نئون

سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحان ۾ عمر جي حد ۾ ٻه سال واڌ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 2018 جي چٽاڀيٽي واري امتحان لاءِ عمر جي حد ۾ ٻن سالن جو اضافو ڪري 30 سالن مان وڌائي 32 سال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته شيڊيول ڪاسٽ وارن اميدوارن جي عمر جي حد 33 سال ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه سرڪاري نوڪري ڪندڙن جي عمر 35 کان وڌائي 37 ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته وڏي وزير جي ڪجهه اميدوارن طرفان درخواستون ڏنيون ويون هيون ته جنهن ۾ هن کان درخواست ڪئي وئي هئي ته انهن جي عمر جي حد ۾ واڌ ڪئي وڃي جنهن جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هو ڪجهه اميدوارن جي نه پر سڀني جي عمر جي حد ۾ واڌ ڪندو.