اسرائيل ايران مٿان 13 جون 2025 تي حملو ڪري سڄي دنيا کي خوفزده ڪري ڇڏيو. اهو حملو ڪري اسرائيل ايران جا ڇهه نيو ڪليئر سائنسدان ۽ ٻه جنرل ماري ڇڏيا. اسرائيل ۽ ايران جا تعلقات خطي ۾ تمام گهڻا پيچيده آهن. اسرائيل کي هميشه ان ڳالهه جو خوف رهيو آهي ته جيڪڏهن ايران نيو ڪليئر طاقت بڻجي ويو ته پوءِ سندس سلامتيءَ کي هميشه خطرو رهندو ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن به خراب ٿي پوندو. اسرائيل پنهنجي طاقت خطي ۾ لڳرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ايران جو نيو ڪليئر پروگرام اسرائيل جي لاءِ هميشه جي لاءِ هڪ وڏو خطرو رهيو آهي. جيئن ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته اسرائيل هن خطي ۾ اهو ملڪ آهي جيڪو آمريڪا جي مفادات جي حفاظت ڪري ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا جهڙو جمهوري ملڪ پنهنجي جمهوري قدرن کي پٺتي ڇڏي بين الاقوامي قانونن جي لتاڙ ڪندي اسرائيل سان گڏ هر جائز ۽ ناجائز صورت ۾ بيٺو آهي ۽ مستقبل ۾ به ان جو ساٿ اسرائيل سان قائم رهندي نظر اچي ٿو.
اسرائيل جي چوڻ مطابق 13 جون 2025 تي ايران تي سندس حملو دفاعي هو ۽ 12 ڏينهن تائين ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ هلندي رهي. ان کان پهرين آمريڪا ايران کي ڳالهين جي ميز تي ويهڻ جي دعوت ڏني هئي، جنهن جي لاءِ ايران ڪجهه شرطون رکيون هيون، پر آمريڪا ايران کي غير مشروط ڳالهه ٻولهه جي لاءِ آماده نه ڪري سگهيو ۽ اها جنگ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن ۾ پوءِ آمريڪا به سڌو سنئون ايران مٿان حملا ڪري پنهنجي جانبداريءَ جو کلم کلا اظهار ڪري بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. آمريڪا ان حملي ۾ ايران جي ٽن نيو ڪليئر اسٽيشنن تي حملا ڪري انهن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
جڏهن ته ايران انهن دعوائن جي نفي ڪري رهيو آهي، پر 24 جون 2025 تي آمريڪا ان ڳالهه جو اعلان ڪيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جنگ بندي جي لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ ايران ڳالهين جي لاءِ آماده ٿي ويو آهي ۽ هن امن جي صورتحال قائم ٿيڻ جي لاءِ سڄي دنيا کي مبارڪ باد ڏني آهي. ان کان پهرين ايران قطر ۾ اسرائيل جي ايئربيس تي حملو ڪري آمريڪي حملن جو جواب ڏنو.
ان حملي کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل پليٽ فارم تي پوسٽ رکي لکيو، “دنيا کي مبارڪ هجي هاڻي امن جو وقت آهي.” هن پنهنجي پليٽ فارم ۾ هڪ پوسٽ ۾ اهو به لکيو، “مان ايران جو مشڪور آهيان جنهن اسان کي حملي کان اڳ اطلاع ڏنو، جنهن سبب اسان جو ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو.” آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان جنگ بندي جو اعلان ڪرڻ کان اڳ سڄي رات اسرائيل طرفان ايران مٿان حملا جاري رهيا، جنهن ۾ جوهري سائنسدان صديقي صابر سميت 9 ايراني شهري شهيد ۽ رهائشي عمارتون تباهه ٿي ويون. تاريخ گواهه آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، جنگ هميشه تباهي ۽ بربادي آندي آهي ۽ ثقافتن کي ۽ انسانيت کي سندن ڪيل سفر کان لکين سال پٺيان ڌڪي ڇڏيو آهي.
هن وقت ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ سڄي دنيا کي ان خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن اها جنگ جاري رهي ته ان ۾ ٻيا طاقتور ملڪ به شامل ٿي سگهن ٿا ۽ پوءِ شايد اها ٽين عالمي جنگ جي صورت اختيار ڪري وٺندي، ان خيال سڄي دنيا جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ايران ۽ اسرائيل جنگ بندي جي لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ ايران ڳالهين جي لاءِ ميز تي ويهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو آهي. جيڪڏهن هيءَ جنگ جاري رهي ها ته دنيا ۾ هڪ معاشي بحران پيدا ٿي وڃي ها، جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ تباهي ۽ برباديءَ جو هڪڙو ٻيو منظر نظر اچي ها.
انسان جي صدين کان ڪيل ترقي ڪجهه مهينن جي اندر ئي ختم ٿيڻ شروع ٿي وڃي ها، پر ٽرمپ جي حڪمت عملين سبب اسرائيل ۽ ايران کي جنگ جي مرحليوار جنگ بندي ڪرڻ تي مبارڪ ڏيئي سگهجي ٿي. پهرين مرحلي ۾ ايران پنهنجا حملا اسرائيل تي روڪيندو ۽ ان کانپوءِ 12 ڪلاڪن اندر اسرائيل پنهنجا حملا ايران تي بند ڪندو. هاڻي ان کي “12 ڏينهن” واري جنگ قرار ڏنو پيو وڃي. سڄي دنيا جيڪا امن چاهي ٿي اها ان ڳالهه جي اميد ٿي ڪري ته ان جنگ جو باقاعده خاتمو ٿيندو. في الحال هن وقت اها هڪ وڏي خبر آهي ته ٻنهي ملڪن جنگ بنديءَ لاءِ رضامنديءَ جو اظهار ڪيو آهي.