مون کي ان ڳالهه جو تجسس هو ته ڏسان ته سهي ته آخر هن شهر ۾ باقي ڇا بچيو آهي، جتي خيام پنهنجي نوجوانيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا-
اسفزار پاڙي تي ڇا وهيو واپريو ۽ باغ جي ان ننڍڙي تلاءُ تي جتي عمر جهان سان محبت ڪئي هئي- ڇا ماتريد جي علائقن جو اڃان تائين ڪو نالو نشان باقي بچيو هوندو جتي يارهين صديءَ ۾ اهو يهودي توت جي اڇن پنن وارين ٽارين کي چيني ترڪيب مطابق هنوز لگدي ۾ تبديل ڪري رهيو هو؟ مان هفتن تائين پنڌ گهمندو رهيس، پوءِ ٽٽوءَ تي- مون اتان جي واپارين کان پڇيو، راهگيرن ۽ مسجدن جي امامن کان، پر انهن نه سمجهندڙ خالي نگاهن سان جواب ڏنو، خوبصورت مرڪون ۽ فراخدليءَ سان دعوتون ڏنيون ته مان انهن جي هلڪي آسماني رنگ جي ديوانن تي اچي ويهان ۽ ساڻن گڏجي چانهن اچي پيئان-
اهو منهنجي قسمت ۾ لکيل هو ته هڪ صبح “ريگستان چوڪ” ۾ موجود هجان- هڪ ننڍڙو قافلو گذري رهيو هو، جيڪو صرف ڇهن يا ستن نرم پشم ۽ ويڪرن کُرن وارن باختر جي خوشنصيب اٺن تي ٻڌل هو- پوڙهو، اوٺار منهنجي ويجهو ئي هڪڙي ڪنڀار جي دڪان جي سامهون هڪ تازي ڄاول رڍ جي ٻچي کي سيني سان لڳايو بيٺو هو، هن عيوض تجويز ڪيو ۽ ڪنڀار ٿورو اگهه وڌايو، ڪنڀار پنهنجو هٿ چڪ تان هٽائڻ بنا ٺهيل ٿانون جي ڍير ڏانهن اشارو ڪيو- مان ڪارن ڪنارن وارين اوني ٽوپين، گهيردار لبادن، ڳاڙهين ڏاڙهين ۽ عجيب و غريب حرڪتن ڪرڻ وارن ماڻهن کي ڏسندو رهيس- ڇا ان منظر جو ڪو اهڙو تفصيل آهي جيڪو خيام جي زماني کان بغير تبديليءَ جي نه هلندو آيو هجي؟
هلڪي هوا لڳي رهي هئي ۽ مٽي واچوڙن ۾ اٿندي ٿي وئي، ان جو لباس هوا جي ڪري ڦوڪجي ويو هو ۽ هڪ غير حقيقي واچوڙي پوري چوڪ کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هو- مون چئني پاسي اکيون ڦيرايون، چوڪ جي ڪناري ٽي يادگار بيٺل هئا، ٽي تمام ڳرا وڏا برج، قبا، بلند دروازا ۽ اوچين ڀتين جو سلسلو جيڪي تمام نفاست سان ڪاشي ڪاري ۽ ارغواني ياقوت ۽ زمرد ۽ ڏاڍي پيچيده خطاطيءَ سان سينگاريل هئا- انهن سڀني جو جلال اڄ به قائم هو، پر وقت ۽ هوائن جي بي رحمي ۽ صدين جي بي توجهي سبب برج ڪُٻا ٿي ويا هئا، قبن ۾ وڏا وڏا سوراخ نظر اچي رهيا هئا اڳيون حصو ڀُرڻ لڳو هو، ماڻهو هاڻي انهن يادگارن طرف ڏسندا به نه هئا، اهي مغرور، فخرمند ۽ وساريل ديو جيڪي هڪ کل جهڙي راند واسطي شاندار پردو مهيا ڪري رهيا هئا-
مان پٺتي هٽي رهيو هئس ۽ ڪنهن جي پير تي منهنجو پير اچي ويو- تڏهن مان مڙيس ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان آمهون سامهون هئس جيڪو مون وانگر يورپي لباس پهريل هو، هڪ ماڻهو جيڪو ڪنهن ڏورانهين خطي کان آيو هو- اسان هڪٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو- هو روسي قديم آثارن جو ماهر هو- هو به هتي هزارين سوال کڻي آيو هو، پر کيس ڪجهه جواب ملي چڪا هئا-
“سمرقند ۾ وقت هڪ کان ٻي هلچل طرف حرڪت ڪندو آهي، ۽ هڪ بي شعوري کان ٻي بي شعوريءَ طرف- جن منگولن هن کي تيرهين صديءَ ۾ تباهه ڪيو ته انهيءَ جا مختلف علائقا ملبي ۽ لاشن سان ڀرجي ويا- انهن کي ڇڏڻو پيو، جيڪي رهجي ويا انهن هڪ نئون مقام پنهنجي رهڻ لاءِ آباد ڪيو جيڪو ڏکڻ جي پاسي هو- نتيجي طور سڄي جو سڄو قديم شهر، سلجوقين جو سمرقند، آهستي آهستي مٽيءَ جي تهن سان ڍڪجي ويو ۽ هڪ دڙو بڻجي ويو- زمين جي هيٺ خزانا ۽ راز آهن، پر مٿئين سطح تي هڪ چراگاهه آهي هڪ ڏينهن هن کي کولڻو ئي پوندو گهرن ۽ رستن کي کوٽي ٻاهر ڪڍڻو پوندو- آزاد ٿيندي ئي سمرقند پنهنجي ڪهاڻي اسان کي ٻڌائيندو-”
هن پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ختم ڪيو-
“ڇا اوهان قديم آثارن جا ماهر آهيو؟”
“نه- مون کي هن شهر ۾ ٻين سببن ڪري ڪشش محسوس ٿيندي آهي-”
مون کيس قلمي نسخي بابت ٻڌايو، نظمن، واقعن ۽ تصويرن بابت جن کي ڏسي سمرقند جي عاشقن جي ياد تازي ٿيو وڃي-
“مون کي ان ڪتاب ڏسڻ جو ڪيڏو شوق آهي! توکي خبر آهي ته ان دور جي هر شيءِ تباهه ٿي وئي آهي- ڄڻ ڪو عذاب نازل ٿيو هجي- ڀتيون، محل، باغ، پاڻيءَ جا نلڪا، مذهبي جايون، ڪتاب ۽ اهم فني شيون- اهي يادگار جن کي اڄ اسان ساراهيون پيا اهي سڀ جو سڀ تيمور لنگ ۽ ان جي پونئرن بعد ۾ تعمير ڪرايون هيون- اهي سڀ لڳ ڀڳ پنج سئو سال پراڻيون آهن خيام جي دور جون باقي بچيل شين ۾ صرف ٺڪر جي ٿانون جا ڪجهه ٽڪرا ۽ جيئن تو هاڻي هاڻي ٻڌايو ته اهو قلمي نسخو ئي وڃي بچيو آهي- اها فخر جهڙي ڳالهه آهي ته تو ان کي پنهنجن هٿن ۾ کڻي ڏٺو آهي ۽ فرصت ۾ جڏهن گهريئي ان جو مطالعو ڪيو اٿئي فخر جي ڳالهه سان گڏوگڏ اها هڪ تمام وڏي ۽ ڳري ذميداري به آهي-”
“يقين ڪر، مان ان ڳالهه کان پوري طرح آگاهه آهيان سالن کان، ان وقت جڏهن مون کي خبر پئي ته ان قلمي نسخي جو وجود آهي، مان صرف ان جي لاءِ زنده رهيو آهيان- اهو ڪتاب مون کي هڪ خطري کان ٻئي خطري تائين گهليندو رهيو آهي، ان جي دنيا منهنجي دنيا بڻجي وئي ۽ ان جي محافظ منهنجي محبوبا-”
“ته ڇا تون سمرقند انهن جاين کي ڏسڻ آيو آهين جن جو ذڪر ان ڪتاب ۾ آهي؟”
“مون کي اميد هئي ته شهر جا ماڻهو منهنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه پراڻن علائقن جي نشاندهي ڪري سگهندا-”
“توکي مايوس ڪندي مون کي ڏاڍو ڏک ٿي رهيو آهي،” روسيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، “ها جيڪڏهن تون ان دور جي ڪنهن شيءِ جي ڳولها ڪري رهيو آهين جيڪا تنهنجي لاءِ ڏاڍي قيمتي آهي، ته تون صرف قصا ۽ ڪهاڻيون ئي جمع ڪري سگهين ٿو، جنن ۽ ديون جون ڪهاڻيون- هي شهر انهن قصن ۽ ڪهاڻين کي ڏاڍي شوق سان پالي تاتي وڏو ڪندو آهي-”
“ايشيا جي ٻين شهرن کان وڌيڪ؟”
“مون کي ڊپ آهي ته تمام گهڻو- مان حيرانيءَ ۾ مبتلا هئس ته انهن کنڊرن جي قربت ئي ڪٿي اسان جي ڪنگال ۽ مفلس همعصرن جي تخيل کي فطري طور ايتري حد تائين نه ڀڙڪائي جو پوءِ اهي شهر جي زمين جي هيٺان جيڪو ڪجهه دفن آهي، جنهن ۾ ڪيترا ٻار هوندا جيڪي صدين کان ان جي ڏرڙن ۾ ڪريل هوندا ۽ پوءِ وري ڪڏهن به انهن جو منهن نه ڏٺو ويو هوندو، ڪهڙا عجيب عجيب آواز ماڻهن پنهنجن ڪنن سان ٻڌا هوندا يا گهٽ ۾ گهٽ تخيل ۾ ٻڌا هوندا جيڪي بظاهر زمين جي پيٽ مان اچي رهيا هوندا! ته اهڙي وقت تي سمرقند جا مشهور ترين افسانه ۽ ڪهاڻيون وجود ۾ آيا- انهن افسانن جو گهڻو تعلق ان راز سان آهي جيڪو شهر جي نالي سان گڏ ويڙهيل آهي-”
مون کيس اهي ڪهاڻيون ٻڌائڻ ڏنيون-
“چيو ٿو وڃي ته سمرقند جو هڪڙو بادشاهه اهو چاهيندو هو ته هر نفس رکندڙ شيءِ جو خواب پورو ٿئي: موت کان فرار- کيس ان ڳالهه جو پورو يقين هو ته موت آسمان کان ايندو آهي ۽ هن ڪجهه اهڙو ڪرڻ ٿي چاهيو جو موت وٽس ڪڏهن به پهچي نه سگهي، سو هن هڪ تمام وڏو عاليشان زمين جي هيٺ محل تعمير ڪرايو ۽ ان تائين رسائي حاصل ڪرڻ جون سڀئي راهون بند ڪرائي ڇڏيائين-”
“جيئن ته وٽس بي حساب دولت هئي، هن هڪ مصنوعي سج به ٺهرايو جيڪو صبح جو اڀرندو هو ۽ شام جو لهي ويندو هو، ته جيئن گرمي پهچائي سگهي ۽ ڏينهن جي ختم ٿيڻ جي خبر پوي- افسوس، جو موت جي خدا ان جون سڀ تدبيرون فنا ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجو ڪم انجام ڏيڻ لاءِ ٻلي پير ڪندي محل ۾ پهچي ويو- هن سڀني انسانن تي اها ڳالهه چٽي ڪرڻ ٿي چاهي ته موت کان ڪو فرار ناهي، چاهي اهو ڪيترو ئي طاقتور، ماهر ۽ خود غرض ڇو نه هجي- ان ڪري سمرقند انسان ۽ ان جي قسمت جي لاچاريءَ جي ملاقات جي علامت بڻجي ويو-”
سمرقند کانپوءِ ڪيڏانهن وڃان؟ منهنجي لاءِ هيءَ اوڀر جي انتها هئي، عجوبن جو گهر خواهشن ۽ تمنائن جو گهر، حسرتن جي سمجهه ۾ نه اچڻ واري جاءِ- شهر کان نڪرندي ئي مون اناپوليس گهر موٽڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن ڪجهه سال سڪون سان هڪ جاءِ تي ويٺل رهان ۽ ان کانپوءِ ڪنهن سفر تي نڪران-
ان ڪري مون هڪ ڏاڍو احمقاڻو منصوبو ٺاهيو- واپس ايران وڃي شيرين ۽ هٿ سان لکيل قلمي نسخي کي پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ جو ۽ پوءِ ڪنهن وڏي شهر، جيئن پيرس، ويانا يا نيويارڪ ۾ گم ٿي وڃڻ جو- ڇا اها جنت نه هئي ته مان ۽ هوءَ اولهه ۾ هجون، پر اوڀر جي طور طريقن سان؟
واپسيءَ ۾ رستي تي لڳاتار اڪيلو، عجيب و غريب خيال ايندا رهيا، بس انهن دليلن ۾ غرق جيڪي مان شيرين کي ڏيڻ وارو هئس- “هلو؟ هلو..؟” هوءَ بيزاريءَ مان چوندي- “تنهنجي لاءِ خوش رهڻ ڪافي ناهي؟” پر مان ان کان مايوس نه ٿيس ڇو ته مون کي پڪ هئي ته مان سندس جيڪي به وسوسا هوندا انهن تي برتري حاصل ڪري وٺندس-
جڏهن مان قذوين جي ڪناري تي مسواڙ تي ورتل ڪنورٽيبل ڪار ۾ زرقنده ۾ پنهنجي تالي لڳل دروازي وٽ پهتس ته اتي اڳ ۾ ئي هڪ ڪار بيٺل هئي، “جوئيل-40” طرز جي اسپورٽس ڪار جنهن جي هُڊ جي وچ ۾ هڪ ستارن سان ڀريل جهنڊو لڳل هو-
ڊرائيور ٻاهر نڪتو ۽ پڇا ڪيائين ته مان ڪير آهيان- منهنجي ذهن ۾ اهو احمقاڻو خيال آيو ته هي ان وقت کان هتي بيٺل منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي جڏهن مان هتان روانو ٿيو هئس- هن مون کي اطمينان ڏياريو ته هو صبح جو ئي هتي پهتو آهي-
“منهنجي آقا چيو آهي ته اوهان جي اچڻ تائين مان هتي اوهان جو انتظار ڪيان-”
“ٿي سگهي ٿو ته مان هڪ مهيني بعد آيو هجان، هڪ سال کانپوءِ، يا ڪڏهن به نه-”
منهنجي حيرانيءَ جو مٿس ڪو خاص اثر نه ٿيو
“پر هينئر اوهان هتي ئي آهيو!”
هن مون کي چارلز ڊبليو-رسل وزير مُفَوَض (سپردگيءَ وارو) رياست هاءِ متحده جو لکيل خط هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو
پيارا مسٽر لسيج، جيڪڏهن اڄ اوهان ٽپهريءَ جو چئين وڳي لگيشن تشريف فرما ٿيو ته اهو منهنجي لاءِ باعث عزت ۽ شرف هوندو- ڏاڍو اهم ۽ تڪڙو معاملو آهي- مون پنهنجي شوفر (ڊرائيور) کي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته هو اوهان جي ڪم ڪار ۾ رهي-