ٺٽي جي شاهجهان مسجد جو مرمتي ڪم ڪيو ويندو: سنڌ حڪومت
ڪالهه سنڌ اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت ٺٽي جي شاهجهان مسجد جو مرمتي ڪم ڪرائيندي. ڪلچر منسٽر سنڌ سيد سردار شاهه اهڙو اعلان ٺٽي جي ايم پي اي سيد امير حيدر شاهه شيرازي طرفان گهر کانپوءِ ڪالهه اسيمبلي ۾ ڪيو. سيد سراج حيدر شاهه چيو ته 400 سال پراڻي مغل دور جي هن ورثي جي تحفظ لاءِ هڪ پئڪيج جي گهر ڪئي هئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان مسجد جو مرمتي ڪم ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته اها مسجد 1642ع ۾ جڙي راس ٿي جنهن جو پهريون مرمتي ڪم 1692ع ۾ ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ ٻيو مرمتي ڪم مير مراد علي ٽالپر جي دور ۾ 1812ع ۾ ڪيو ويو هو. جڏهن ته آزادي کانپوءِ ان جو مرمت جو ڪم نه ڪيو ويو هو. هن چيو ته 18 ترميم کانپوءِ واري دور ۾ مسجد جي سنڀال لوڪل گورنمينٽ کي، ڊپٽي ڪمشنر جي نگراني ۾ ڏني وئي هئي. جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران ڊپٽي ڪمشنر کي لکيو ويو هو ته مسجد جي سنڀال جو اختيار اينٽيڪئٽيز ڊپارٽمينٽ جي سنڀال هيٺ ڏي ته ان جي مناسب سنڀال ڪئي وڃي.

