمو آندو. غوري سلطنت جو ملٽري جرنل بختيار خلجي بنگال ۾ پنهنجي سلطنت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ پوءِ هن جي قتل ٿيڻ کانپوءِ پوءِ سلطنت ڪمزور ٿيندي وئي ۽ پوءِ بنگال جي سلطنت کي دهلي سلطنت ۾ ضم ڪيو ويو، ان کان پوءِ مملوڪ، تغلق، لوڌين ۽ مغلن دهلي سلطنت تي پنهنجي پنهنجي وقت تي سلطنتون قائم ڪيون ۽ پوءِ آخر ۾ مغلن پاڻي پت جي جنگ ۾ دهلي ابراهيم لوڌي کي شڪست ڏئي مغل سلطنت جو بنياد رکيو.
يارهين صدي عيسوي کان وٺي سورهين صدي عيسوي تائين هندستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ مسلمان حڪمران هڪ ٻي سان وڙهندا رهيا ۽ انهن جو مقصد ڪو نيڪ نه هو ۽ نه عام انسانن جي ڀلائي ڪرڻ انهن جو مقصد هو، بلڪه اهي سڀئي بادشاھ تخت ۽ تاج جي لالچ ۾ هڪ ٻي جو خون ڪندا رهيا. انهي سڄي دور ۾ مغلن جو اڪبر بادشاھ ئي واحد بادشاھ گذريو، جنهن عام انسانن لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيو پئي. اڪبر جي ڪوشش هئي ته هو هندستان ۾ هندن ۽ مسلمانن جو اتحاد قائم ڪرائي سگهي ۽ ڪافي حد تائين هو ان ۾ ڪامياب به ويو.
هندستان ۾ جڏهن تخت ۽ تاج لاءِ مسلمان هڪ ٻي سان جنگون وڙهي رهيا هئا ته ٻي طرف درويش صوفي به پنهنجو ڪم رهيا هئا، جن جو مقصد صرف انسانيت هو ۽ انهن جي قائم خانقاهن ۾ هر ماڻهو ايندو هو ۽ فيضياب ٿيندو هو. هندستان ۾ قائم خانقاهن ۾ جڏهن لنگر لڳندو هو ته اتي موجود هر انسان جي بغير ڪنهن مذهبي تعصب جي خدمت ڪئي ويندي هئي. حڪومتي سطح ته ڪجھ به هو، پر عام ماڻهن جي اڪثريت پرامن ۽ محبت سان رهندي هئي. هندو مسلمانن جي جذبن جو قدر ڪندا هئا ته مسلمان هندن جي مذهب جو احترام ڪندا هئا. ڀڳتي تحريڪ جي ڪبير جو مقصد به هندستان ۾ مسلمان ۽ هندن وچ ۾ اتفاق ۽ محبت ڪرڻ هو. ڀڳتي تحريڪ هندستان ۾ ايڪو پيدا ڪيو ۽ هن تحريڪ ۾ مسلمان به شامل هئا ۽ هندو به جنهن گڏجي نفرتن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسان جنهن وقت جي ڳالھ ڪري رهيا آهيون، ان وقت ظاهر آهي ته ميڊيا نالي ڪا شي نه هئي ۽ نه جديد رياست جو ڪو تصور هو، ان وقت هندستان مختلف رياستن ۾ ورهايل هو ۽ هتي مختلف مذهبن جا ماڻهو آباد هئا، جنهن مان هندو ۽ مسلمانن جي اڪثريت هئي ۽ انهي ٻنهي قومن ۾ ننڍا وڏا نظرياتي اختلاف ته هئا، پر دشمني نه هئي ۽ نه اهي هڪ ٻئي کي پنهنجو ازلي دشمن سمجهندا هئا (جيئن اسان کي 1940 کان پوءِ نظر آيو) ڇو ته انهن کي هڪ ٻي سان رهڻ جي عادت ٿي چڪي هئي، ان جو سبب اهو هو ته هندو مسلمان کي هڪ ئي ملڪ اندر صديون گذري چڪيون هيون، ٻئي هڪ ٻي کي ئي ساڳئي ملڪ جا شهري سمهجندا هئا، پر جڏهن ڪمپني جي حڪومت آئي ۽ خاص ڪري جڏهن 1857 جي بغاوت ٿي ته برطانيا ۽ ان جي اسٽيبلشمينٽ نه پئي چاهيو ته هندو مسلمان اتحاد برقرار رهي، ڇو ته اهو اتحاد انهن جي مفاد ۾ نه هو. برطانيا ڪڏهن به ڪانگريس جيڪا هڪ لبرل انڊين قومپرست ۽ سيڪيولر پارٽي هئي، ان کي برداشت نه ڪيو. ڪانگريس جڏهن به اتحاد قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي برطانوي اسٽيبلشمينت ان اتحاد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪانگريس پنهنجي سيڪيولر نظرئي تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ۽ نه ان جو نظريو ڪو اسلام يا مسلمانن جي خلاف هو. ڪانگريس هر ان شخص کي پارٽي اندر قبول ڪيو، جيڪو انڊين نيشنلزم جو حامي هو. ڪانگريس ان وقت سڀني هندستان جي ماڻهن جي بنيادي حقن جي ڳالھ ڪري رهي هئي، جيڪو ڪراچي کان وٺي پشاور تائين ۽ پشاور کان وٺي ممبئي تائين جي هر عام ماڻهو جي مفاد ۾ هو، پر انگريز ڪانگريس جي هن اتحاد کي جنهن ۾ مسلمان به هئا، سِک به ۽ هندو به ان کي پسند نه ڪيو ۽ اهڙي پاليسون متعارف ڪرايون، جنهن سان نه چاهيندي به معاشري ۾ ورهاست پيدا ٿي. ٻي طرف گانڌي مسلمانن سان گڏجي تحريڪ خلافت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن برطانوي اسٽيبلشمينٽ کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته گانڌي جو خلافت تحريڪ ۾ مسلمانن سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ مسلمان هندو اتحاد جو عظيم مثال هو. ان کان پوءِ گانڌي پاران تحريڪ عدم تعاون شروع ڪئي وئي، جنهن ۾ هندستاني ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي هئي ته اهي برطانوي حڪومت سان ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪن. هن تحريڪ کي زبردست موٽ ملي. انهي تحريڪ کان پوءِ گانڌي جو سياسي عروج شروع ٿيو. گانڌي جي ڪامياب تحريڪ کي برطانيا پسند نه ڪيو، برطانوي اسٽيبلشمينٽ هن کي خطرو سمجهيو. ياد رکڻ کپي ته برطانيا جي حڪومت گانڌي کان نفرت ڪندي هئي، ڇو ته ڪانگريس برطانوي مفاد جي اڳيان اعلان بغاوت ڪيو هو. ڪانگريس کي منهن ڏيڻ لاءِ آل انڊيا مسلم ليگ ته ميدان ۾ هئي، پر هو مڪمل بي جان هئي ۽ ڪانگريس جهڙي مضبوط پارٽي اڳيان ان جو قد نه هجڻ جي برابر هو.
1857 جي بغاوت کان پوءِ جڏهن هندستان مڪمل طرح سان تاج برطانيا جي قبضي هيٺ اچي ويو هو ته هندستان تي سياسي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ برطانيا انٽيليجنس ايجنسي کي هندستان ۾ فعال ڪيو ۽ هندستان جي اهم سياسي ليڊرن سان خفيه رابطا پڻ شروع ڪيا. برطانوي خفيه ايجنسي جي ماڻهن جو حدف اهي سياسي ماڻهو هئا، جيڪي ڪانگريس جي سياسي سوچ سان اختلاف رکندا هئا.
1905 ۾ متحده بنگال کي تقسيم ڪري ان کي مسلم ۽ هندو بنگال ۾ تقسيم ڪيو ويو. بنگال جي تقسيم مان ان وقت جي هندستان جي سڀني سياستدانن هن کي “ورهايو ۽ حڪومت ڪيو” جي پاليسي طور بيان ڪيو ۽ ڪنهن حد تائين اهو صحيح به هو ڇو ته برطانوي حڪومت بنگال جي نواب سليم الله کي مسلسل اهو مشورو ڏئي رهي هئي ته هو مسلمانن لاءِ هڪ سياسي پارٽي جو بنياد رکي. نواب آف بنگال شروعات ۾ ته بنگال جي ورهاست کي مڪمل رد ڪيو، پر برطانوي لقبن ۽ اعزاز ملڻ جي ڪري بعد ۾ بنگال جي ورهاست تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي ۽ 1906 ۾ نواب صاحب وائسراءِ هندستان لارڊ ڪرزن جي مشوري تي آل انڊيا مسلم ليگ جو بنياد رکيو. جنهن جلسي ۾ مسلم ليگ جو بنياد رکيو ويو، اهو احسان منزل تي ڪيو ويو هو، ڇو ته احسان منزل نواب آف بنگال جي اوطاق هئي. ياد رکڻ گهرجي تي ان وقت جناح ڪانگريس ۾ وڃي چڪو هو ۽ هن مسلم ليگ جي نظرئي ۽ بنياد تي تنقيد پڻ ڪئي هئي. مسلم ليگ ۾ جيڪي به ماڻهو شامل ٿيا هئا، اهي سڀ برطانيا جا نوازيل ماڻهو هئا ۽ جاگيردار پڻ هئا. انهن جو سياسي نظريو برطانيا جي حق ۾ هو ۽ انهن ڪڏهن به راج تي تنقيد نه ڪئي هئي، بلڪه برطانوي مفاد جو تحفظ ڪيو. تنهنڪري انهن کي نواب، سر ۽ خان بهادر جا لقب ڏنا ويا هئا. مولانا آزاد پنهنجي ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ ۾ لکيو آهي ته مسلم ليگ جي سياسي شروعات عام ماڻهو يا قومي خدمت جي لاءِ نه ڪئي وئي هئي، بلڪه برطانيا سان وفاداري ظاهر ڪري انهن کان فائده وٺڻا هئا. جڏهن ته ٻي طرف ڪانگريس سڀني کان اڳ ڪراچي لاهور ممبئي ۽ دهلي جي عام ماڻهو جي وڪالت ڪندي هئي. ڪانگريس جي بنيادي جدوجهد اها ئي هئي ته انگريز هندستان کي هتان جي ماڻهن کي ڏئي هليا وڃن ۽ ڪنهن حد تائين اهو ساڳيو موقف جناح صاحب جو به هو، جيڪو ان وقت ڪانگريس ۾ هو، پر مسلم ليگ جي وجود ۾ اچڻ جي مخالفت ڪانگريس نه ڪئي هئي، ڇو ته مسلم ليگ نوابن جي پارٽي هئي ۽ ان جو هندستان جي عام ماڻهو سان ڪو واسطو نه هو، مطلب ته مسلم ليگ گراس روٽ جي پارٽي نه هئي.
جناح صاحب جي عوامي سياست گهڻو بعد ۾ شروع ٿي. پهرين هو ڪانگريس ۾ به رهيو ۽ مسلم ليگ ۾ به، پر عملي طور متحرڪ نه ٿي سگهيو، پر پنهنجي تقريرن ۽ بيانن جي ڪري پاڻ ڏانهن توجهه ضرور ڇڪرائيندو رهيو. جڏهن هو ڪانگريس ۾ رهيو ته هن پارٽي جي صدر دادا ڀائي نوروز جي سيڪرٽري طور به ڪم ڪيو ۽ هن جي دوستي گوپال ڪرشنا گوکلي ۽ بال گنگا ڌر تلڪ سان به ٿي. جناح صاحب جڏهن ڪانگريس ۾ رهيو ته ان وقت انهن جو سياسي نظريو ۽ يقين بلڪل ٻيو هو، جيڪو هن ايندڙ سالن ۾ اختيار ڪيو. جناح صاحب شروعاتي دور ۾ مسلم ليگ جي وجود جو به مخالف هو ۽ مسلمانن لاءِ الڳ انتخابي نظام جو به مخالف هو (اليڪشن ۾ الڳ انتخابي نظام ايندڙ وقت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهو برطانوي حڪومت جو هندو مسلم تقسيم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو. جيئن انهن ۾ اتحاد نه ٿي سگهي)، پر افسوس ته جناح صاحب پنهنجي موقف کان پري ٿيندي ان جو وڏو داعي ٿي ويو.
جناح صاحب 1920 تائين ڪانگريس ۾ به رهيو ۽ مسلم ليگ جو رڪن به رهيو. هن 1914 کان وٺي 1916 تائين پنهنجي سياسي زندگي جو اهم ترين وقت گذاريو، جنهن ۾ جناح صاحب ڪانگريس سان گڏجي مسلمانن ۽ هندن ۾ اتحاد لاءِ ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ لکنو معاهدو ٿيو، جيڪو هڪ تاريخي معاهدو هو. معاھدي کان اڳ انڊين ڪونسلر ايڪٽ 1909 اچي چڪو هو، جنهن کي منٽو مارلي اصلاحاتون به چيو ويندو آهي. جنهن ۾ اهم شي اها هئي ته مسلمانن کي الڳ انتخابي نظام ۾ رکيو وڃي. مطلب ته مسلمانن جي اڪثريت واري علائقن ۾مسلمان اميدوار کي مسلمان ئي ووٽ ڪري سگهندا. برطانيا جو مذهب جي بنياد تي الڳ ووٽنگ سسٽم اهو ظاهر پيو ڪري ته انهن کي اندازو هو ته هندستان جي اتحاد کي مذهب جي نالي تي تقسيم ڪري سگهجي ٿو. شروعات ۾ جناح صاحب الڳ انتخابي نظام جي مخالفت ڪئي، پر جڏهن جناح صاحب پاڻ انهي سرشتي ذريعي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو ته پوءِ الڳ انتخابي نظام جو وڏو حامي ٿي ويو ۽ پوءِ هن کي لکنو معاهدي جو حصو پڻ ڪيو ويو. الڳ انتخابي نظام لاءِ 1906 کان وٺي غور هلي رهيو هو، جنهن تي برطانوي حڪومت مختلف رخ کان سوچي رهي هئي، انهن اصلاحاتن کي ۽ بنگال جي مذهب جي نالي تي تقسيم کي گڏ ڪري ڏسبو ته صورتحال سمجھ ۾ اچي ويندي ته جيڪي قانوني سڌارا ڪيا ويا ۽ خاص ڪري ان ۾ الڳ انتخابي نظام رکيو ويو ته ان جو اصل مقصد ڇا هو. الڳ انتخابي نظام تقسيم جو بنياد ئي هو ڇو ته انهن علائقن ۾ جٿي مسلمان اقليت ۾ هئا، انهن جي ووٽ جي اهميت ختم ٿي وئي ۽ اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جو بنياد ختم ٿي ويو ۽ مذهبي شناخت ان جي جائي ورتي، جيڪو هندستان ۾ نئون مسئلن جو بنياد ٿيڻو هو، پر اتحاد کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪانگريس الڳ انتخابي نظام کي قبول ڪيو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ميثاق لکنو کي قبول ڪيو وڃي، جنهن دور ۾ جناح صاحب ميثاق لکنو تي ڪانگريس سان اتحاد ڪري چڪو هو ان وقت ڪجھ مسلمانن معاهدي تي اعتراض ڪيو، جنهن تي جناح صاحب واضح پيغام ڏنو ته اهو ممڪن ئي نه ناهي جو هندستان ۾ آباد ڪروڙين مسلمان هندو اڪثريتي حڪومت جي رحم و ڪرم تي ڇڏجن. محمد علي جناح چيو ته هندستان جي حڪومت مسلمانن کان پري رهي ڪنهن به وڏي فيصلي ڪرڻ جي جرت نه ٿي ڪري سگهي، ڇو ته مسلمانن جي آبادي به ڪروڙن ۾ آهي ۽ جيڪر انهن مٿان ڪو اهڙو فيصلو نافذ ڪيو ويو، جيڪو انهن جي مذهب يا ثقافت جي خلاف هوندو ته مسلمان ان فيصلي کي قابل عمل نه سمجهندا. مطلب ته جناح صاحب هندو بالادستي واري خيال ۽ تصور کي جيڪو ڪجھ ماڻهن جي ذهنن ۾ هو يا جنهن سان تقسيم پيدا ٿئي پئي ان کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو، جناح صاحب جو اهو چوڻ سو سيڪڙو درست هو. بهرحال! ميثاق لکنو ڪنهن به لحاظ کان برطانوي مفادات جي حق ۾ نه هو ۽ ان وقت پهرين جنگ عظيم به هلي رهي هئي، ان لاءِ اهو نافذ نه ٿي سگهيو.
پهرين جنگ عظيم دوران هندستان جي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ اتحاد ڪري لکنو معاهدو پيش ڪيو، جنهن کي نظرانداز ڪندي 1919 ۾ مانٽيگو چيلمسفورڊ جي اصلاحاتن کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1919 جي ذريعي نافذ ڪيو ويو، 1919 جي انڊين ايڪٽ ۾ به مذهبي ورهاست کي واضح ڪيو ويو هو، ان سان گڏوگڏ امپريل ليجسليٽيو اسيمبلي ۾ تبديلي آڻي ان کي ٻن ايوانن ۾ ٺاهيو ويو، جنهن کي ڪائونسل آف اسٽيٽ ۽ قانون ساز اسيمبلي چيو ويو، جن لاءِ ڪل 145 سيٽون رکيون ويون، جنهن مان 40 انگريزن لاءِ مخصوص ڪيون ويون هيون ۽ صوبائي حڪومتن کي مڪمل گورنر جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو ۽ گورنر سڌو برطانوي حڪومت کي جوابده هو مطلب ته صوبن ۾ به برطانوي ڪنٽرول برقرار رکڻو هو. 1919 جي انڊين ايڪٽ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ايندڙ 10 سالن کان پوءِ وري غور ڪيو ويندو ۽ جائزو ورتو ويندو ته انهن سڌارن جو ڇا فائدو ٿيو، مطلب ته اها گنجائش رکي وئي ته هن کي تبديل يا هن ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. 1919 جي ايڪٽ ۾ مذهبي ورهاست کي واضح ڪيو ويو هو ۽ ان جو فائدو هندستان کي نه ٿيو، صرف انهن جي ميمبرن ۾ اضافو ٿيو، پر اهو به مخصوص شرطن سان هو.
هندستان جي سڀني ليڊرن 1919 ايڪٽ جي مخالفت ڪئي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ فاصلو وڌندو ويو، ڇو ته گانڌي هندستان جي سياست ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو ۽ محمد علي جناح گانڌي سان گڏ نه پيو هلڻ چاهي، جنهن جو سبب سياسي يا نظرياتي نه هو بلڪه ذاتي رنجش ۽ انا جو مسئلو هو. محمد علي جناح گانڌي کان خوامخواهه بدگمان ٿيندو ويو، ڇو ته جناح کي مرڪزي حيثيت کپي پئي جيڪو گانڌي جي هوندي ملڻ ممڪن نه هئي. گانڌي سمجهدار هو هن گهڻا ئي دفعا اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ايتري تائين جو محمد علي جناح کي آفر ڏني ته آزاد ۽ گڏيل هندستان جي پهرين حڪومت توهان ٺاهيو ۽ وزيراعظم ٿيو، پر محمد علي جناح هن آفر کي سازش قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
برطانوي حڪومت هندستان جي انقلابي ماحول تي نظر رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن حڪومت کي محسوس ٿيو ته بغاوت ٿي سگهي ٿي ته رولز ايڪٽ 1919 کي نافذ ڪيو ويو. جنهن ۾ پوليس کي اهو اختيار ڏنو ويو ته هو جڏهن چاهي ڪنهن به هندستاني کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي سگهي ٿي. محمد علي جناح سميت هندستان جي سڀني سياستدانن هن کي ڪارو قانون قرار ڏنو ۽ ڪانگريس شديد رد عمل ڏيندي احتجاج جي ڪال ڏني، جنهن سان هزارين ماڻهو ٻاهر نڪتا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڪجھ جاين تي پوليس لاٺي چارج به ڪيو. پنجاب ۾ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويون ۽ فوج طلب ڪئي وئي. پوءِ به جليان والا باغ جهڙو بدترين واقعو پيش آيو. جنهن ۾ سوين ماڻهو بي رحمي سان قتل ٿيا. جليان والا باغ واقعي تي ڪانگريس اڳواڻن سخت موقف اختيار ڪيو ۽ گانڌي تحريڪ عدم تعاون شروع ڪئي، جنهن برطانوي حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو.
1919 جي مانٽيگو چيلمسفورڊ جي اصلاحاتن جي نتيجي ۾ انڊين ايڪٽ 1919 کي 10 سال جو وقت ٿئي پيو، جنهن لاءِ برطانوي حڪومت قانوني فريم ورڪ ٺاهڻ لاءِ ڪميشن موڪليو، جنهن کي سائمن ڪميشن چيو ويو. ڇو جو هن ڪميشن جي سربراهي سر جان سائمن ڪري رهيو هو. سائمن ڪميشن کي هندستان جي سڀني سياسي ليڊرن ۽ پارٽين رد ڪيو، پر پوءِ به ڪميشن ٻه دفعا هندستان آيو ۽ رپورٽ تيار ڪري برطانوي حڪومت کي ڏني، جيڪا ماڻهن لاءِ عام به ڪئي وئي. سائمن ڪميشن سفارش ڪئي ته هندستان ۾ جلدي هڪ وفاقي حڪومت جوڙي وڃي ۽ صوبائي حڪومت جي وزيرن کي اختيار ڏنا وڃن ۽ رائي شماري لاءِ وڏو دائرو ٺاهيو وڃي ته جيئن گهڻا ماڻهو ووٽ ڪري سگهن. ڪميشن جڏهن رپورٽ برطانيا وڃي حڪومت کي ڏني ته برطانوي حڪومت گول ميز ڪانفرنس سڏرائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪي 1930 کان وٺي 1932 تائين ٿينديون رهيون، جيڪي مڪمل ناڪام ثابت ٿيون. انهي وچ ۾ گانڌي برطانوي حڪومت خلاف احتجاج پڻ ڪرايا، جنهن ۾ لوڻ مارچ ڪيو ويو، جيڪو حڪومت جي گهڻي ٽيڪسن خلاف هو ۽ ٻيو سول نافرماني جي ڪال هئي، جيڪا گانڌي ڏني هئي، گانڌي جو هڪڙو ئي مطالبو هو ته هندستان جو اقتدار هندستان جي ماڻهن کي ڏنو وڃي. گانڌي جي احتجاجن برطانوي حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو، حڪومت ڪانگريس تي پابندي به هڻي ڇڏي ۽ هزارين ماڻهو گرفتار به ڪيا هئا. بهرحال جڏهن حڪومت گول ميز ڪانفرنس سڏرائڻ جو فيصلو ڪيو، پر مسئلو هي هو ته جيڪڏهن ڪانفرنس ۾ هندستان جي سڀ کان وڏي پارٽي ڪانگريس شريڪ نه ٿئي ته ڪانفرنس هڪ طرفه ظاهر ٿيندي. ان لاءِ اهو ضروري هو ته ڪانفرنس ۾ ڪانگريس به شريڪ ٿئي. ان لاءِ برطانوي حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته گانڌي سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ پوءِ ڳالهيون شروع ٿيون ۽ هڪ ٺاھ ٿيو، جنهن کي گانڌي اِرون معاهدو چيو ويو. معاهدو وائسراءِ لارڊ اِرون ۽ گانڌي وچ ۾ ٿيل ڳالھين جي نتيجي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اهو طي ٿيو ته حڪومت ڪانگريس تي پابندي هٽائي ڇڏيندي ۽ سياسي قيدين کي آزاد به ڪيو ويندو، پر اهڙن قيدين کي آزاد نه ڪيو ويندو، جيڪي سنجيده جرم ۾ شريڪ هئا ۽ اهي تمام قلم ختم ڪرڻ تي به ٺاھ ٿيو، جيڪي برطانوي حڪومت احتجاج جي وقت نافذ ڪيا هئا. ان کان علاوه گانڌي مطالبو ڪيو ته ڀڳت سنگھ جي ڦاسي واري سزا کي ختم ڪيو وڃي. گانڌي جو مطالبو نه مڃيو ويو، پر پوءِ به معاهدو ٿي ويو ۽ گانڌي گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ به ٿيو. گانڌي ۽ اِرون وچ ۾ ٿيل معاهدي کي برطانيا جي ڪجھ ماڻهن ۽ هندستان جي انقلابين پسند نه ڪيو. چرچل به هن معاهدي کي پسند نه ڪيو، ڇو ته چرچل ٻين گهڻن ئي برطانوي سياستدانن جيان هندستانين خاص ڪري گانڌيءَ کان نفرت ڪندو هو ۽ هو سمجهندو هو ته گانڌي ۽ ان جي پارٽي ايتري اهميت جي حامل نه آهي، جو ان سان برطانوي حڪومت ائين معاهدو ڪري ۽ گانڌي جون شرطون ٻڌي ۽ وري هندستان جا انقلابي معاهدو ٿيڻ بجاءِ، پر تشدد احتجاجن ۽ خوني انقلاب جا قائل هئا. بهرحال! معاهدو وقت جي ضرورت سمجهيو ويو ۽ ڪاميابي سان ڪيو ويو.
(هلندڙ)