خاص

پي ٽي آءِ جي ڪاڪردگي رپورٽ ڪوڙ سان ڀريل آهي: شازيه مري

پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه مري چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪارگردگي کي سمجهڻ لاءِ اسان کي 256 صفحن واري رپورٽ جي ڪابه ضرورت ناهي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽن سالن جي حڪومتي رپورٽ ڪوڙ سان ڀريل آهي. ھن عمران خان حڪومت کي تباھي جا ٽي سال پورو ڪندڙ حڪومت قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح تقريبن 40 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي ۽ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن ۽ مھانگائي جي شرح ۾ پڻ 11 سيڪڙو تائين اضافو ٿي چڪو آهي. شازيه مري چيو ته ملڪ ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻھو غذائي خوراڪ کان وانجھيل آھن ۽ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن. جڏهن ته ھڪ رپورٽ موجب ملڪ اندر 2019 ۾ پيدا ٿيندڙ هر 1000 ٻارن مان 67 ٻار بهتر صحت جون سهولتن جي اڻاٺ سبب فوت ٿي ويا. گذريل ٻن سالن دوران 6.7 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي آمدني گهٽجي وئي آهي. ملڪ جي جي ڊي پي 5.8 سيڪڙو کان گھٽجي 1.8 سيڪڙو ٿي آھي ۽ بجلي جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن اونهاري ۾ به سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ جو تجربو ڪيو آهي. ھن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ مون سون ٻوڏ جي نتيجي ۾ 16780 خاندان اڃان تائين بي گهر آهن. گذريل ٽن سالن ۾ عوامي قرض 52.3 سيڪڙو جي واڌ سان 38.006 کرب تائين وڃي پھتا آھن ۽ انڪم ٽيڪس 15 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جيڪو ملڪ جي 78.3 سيڪڙو آبادي تي بار آهي. شازيه مري چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ 25 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته عمران خان ۽ سندس ساٿي عوام کي گمراهه ڪندا رهيا ته ملڪ ۾ پيٽرول جا اگهه عالمي مارڪيٽ کان گهٽ آهن.