افغان حالتن جا پاڪستان تي اثر پئجي رھيا آھن: اياز پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي افغاني پناھگيرن کي سنڌ آڻڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آھي ته پيپلز پارٽي ڪرپشن ڪيسن ۾ رعايتن لاءِ سنڌ کي داءُ تي نه لڳائي. سنڌ عالمي يتيم خانو ناھي. لکين غير قانوني پرڏيھي سنڌ ۾ موجود آھن. عدالتي حڪم باوجود سنڌ حڪومت انھن کي نيڪالي نٿي ڏئي. پنجاب غير قانوني افغانين کي رھائڻ کان انڪار ڪيو آھي ۽ رڳو سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪيسن ۾ رعايت لاءِ سنڌ جي زمين، امن ۽ وسيلن تي سوديبازي ڪري رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته آمريڪا افغانستان کي اڪيلو ڪري ويو آھي. افغان حالتن جا پاڪستان تي اثر پئجي رھيا آھن. وفاقي حڪومت پنھنجي سرحدن کي محفوظ رکي. ملڪ کي يتيم خانو نه بڻايو وڃي. سنڌ جي مال تي سخاوتون بند ڪيون وڃن. سنڌ ھزارين سالن کان اسان جو وطن آھن. سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جا مالڪ سنڌي آھن. حڪمران سنڌ جي وسيلن ۽ زمين کي پنھنجي جاگير سمجھي استعمال ڪري رھيا آھن. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، قبضن ۽ غير قانوني افغانين ۽ ٻين پرڏيھين جي آبادڪاري خلاف خاموش نه ويھنداسين. جيڪڏھن سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي سنڌ ۾ ڪراچي آڻي رھائڻ جو فيصلو واپس نه ڪيو ته جلد ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙي جدوجھد شروع ڪئي ويندي.

