نئون

بجلي پيدا ڪندڙ روڊ تيار

برطانيه جي مشهور برج اسٽريٽ ۾ خريدار هاڻي گهمندي ڦرندي به بجلي پيدا ڪندا ۽ ان لحاظ سان هي دنيا جي پهرين اسمارٽ اسٽريٽ آهي. پيوجين ڪمپني جنهن اهو روڊ تيار ڪيو آهي ان جو چوڻ آهي ته ان جو مقصد مستقبل جي روڊن جي هڪ شڪل ڏيکارڻ آهي ته جيئن ماڻهو ٽريفڪ جي آلودگي کان پاڪ ماحول ۾ خريداري ڪري سگهن ۽ پنهنجن قدمن سان بجلي به تيار ڪندا رهن، جنهن سان ملڪ جي ترقي ۾ به هنن پاران هڪ حصو شامل ٿي سگهي. هن وقت اهو روڊ صرف 10 اسڪوائر فوٽن تي مشتمل آهي، جيڪو انساني پيرن جي طاقت سان بجلي پيدا ڪندو آهي. هن روڊ تي جيڪي به ماڻهو گهمندا آهن انهن جي هلڻ سان بجلي پيدا ٿيندي رهندي. هن روڊ جي ٻنهي طرفن ڪپڙن جا دڪان آهن جنهن جي وچ واري رستي تي هن روڊ کي وڇايو ويو آهي. بجلي ٺاهڻ واري هن پينل کي وي ٿري جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو ٽڪنڊي شڪل جو آهي ۽ هڪ پينل مسلسل 5 واٽن جي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. هي پينل حرڪي توانائي کي بجلي ۾ تبديل ڪندو آهي جنهن سان ٻنهي طرفن جون ليمپون ٻرنديون ۽ بلوٽوٿ ٽرانسميٽر ڪم ڪندا رهندا آهن.