اسان جي حياتيءَ جو اصل مقصد ڇا آھي؟ ڇا انسان ھن دنيا ۾ فرحت ۽ آرام لاءِ آيو آھي يا تڪليفون ۽ سور سھڻ لاءِ؟ عام طرح تصور ڪيو وڃي ٿو ته دنيا انساني وندر خوشي ۽ عيش لاءِ آھي ۽ نه ڪو رنج ۽ غم لاءِ. دولت ئي فقط خوشي ۽ عيش مھيا ڪري سگھي ٿي، تنھنڪري اھو سوچيو وڃي ٿو ته ڪامياب انسان اھو آھي جيڪو پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻي ۾ گھڻا پئسا ڪمائي ۽ جلدي شاھوڪار ٿي وڃي. انسان جي زندگيءَ جا معيار تيزيءَ سان بدلجي رھيا آھن. ڪو وقت ھو جو انسانيت کي قدر جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويندو ھو. خود وقت جا حاڪم عالمن، اديبن ۽ اوليائن جي عزت ڪندا ھئا، پر ھن زماني ۾ عزت جو مستحق اھو سمجھيو وڃي ٿو جنھن دنيا جي ڌنڌن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ھجي پوءِ ڀلي اھا دولت دغا، ڪوڙ ۽ فريب سان گڏ ڪئي وئي ھجي. اڄ سچائي، انصاف ۽ ايمانداري تي کل ۽ ٺٺول ڪئي پئي وڃي. غربت سادگيءَ ۽ لڄ کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو ٿو وڃي سچ کي نِسورا ايذاءَ ڏنا پيا وڃن، ديانتداري جو ڪو قدر ئي ڪونهي. ھن ڏس ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جو پيغام اسان کي راهه راست تي ھلائڻ لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيندو. شاھ صاحب صحيح زندگي گذارڻ جي پهلوئن تي گھڻو ڪجھه فرمايو آھي. سندس بيتن ۾ اعليٰ خيالي، اثر انداز نموني سان ثابت ٿيل آھي. شاھ صاحب جي زندگي اسان جي لاءِ صاف آئيني مثال آھي. سندس اھو پختو يقين ھو ته دنياوي مصيبتون انساني روح کي پچائي اڇو اجرو ڪن ٿيون ۽ انسان جي روحاني ارتقا ۾ مدد ڪن ٿيون. انسان اھڙي درجي تي پھچي وڃي ٿو جتي جمال جو جلوو پسي سگهجي ٿو.