بلاگنئون

فلسطين جي رت ۾ ٻڏل تاريخ، اسلامي دنيا جي خاموشي ۽ ايران جي مزاحمتي صدا

صدين کان وٺي فلسطيني ڌرتي رت سان رنگبي رهي آهي، جتي معصوم ٻار، عورتون ۽ بيگناهه مرد روزاني بنياد تي شھيد ٿين ٿا. هي اهو خطو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي نقشي تي صرف هڪ جاگرافيائي زمين نه، پر مظلوميت، قرباني ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي چڪو آهي. اسرائيل جيڪو 1948ع کان وٺي ناجائز رياست طور قائم ٿيو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين ظلم، دهشتگردي ۽ انساني حقن جي لتاڙ جو مثال بڻيل آهي. فلسطين تي اسرائيلي جارحيت ڪا انفرادي ڪارروائي ناهي، بلڪه اها عالمي سامراجيت جي هڪ سنڀاليل حڪمت عملي آهي، جنهن جي پويان آمريڪا جهڙي سپر پاور جي سرپرستي آهي. آمريڪا، جيڪو پاڻ کي انسانيت جو علمبردار ۽ آزاديءَ جو محافظ ظاهر ڪري ٿو، اهوئي آمريڪا جڏهن ڳالهه فلسطين يا ڪشمير جي ٿيندي آهي ته اکين تي پٽي ٻڌي خاموش تماشائي بڻجي وڃي ٿو. آمريڪا جي لاءِ انسانيت جا معيار فقط يورپ ۽ اسرائيل تائين محدود آهن، باقي دنيا جا مظلوم مسلمان ان جي نظرن ۾ بي حيثيت بڻجي چڪا آهن. اسلامي دنيا جا حڪمران صرف مذمتي بيانن ۽ قراردادن تائين محدود آهن. انهن جي آفيسن ۾ فلسطين جا جهنڊا ضرور لڳل آهن، پر انهن جي پاليسين ۾ اسرائيل جا خوف موجود آهن. ڪي ملڪ آمريڪا جي مالي امداد تي پلجن ٿا ته ڪي ان جي فوجي حمايت تي انحصار رکن ٿا، نتيجي طور ڪوبه مسلم ملڪ آمريڪا سان ڦٽائڻ نٿو چاهي. مسلمان ملڪن جي اهڙي خاموشي تاريخي شرمندگيءَ جو داغ آهي، جنهن کي ايندڙ نسل ڪڏهن به وساري نه سگهندا.

فلسطيني قوم انهن حالتن ۾ به جيئڻ جي جستجوءَ کي زنده رکيو آهي. هو پنهنجي زمين لاءِ، پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ۽ پنهنجي عزت ۽ آبرو لاءِ روز جيئندا ۽ مرندا رهيا آهن. سندن اميدون، جيڪي ڪنهن دور ۾ عرب ڀائرن سان لاڳاپيل هيون، هاڻ اهي به ٺڪرائجي چڪيون آهن. گڏيل عرب ليگ (Arab League) ۽ او آءِ سي (OIC) جا اجلاس هڪ اجايو ڊرامو بڻجي چڪا آهن، جتي لفظ آهن، پر عمل جي کوٽ آهي.

اهڙي مايوسيءَ ڀريل ماحول ۾ ايران واحد مسلم ملڪ آهي، جيڪو اسرائيل جي خلاف بيهي، ان جي ڏاڍائي ۽ طاقت کي للڪاري ٿو. ايران جي سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت واضح طور اعلان ڪيو آهي ته فلسطين جي آزاديءَ تائين سندن مزاحمت جاري رهندي. ايران جي سپاهه پاسداران هجي يا حماس ۽ حزب الله جا اتحادي هجن، اهي سڀ اسرائيل جي خلاف حقيقي مزاحمت جو استعارو بڻجي چڪا آهن. ايران جو هيءَ رويو نه فقط اسرائيل لاءِ خطرناڪ آهي، پر اسلامي دنيا جي خاموش حڪمرانن لاءِ به هڪ وڏي للڪار آهي. ايران، جنهن کي دنيا دهشتگرد سڏيندي آهي، اهوئي ملڪ مظلومن جي پاسي بيٺو آهي، جڏهن ته باقي ملڪ پنهنجن محلاتن، اقتدارن ۽ بينڪن جي حفاظت ۾ لڳل آهن.

ايران جي همت کي سمجهڻ لاءِ رڳو جنگي سطح تي نه، پر فڪري سطح تي به ڏسڻ جي ضرورت آهي. ايران جي پاليسين ۾ اسلامي اتحاد، مظلومن جي حمايت ۽ استعماري طاقتن سان مقابلو مرڪزي حيثيت رکن ٿا. ايران نه صرف پنهنجي لفظن سان، پر پنهنجي راڪيٽن، ڊرونز ۽ موقف سان واضح ڪري چڪو آهي ته ظلم خلاف مزاحمت ئي حقيقي امن آهي.

فلسطيني ٻار جڏهن پٿر کڻي ٽئنڪ آڏو بيهن ٿا ته اهي دنيا جي سموري غيرت کي للڪارين ٿا ۽ ايران، جڏهن اسرائيلي فوجي اڏن کي نشانو بڻائي ٿو ته اها ڪارروائي صرف فوجي جواب نه، بلڪه مظلومن جي صدائن جو ترجمان بڻجي سامهون اچي ٿي. ايران جي مزاحمت، اسلامي دنيا جي بيحسيءَ تي هڪ وڏي چماٽ آهي، جيڪا ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن غيرت هجي، ته آمريڪا جي ڇانوَ هيٺ به سر بلند ڪري سگهجي ٿو.

“مظلوم جي خاموشي، ظالم جي مدد آهي ۽ فلسطينين جون قبرون اسلامي دنيا جي غفلت جي گواهي ڏئي رهيون آهن. فلسطين جيڪا اهڙي ڌرتي آهي، جا ڪنهن دور ۾ نبين جي وطني سر زمين رهي آهي. اڄ رت وهائيندڙ هڪ مسلسل ماتم جو نالو بڻجي وئي آهي. ان ڌرتيءَ جا مَڪين اڄ خيمن ۾ بي يارو مددگار بڻيل آهن. سندن اجها مسمار ڪيا ويا آهن، پر جذبن جي ڇت سالم آهي. سندن بکين ۽ رکين اکين ۾ روشني جي جهلڪ آهي، جيڪا انڌيرن جي خلاف اميد جو ڏيئو بڻيل آهي.

1917ع ۾ “بيلفور اعلاميو” جي نالي سان برطانيا طرفان صهيوني تحريڪ کي فلسطين ۾ “قومي وطن” قائم ڪرڻ جي واعدي جي صورت ۾ هڪ اهڙي بي انصافيءَ جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو تسلسل اڄ تائين جاري آهي. 1948ع ۾ جڏهن اسرائيل کي ناجائز رياست طور تسليم ڪيو ويو ته ان سان گڏوگڏ هزارين فلسطيني پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ تان جلاوطن ڪيا ويا. انهن جي ڳچ ڀاڱي ڌرتيءَ تي اسرائيلي بستيون اڏيون ويون، جتي هر اڏاوت فلسطيني رت جي قيمت تي بيٺل هئي.

“اسرائيل نه صرف سر زمين تي قبضي جو نالو آهي، پر اها ضميرن جي موت جو دستاويز آهي.”

1948، 1967، 1982 ۽ 2009 سميت ڪيترائي سال فلسطين لاءِ قيامت جي راتن جيان ثابت ٿيا. غزه تي بارود جو مينهن وسيو، اولهه ڪناري کي چيڪ پوسٽن سان ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو ۽ بيت المقدس ۾ اذان تي به پابنديون لاڳو ٿيون.

آمريڪا، جيڪو پاڻ کي آزاد دنيا جو سرواڻ سڏي ٿو، ان جون نيتون تبديليءَ بدران تباهيءَ جو اظهار رهيون آهن. 2020ع ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ “ابراهيمي معاهدو” تحت ڪيترن ئي عرب ملڪن، جيئن ته گڏيل عرب امارات، بحرين مراڪش، اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪيا ته ان سان فلسطيني قوم جي زخمن تي نئون لوڻ ٻرڪيو ويو.

اقوام متحده، جنهن جو ڪم دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ هو، سو فقط قرادادن جي ورقن ۾ ئي انصاف جا نعره لڳائي سگهيو. جڏهن به فلسطيني عوام تي بمباري ٿئي، آمريڪا “ويٽو” جو تير ڪڍي وٺي ٿو، جيئن ظالم جي خلاف انصاف جي هر رستي کي بند ڪيو وڃي. “هتي مظلوم جي فرياد کي ويٽو ڪيو وڃي ٿو ۽ ظالم جي بارود کي تحفظ ملي ٿو، اهو آهي عالمي انصاف!”

اسلامي دنيا، جيڪا آباديءَ ۾ ايتري ته وڏِي آهي جو اڌ ڌرتي تي ان جا پاڇا آهن، پر ضميرن ۾ اهڙي سُڪ سٽيل آهي، جو فلسطين جي رت وهندڙ ٻار تي به سندن زبان ساڪت آهي. سعودي عرب، مصر، اردن، ترڪي ۽ ٻين وڏن اسلامي ملڪن جون حالتون سياسي مفادن جي ڳاڙهن ڌاڳن ۾ ٻڌل آهن. ان وقت جڏهن هڪ معصوم فلسطيني ٻار شھادت قبول ڪري ٿو، تڏهن اسلامي حڪمرانن جون محلاتي محفلون خاموشيءَ سان هلنديون رهن ٿيون. “هي قومون گڏ ٿين ٿيون ته فقط گڏجاڻين لاءِ، پر اُٿي ڪڏهن نه بيهن ٿيون، نه غزه لاءِ، نه ڪشمير لاءِ، نه يمن لاءِ.”

اهڙي مايوسيءَ ۽ خاموشيءَ جي طوفان ۾، ايران هڪ مضبوط صدا بڻجي اڀري ٿو. ان جو سياسي نظام، جيڪو “ولايت فقيه” تي ٻڌل آهي، فقط نظريي جي بنيادن تي بيٺل ناهي، پر ان جي هر اکر ۽ عمل ۾ مظلوم جي مدد جي خوشبو آهي. ايران جي اڳواڻ آيت الله خمينيءَ کان وٺي موجوده سپريم ليڊر آيت الله خامنه ايءَ تائين، فلسطيني مزاحمت کي سياسي، مالي ۽ عسڪري طور تي مسلسل سهارو ڏنو ويو آهي. “اسرائيل ڪينسر جو خطرناڪ ڦٽ آهي ۽ ان جو علاج صرف مزاحمت آهي.” حماس، حزب الله ۽ اسلامي جهادي تنظيمون ايران جي مدد سان ئي اسرائيل خلاف مسلسل مزاحمتي محاذ تي بيٺل آهن. جڏهن اسرائيل غزه تي بمباري ڪري ٿو، تڏهن ايران جي علاقائي اتحادي، اسرائيلي شهرن تي راڪيٽن سان جواب ڏين ٿا. ايران جيڪو آمريڪا جي سخت پابندين جي باوجود به پنهنجي اصولن تان نه هٽيو آهي، اهوئي سچو ترجمان آهي ان فڪر جو جيڪو امام حسين عليه السلام جي قربانيءَ مان جنم وٺي ٿو: “ظلم آڏو جهڪڻ ڪفر آهي.”

وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪيترائي عربي حڪمران ۽ ميڊيا ادارا  ايران کي دهشتگرد جو لقب ڏين ٿا. حالانڪه اها حقيقت آهي ته جنهن وقت سڀ مسلم حڪمران خاموش هئا، ان وقت ايران ئي هو جيڪو غزه لاءِ بظاهر اڪيلو، پر اصل ۾ سڄي اسلامي غيرت جي ترجماني ڪري رهيو هو.

“ظالم جي خاموشيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ شيءِ، مظلومن خلاف ڳالهائيندڙن جي زبان آهي.” فلسطين جو مستقبل رڳو عالمي قانونن يا قرادادن سان ٻڌل ناهي. بلڪه اها قوم جنهن جي هٿن ۾ پٿر آهي، اها ئي پنهنجي تقدير لکندي ۽ ان مزاحمتي قوت جي پسمنظر ۾ ايران جو ڪردار يقينن تاريخي اهميت جو حامل آهي.

فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ضروري آهي ته اسلامي دنيا پنهنجي خاموشي ختم ڪري ۽ صرف مذمت نه، پر عملي اتحاد جو رستو اختيار ڪري. ايران صرف هڪ ملڪ نه، پر اسلامي غيرت جي علامت بڻجي چڪو آهي. دنيا جي مسلمانن جي حقيقي روپ ۾ ترجماني ڪندڙ ايراني قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.