خاص

اسان امن چاهيون ٿا، افغانستان ۾ ڪنهن جي ڌُر ناهيون: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪو به فيورٽ ناهي، اسان جو واحد مقصد افغانستان ۾ امن جي حاصلات ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي پرڏيهي وزير اينجلا ايگلر سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو، جنهن آرمي چيف سان جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران افغانستان جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ آزاد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان آهي. آرمي چيف ڪابل ايئرپورٽ تي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران آرمي چيف دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف وڙهڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. آمريڪي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آرمي چيف جو ڪابل مان انخلا واري عمل ۾ خاص تعاون تي سندس ٿورا مڃيا.