بلاگنئون

غفلت مان سجاڳيءَ جو پيغام شاه لطيف جي شاعريءَ ۾

اسان جي حياتيءَ جو اصل مقصد ڇا آھي؟ ڇا انسان ھن دنيا ۾ فرحت ۽ آرام لاءِ آيو آھي يا تڪليفون ۽ سور سھڻ لاءِ؟ عام طرح تصور ڪيو وڃي ٿو ته دنيا انساني وندر خوشي ۽ عيش لاءِ آھي ۽ نه ڪو رنج ۽ غم لاءِ. دولت ئي فقط خوشي ۽ عيش مھيا ڪري سگھي ٿي، تنھنڪري اھو سوچيو وڃي ٿو ته ڪامياب انسان اھو آھي جيڪو پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻي ۾ گھڻا پئسا ڪمائي ۽ جلدي شاھوڪار ٿي وڃي. انسان جي زندگيءَ جا معيار تيزيءَ سان بدلجي رھيا آھن. ڪو وقت ھو جو انسانيت کي قدر جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويندو ھو. خود وقت جا حاڪم عالمن، اديبن ۽ اوليائن جي عزت ڪندا ھئا، پر ھن زماني ۾ عزت جو مستحق اھو سمجھيو وڃي ٿو جنھن دنيا جي ڌنڌن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ھجي پوءِ ڀلي اھا دولت دغا، ڪوڙ ۽ فريب سان گڏ ڪئي وئي ھجي. اڄ سچائي، انصاف ۽ ايمانداري تي کل ۽ ٺٺول ڪئي پئي وڃي. غربت سادگيءَ ۽ لڄ کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو ٿو وڃي سچ کي نِسورا ايذاءَ ڏنا پيا وڃن، ديانتداري جو ڪو قدر ئي ڪونهي. ھن ڏس ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جو پيغام اسان کي راهه راست تي ھلائڻ لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيندو. شاھ صاحب صحيح زندگي گذارڻ جي پهلوئن تي گھڻو ڪجھه فرمايو آھي. سندس بيتن ۾ اعليٰ خيالي، اثر انداز نموني سان ثابت ٿيل آھي. شاھ صاحب جي زندگي اسان جي لاءِ صاف آئيني مثال آھي. سندس اھو پختو يقين ھو ته دنياوي مصيبتون انساني روح کي پچائي اڇو اجرو ڪن ٿيون ۽ انسان جي روحاني ارتقا ۾ مدد ڪن ٿيون. انسان اھڙي درجي تي پھچي وڃي ٿو جتي جمال جو جلوو پسي سگهجي ٿو.

شاھ صاحب جي نظر ۾ زندگي تحرڪ جو نالو آھي ۽ تحرڪ ئي روحاني توڙي مادي ترقيءَ جو ذريعو آھي. ان ڪري شاھ صاحب چوي ٿو. “ھُوءِ جي سُورَ سُڄَنِ، سي مون پينگهي ۾ پرائِيا” انسان جي لاءِ آرام جي زندگي گذارڻ موت جي برابر آھي ۽ شاھ صاحب چوي ٿو ته چپ چاپ موت جي نشاني آھي ۽ ڪوبه مقصد خاموش ٿي ويھڻ سان حاصل نٿو ٿئي، ڪوشش سان ئي مقصد حاصل ٿئي ٿو:

ويٺِي وَرِ نه پُونِ، سُتي مِلَنِ نه سُپِرين

ساجَنُ تَنِي کي مِلي جي مَٿي رَندَنِ رُونِ

سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين. (سُر آبري)

گهر ويھي رھڻ سان پرين ڪو نه ٿو ملي، نه ڪي سمَھي ننڊ ڪرڻ سان دوست جو ديدار نصيب ٿئي ٿو. سھڻو ساجن انھن کي ملي ٿو، جيڪي ڪشالا ڪن ٿيون ۽ تڪليفون سھن ٿيون. اھي روئندي پيون گذارين جن جا پرين مسافر (وڇڙيل)آھن (انھن سان گڏ نه آھن). زندگيءَ جي اعليٰ مقصد لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهد ته ضروري آھي، پر پاڻ مان ھٺ ۽ ھوڏ ڪڍڻي پوندي ان لاءِ شاھ صاحب چوي ٿو:

گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾ ڪِھَڙو اَٿئِي ڪامُ

پَسِئو تَنھه پَھاڙَ کي اَچي نه آرامُ

مَتان ڏُونگَرُ ڏورِئين اُجهي جِيئَن عوامُ

ھُوَڻُ ڪَرِ حَرامُ، کامُ ته کاھوڙِي ٿِئين. (سُر کاھوڙي)

توکي گنجي ٽڪر ۾ اندر وڃي رُلڻ سان ڪھڙو مقصد حاصل ٿيندو؟ (غور ڪر) آخر ڪھڙو سبب آھي، جو اُن کي ڏسڻ سان آرام ۽ سڪون موڪلائي وڃن ٿا. خيال ڪر! متان تون عام ماڻهن وانگر اجايو سجايو پيو ھلندو وتين. اي کاھوڙي! پھرين پنھنجي وجود جي نَفي ڪر (نيستيءَ ۾ قدم رک) ۽ پاڻ کي پُورو پچاءِ (ھٺ ۽ ھوڏ ڪڍي ڇڏ)، تڏھن تون سالڪن جي صف ۾ شامل ٿي سگهندين.  مطلب ته اجايو سجايو سير تفريح ڪرڻ سان حاصل ناھي ٿيندو شاھ صاحب چوي ٿو اصل مقصد جي لاءِ نڪرو پنھنجي وجود جي نفي ڪيو ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪندؤ اڳتي هلي غلطيون ڪرڻ لڳندو ۽ مقصد تان ٿڙي ٿاٻڙجي ويندو. ان ڪري شاھ صاحب چوي ٿو غفلت کي ڇڏ.

وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻه ٽِ۠ي ڏِينھَڙا

لُوٺِيون سَھَنِ لوڪَ جا، وِھاڻِيءَ ٿِيون ويڻَ

اَصُلِ اَسارِينِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ

جيڏِيُون! جي مان وِسَھو، نِنڊَ۠ مَ ھيرئو نيڻَ

راتِڙِيُون جاڳَنِ جي، سي آءٌ ڪَندَڙِي سيڻَ. (سُر يمن)

(اي دوست!) ھي گفتا (ڪم جا آھن) نه وسار. (غفلت ۾ غرق نه ٿيءُ). جوانيءَ جا ڏينھن تمام ٿورا آھن، جيڪي بيپرواھ ۽ غافل آھن، سي وقت وڃائڻ کانپوءِ سڀني جا طعنا تنڪا پيا برداشت ڪن. اصل کان اھو دستور آھي ته جيڪي غفلت ۾ گم آھن، تن جا سڄڻ کين ننڊ ۾ ئي ستل ڇڏي ويندا. اي منھنجون سرتيون، جيڪڏھن توھان کي مون تي اعتبار اچي ته جيڪر پنھنجي اکين کي ننڊ جي عادت نه وجهو. آئون انھن سان ئي ناتو رکنديس ۽ پنھنجو سڄڻ سمجهنديس جيڪي سڄيون سڄيون راتيون جاڳي گذارين! شاھ صاحب جي نظر ۾، ڪنھن به اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڊ کي ڇڏڻو پوندو. فرمائي ٿو:

سُتَا اُٿِي جاڳُ، نِنڊ۠ نه ڪِجي ايتَرِي

سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊ۠ون ڪَندي نه ٿِيي. (سُر ڏھر)

اي ستل (غافل) اٿي سجاڳ (خبردار) ٿيءُ، ايتري ننڊ (غفلت) نه ڪجي. بيشڪ بادشاھي يا بلند بخت ننڊ ڪرڻ سان حاصل ڪو نه ٿيندو. (سڀ ڪجهه محنت ۽ جدوجھد سان ئي ملي ٿو). شاھ صاحب ٻڌائي ٿو ته سمھڻ ڪم نه ايندو. اٿو جدوجهد ڪيو، سستي ۽ بيپرواھي کي ڇڏيو. ان لاءِ شاھ صاحب فرمائي ٿو:

وَٺِي وِجهُه وَکَرَ جا دَنگِيءَ ۾ داڻا

وِيرِ وَرَنديِئَہه ويسَرا! ويھُه مَ ويڳاڻا

ھِيءَ نِنڊ۠ نه ڄاڻا، ڪَڏِھن ھَڻَندِيَئِہه ڪُنَ ۾. (سُر سري راڳ)

  تون پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ (وقت سر) سودي سامان جا سڀ قسم وٺي گڏ ڪر (ھن عمل جي دنيا ۾ وقت جو قدر ڪر). جيڪڏھن تون سستي ڪري (بيپرواھ ٿي) ويھي رھين ته سمنڊ جي وير پوئتي موٽي ويندي. (پاڻي لھي ويندو ۽ تون سڪيءَ تي ٻيڙي ھاڪاري نه سگهندين). تون جنھن (غفلت جي) ننڊ ۾ آھين، خبر ناھي اھا توکي ڪڏھن ٿي ڪُن ۾ ھڻي (جتان پوءِ تنھنجو نڪرڻ محال ٿي ويندو).

 ڪِين سُمُهہه ڪين جاڳُ، نِنڊ۠ نہه ڪِجي ايتَرِي

اِيءُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيھُه ڀانئِيو. (سُر ڏھر)

(اي انسان) تون ڀلي ڪجهہه وقت ننڊ ڪر، پر ڪجهہه وقت سجاڳ ضرور رھه. (ياد رک) گهڻي ننڊ ھرگز نہه ڪجي. ھيءَ (دنيا جو جھان) ٿوري دير رھڻ واسطي آھي، پر تو ان کي هميشه رھڻ جو ھنڌ (دائمي وطن) سمجهيو آھي. (اھا تنھنجي وڏي ناداني آھي.) شاھ صاحب ٻڌائي ٿو ته زندگي جھد مسلسل ۽ اڻ ٿڪ ڪوشش جو نالو آھي. وحدت الوجود جي شارح ابن عربي چيو آهي: جڏھن ڳولھا ڪرڻ وارا مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن ٿا، تڏهن ان ۾ کين ڪاميابي ٿئي ٿي. زندگي ھڪ اوکو پيچرو آھي جيڪو ورن وراڪن ۽ جابلو لڪن مان لنگهي جيسين وڃي پار نه ڪجي تيسين حق جي رسائي ڏاڍي ڏکي آھي. ھن لاءِ ارادي ۽ عمل ۾ پختگي ھئڻ کپي. شاھ صاحب فرمايو آھي:

نَڪو سُکُ نَکَٽ۠ين، نه ويساندِ نَئِين

جيڪا اَچي سامُھِين، ڀانئِين سَا سَئِين

مُوڙِي ڪوھُ مَئِين، جِئَن سَڄيُون راتِيُون سُمَھِين. (سُر سري راڳ)

آسمان ۾ جيڪي نکٽ (خاص تارن جا ميڙ) آھن، انھن کي ھڪ جاءِ ٽڪاءُ ڪونهي (پيا اڀرن، ھلن ۽ لھن). ائين (جبلن تان لھندڙ) نين جو پاڻي به ڪٿي بيھي نٿو رھي (بنا ساھي ۽ دير جي تکو وھي وڃي ٿو). تنھنجي سامھون اھو سڀ ڪجهہه پيو ٿئي، پر تون ان کي سولو ٿو سمجهين (رؤنشو ڪري وٺين ٿو). ھڪ طرف تون سڄيون راتيون (غفلت ۾) سمَھيو پيو آھين، ٻئي طرف مالدار ٿيڻ جا خواب پيو لھين!

سُتي نه سَرَندياءِ، ڪَرِ پَچَارَ پِرِينءَ جِي

وِھامِي وِيندياءِ، گهَڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا. (سُر ڏھر)

توکي سمھڻ (غفلت) مان ڪجهہ حاصل نه ٿيندو. تون اٿي پنھنجي سپرينءَ کي ياد ڪر. تنھنجا اھي (جوانيءَ جا) ڏھاڙا ائين گذري ويندا، پوءِ تون پشيمان ٿيندين! (پر تڏھن توکي ڪجهہه حاصل نه ٿيندو.) لطيف سائين ۾ تمام گھڻيون سھڻيون ڳالھيون آھن، پر اھم ڳالهه جيڪا آھي، اھا ھيءَ آھي ته دنيا اندر زندگي ڪيئن گذارجي ۽ موت کانپوءِ به زنده ڪيئن رھجي؟ اچو ته لطيف سائين جي فڪر ۽ پيغام مان معلوم ڪجي.

لطيف سائين زندگيءَ بابت چوي ٿو:

جَرَ ۾ ڦوٽو جِيئَن، لَھريُون لَڳندي اَڌَ ٿِئي

تُون پُڻ آھِين تِيئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينھَڙَو. (سُر سري راڳ)

جھڙيءَ ريت پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڦوٽو يا حباب ڇولين جي ٿوري ھيٺ مٿي ٿيڻ سان ڦاٽي ختم ٿي ويندو آھي (ڇو ته اُن جو وجود بلڪل عارضي ھوندو آھي)، اھڙيءَ ريت تون پڻ (تنھنجو وجود به بلڪل عارضي آھي) ھن دنيا ۾ ڪجهہه وقت لاءِ آھين. اھڙي مختصر ۽ ٿوري زندگيءَ کي جدوجهد، لڳاتار محنت، جستجو تڙپ سان ئي حسين بڻائي سگھجي ٿو. ڇوته ڪنھن به مقصد جي حاصلات ھجي، خلق خدمت ھجي، وطن ۽ ڌرتيءَ لاءِ قرباني ڏيڻي هجي، اھڙو درس ۽ پيغام لطيف سائين کان ئي سکي سگھجي ٿو. ڇوته لطيف سائين خود ھڪ آدرشي انسان آھي. جنھن وٽ وڏا عظيم ۽ اعليٰ مقصد آھن ۽ ان جي حاصلات لاءِ رستا ۽ راھون به آھن جيئن ھن خوبصورت انداز ۾ مخاطب ٿي زندگي گذارڻ جو پيغام ڏئي ٿو:

ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻَ وارَ، اَڄُ پُڻ آڳِڙِيَنِ جِي

ٻاري مَچُ مِجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ

ڌوڌِئان ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڻِيُون ٿِئي. (سُر يمن)

لوھار اڄ به ساڳيءَ ريت ڌنوڻيءَ (جنھن سان ٽانڊن کي ھٿراڌو ھوا ڏيئي باھ تيز ڪجي) کي ھيٺ مٿي پيا ڪن. ھنن (عاشقن لاءِ) محبت جو مچ ٻاري ان ۾ وڌيڪ اڱار وڌا آھن ته جيئن باھ کي تيز ڀڙڪائي سگهجي. اي عاشق، تون انھيءَ ٻرندڙ مچ کان پاڻ کي پري نه ڪر، ٻيءَ صورت ۾ تون (پوري ريت پچڻ کان سواءِ) ڪچو رھجي ويندين ۽ پوءِ ڪچي رڪ وانگر ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندين (جيڪو ڪنھن ڪم جو نه ھوندو آھي).

جان جِيين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري

تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ھَلُ، ڪانهي ويلَ وھَڻَ جِي. (سُر حُسيني)

(طالب کي ھدايت) اي سسئي، جيستائين تون جيئري آھين ته پيئي ڪشالا ڪري ھل ڇو ته ڪشالن کانسواءِ (وصال لاءِ) ٻي ڪا واھ ئي ڪانهي. گرمي ھجي يا سردي ھر حال ۾ اڳتي وڌندي ھل، ٿوري دير ويھي آرام ڪرڻ جي ڪا گنجائش ڪانهي. ھن دنيا جا ڏک ته اسان جو جياپو آھن، جن کانسواءِ ھيءَ حياتي جنجال آھي. لطيف سائين فرمايو:

ڏُکَ سُکَنِ جي سُونھ، گهورِئا سُکَ ڏُکَنِ ري

جَنِي جِي وِرُونھَ، سَڄَڻُ آيو مان ڳري. (سُر رِپ)

ڏک ۽ غم ئي سکن جو سينگار آھن (غم ئي خوشيءَ جو سبب بڻجن ٿا، غمن کانسواءِ خوشيءَ جو احساس نٿو ٿي سگهي) ڏکن ۽ غمن ۾ يادگيري سان ئي منھنجا محبوب مون وٽ ھلي آيا. تلاش ۽ تڙپ ڪوشش ۽ جدوجهد ڪرڻ ھر ماڻھون جي لاءِ ضروري آھي. علم جي تلاش، روزگار جي تلاش، ڪاميابين جي تلاش، مھارتن جي تلاش، سچ جي تلاش، اعليٰ انساني قدرن جي تلاش، سڪون ۽ سلامتيءَ جي تلاش، اھي سڀ انسان جون فطري ۽ سماجي ضرورتون آھن. انھيءَ ڪري ماڻھو انھن لاءِ تلاش ۽ تڙپ به ان پيماني جي رکي. شاھ صاحب اسان جو نباض شاعر ھو. ھن جتي جتي به انسان جي ڪمزورين کي ڏٺو، اتي ان جو علاج ٻڌايو. ھن اسان ۾ تلاش ۽ تڙپ، ڪوشش ۽ جدوجهد جي کوٽ محسوس ڪئي، ان ڪري اوترو ئي زور ڏئي ھن سستي ۽ غفلت واري ننڊ مان سجاڳ ڪري اڳتي وڌڻ ڪوشش ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ ھمٿايو آھي. اھڙيءَ طرح شاھ صاحب ڪامياب ۽ مثالي انسان جون خوبيون بيان ڪيون آھن، ۽ ٻڌايو آھي، ته انھن خوبين وارو ئي صحيح انسان آھي، جيڪو پنھنجو پاڻ کي به ڪامياب ڪري ٿو، ته اجتماعيت لاءِ پڻ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. شال انسان کي سمجهه اچي جو زندگيءَ جي اصل مقصد کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري جنھن ۾ سندس ئي ڀلو آھي.

اَکَرُ پَڙههُ ’اَلفَ‘ جو، ٻِئا وَرَقَ سَڀ وِسارِ

اَندَرِ کي اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيتَرا. (شاھ)