بلاگنئون

بندوق جي ڇانوَ ۾ ٽهڪ ڏيئي کلندڙ نوجوان…!!

9 مئي 2025 تي ڀارت پاران پاڪستان جي اهم شهرن مٿان ڊرون ڪيرايا ويا. ڀارت دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڊرون سان به حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان جي فوج موجب ملڪ جي هوائي دفاعي نظام لاهور ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي ڪجهه وڏن شهرن تي رات جو 25 ڀارتي ڊرون ڪيرايا، جنهن ۾ هڪ شهري مارجي ويو آهي ۽ پنج ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته هندستان جي بچاءُ واري وزارت ڪلاڪن بعد تصديق ڪئي ته هن پاڪستان جي هوائي دفاعي ادارن کي نشانو بڻايو ۽ دعويٰ ڪئي ته اها لاهور ۾ هڪ دفاعي نظام کي غير موثر ڪرڻ جي قابل هئي. ان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير تي رات جو ڊرون ۽ ميزائل سان حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر انهن کي ڪيرايو ويو. ڊرون حملا ائٽمي هٿياربند پاڙيسرين جي وچ ۾ تازي چڙهائي جي نمائندگي ڪن ٿا. پاڪستان موجب هي هندستان جا سڀ کان وڌيڪ حملا هئا. رات جو ٻنهي طرفن کان ڳري توپخاني جي گولاباري سبب تڪراري ڪشمير واري علائقي ۾ سرحدي حدن کان ڀارتي فوجين کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. 22 اپريل تي هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي پهلگام ۾ هٿياربندن 25 سياحن ۽ هڪ مقامي پوني سوار کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. ڀارت پاڪستان تي ويڙهاڪن جي مدد ڪرڻ جو الزام لڳايو جن حملي جي دعويٰ ڪئي. جڏهن ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي باوجود ان جي ڀارت پاڪستان مٿان حملو ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته گذريل رات ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا، جن کي پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪري ناڪام بڻايو. ڀارت، لاهور، چڪوال، راولپنڊي، اٽڪ، بهالپور، ڇور، مياڻو، گوجرانوالا ۽ ڪراچي جي ويجهو 25 هنڌن تي جديد اسرائيلي IAI Harpy ڊرون موڪليا، جن کي “سوفٽ ڪِل” ۽ “هارڊ ڪِل” ٽيڪنالاجي ذريعي تباهه ڪيو ويو. هن ڪارروائي دوران لاهور ۾ پاڪ فوج جا 4 آفيسر زخمي ٿيا جڏهن ته سنڌ جي علائقي مياڻو ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو. تباهه ٿيل سڀني ڊرونز جو ملبو لاڳاپيل علائقن ۾ موجود آهي. “ڀارت عقلمندي جا هڙئي رستا وڃائڻ جي ويجهو آهي، ڀارت جي رات پيٽ ۾ ڪيل حملن جو ڏند کٽا ڪندڙ جواب ڏنو ويو آهي. جڏهن ته دنيا ڏسي رهي آهي ته ڀارت نه رڳو هن خطي ۾، پر عالمي امن لاءِ به خطرو بڻجي رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي سر زمين جي تحفظ لاءِ هر سطح تي جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

واضح رهي ته 22 اپريل تي پهلگام ۾ سياحن جي مارجڻ کانپوءِ ڀارت گذريل رات پاڪستان جي شهري علائقن تي هوائي حملا ڪيا، ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ٻه مسجدون شهيد ٿيون، حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿيا. پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻي ڪارروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 30 جھاز، هڪ ڊرون ۽ ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر به تباهه ڪري ڇڏيا. پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اَڇو جهنڊو لهرائي شڪست تسليم ڪري ورتي هئي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انڊيا جا ڊرون جهاز ڏهرڪي، عمرڪوٽ، ڪراچي ۽ ٻين علائقن تائين ڪيئن ٿا اچن. ڇا پاڪستان جو جنگي سسٽم ايترو ڪمزور ٿي چڪو آهي؟؟

ڊرون حملا رڳو سرحدي تڪرار نه پر جديد جنگي ٽيڪنالاجي جي هڪ خطرناڪ لهر جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. هي حملا رڳو ڀارت طرفان نه پر انهن ۾ اسرائيل ۽ برطانيا جي جديد ترين ڊرون ٽيڪنالاجي شامل آهي، جيڪا ڀارت پنهنجي فوجي نظام ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان استعمال ٿيندڙ “اسڪاءِ اسٽرائيڪر” SkyStriker  نالي ڊرون اسرائيلي ڪمپني Elbit Systems ٺاهي آهي، جيڪو هڪ ڪامي ڪازي ڊرون آهي، يعني اهو پاڻ کي هدف تي ڪِيرائي ٿو. هي ڊرون تمام گهٽ آواز سان اڏامي ٿو ۽ عام ريڊار ان کي سڃاڻي نٿو سگهي. ان جي حد لڳ ڀڳ 1000 ڪلو ميٽر آهي، جيڪا پاڪستان لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. برطانيا پڻ ڀارت کي Storm Shroud  نالي جديد ڊرون ٽيڪنالاجي مهيا ڪئي آهي، جيڪا ريڊار جامد ڪرڻ ۽ اليڪٽرانڪ حملن لاءِ استعمال ٿئي ٿي. ان ڪري پاڪستان جو روايتي فضائي دفاعي نظام انهن جديد حملن جي آڏو اڃان تائين مڪمل طور تي محفوظ ناهي. ان سڀني باوجود، پاڪستاني فوج 45 کان وڌيڪ خطرناڪ ڊرون مار ڪري پنهنجي همت ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن مان “اسپائيڊر” نالي مقامي اينٽي ڊرون سسٽم خاص طور قابل ذڪر آهي، پر ٻئي طرف ڏسجي ٿو ته سوشل ميڊيا تي نوجوانن جي پوسٽن مان جنگ کي به مذاق سمجهيو پيو وڃي، ڄڻ ته هيءَ جنگ فلمي منظر هجي. هڪ طرف عالمي ميڊيا جي هيڊ لائنز، انڊين چينلز تي اينڪرز جو شور ۽ سوشل ميڊيا تي خوفناڪ قسم جا ڪوڙ ڳالهايا پيا وڃن، جنهن جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان کي نه بلڪه ڀارت کي ئي ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف پوري ملڪ ۾ نوجوان بي فڪر ٿي گهٽين ۾ گيتن تي رقص ڪندي نظر اچن ٿا. سوال اهو آهي ته بندوق جي ڇانو ۾ نوجوانن کي خوشيون ڪندي ڇا ملندو؟ اها بي حسي ۽ غير سنجيدگي ڪٿي دنگ ڪندي؟