ٿر اندر مفت اناج ورهائڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو: ڄام خان شورو
سنڌ جي صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران چيو ويو ته ضلعي ٿرپارڪر ۽ اڇڙو ٿر ۾ مفت ڪڻڪ جي ورهائڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو. ڄام خان شوري اڱاري ڏينهن ٿرپارڪر جي دوري دوران اتان جي پارٽي جي سربراهن سان به ملاقات ڪئي، جنهن بعد هو اتان جي ڪمشنرن سان به مليو. ان موقعي تي ڄام خان شورو ٻڌايو ته هو پيپلز پارٽي جي ڪو- چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايت تي ئي دورو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن کي ڏسڻو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي صرف برسات تي گذارو ڪندا آهن انهن کي ڪنهن مدد جي ضرورت ته نه آهي. هن چيو ته ٿر ۾ لاڳاپيل آفيسرن سان مشاورت بعد هو ٿر ۾ مفت ڪڻڪ جي ورهاست ٻيهر شروع ڪئي ويندي. ان موقعي تي ايم پي اي مهيش ملاڻي جيڪو پڻ ڄام خان شوري سان گڏ دورو ڪري رهيو هو، ان چيو ته هن وقت مون سون کان اڳ ۾ ٿرين جي مدد ڪرڻ گهرجي جيئن بعد ۾ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي نه ٿي پوي. هن چيو ته اسڪيم هيٺ هر خاندان کي مفت 100 ڪلو ڪڻڪ ڏني ويندي. ان موقعي تي دوري تي آيل ٻنهي وزيرن کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه آفيسر شاهي جي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب آر- او پلانٽن جي ڪم کي روڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٿر ۾ 750 آر- او پلانٽ لڳائڻ جي منصوبي تي ڪم ٿيڻو هو جنهن سان علائقي ۾ صاف پاڻي جي سهولت ڏئي سگهجي ٿي. ۽ درخواست ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت هي منصوبا شروع ڪيا هئا انهن کي مڪمل ڪري ته جيئن اتان جي ماڻهن کي پري پنڌ ڪري پاڻي لاءِ وڃڻو نه پوي.