نئون

 آمريڪا ۾ طبي سامان پهچائڻ وارو ڊرون تيار

يونيسيف پاران ويڪسينيشن جو سامان ڊرون ذريعي پهچائڻ واري تجربي جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي آمريڪا به طبي سامان حادثي واري هنڌ پهچائڻ لاءِ ڊرون جي استعمال جي منظوري ڏني آهي، جنگ جي حالتن يا ڪنهن حادثي جي صورت ۾ مريضن تائين دوائون پهچائڻ لاءِ ايمبولينس ڪارآمد نٿي بڻجي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ مريضن جي رت جي جزن جو ليب تائين ۽ مريضن تائين مناسب دوا جو پهچائڻ جو ڪم ناممڪن ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال لاءِ هاڻي آمريڪا جي ماهرن ڊرون کي استعمال ڪيو آهي. آمريڪا ۾ ٺاهيل اهڙن ڊرونن ۾ دوائن کي ٿڌو رکڻ لاءِ به انتظام ڪيل آهي. ان کانسواءِ اهي ڊرون وقت تي پهچي سگهن ٿا. يونيسيف جي وينچرڪيپيٽل جي آرم جي چيف، ڪرسٽوفر فيبئن جو چوڻ آهي ته ڊرون ذريعي دوائن پهچائڻ واري ڪم لاءِ اسان کي خوش دلي سان ڪم ڪرڻ ۽ ڊرون کي اڏائڻ لاءِ فضائي قانون کي به نرم ڪرڻ گهرجي ۽ هن طرح جي ڪنهن به جديد سهولت کي عوام تائين پهچائڻ گهرجي. آمريڪا ۾ هونئن ته هن تجربي جي ساراهه ڪئي پئي وڃي پر ملڪي ايوي ايشن ۽ حساس ادارن پاران هن طرح جي اڏامن لاءِ ڳڻتي به ظاهر ڪئي وئي آهي.