هڪ پرنٽر سان تيار ڪيل دنيا جي پهرين ڪار
چين ۾ ٿري ڊي (3D) پرنٽر ذريعي ڪار تيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي ايندڙ سال مارڪيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ان ڪار کي شنگهائي جي ٿري ڊي پرنٽنگ ڪلچرل ميوزيم ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪار اٽلي جي ڪمپني پاران تيار ڪئي وئي آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته ٿري ڊي ٽيڪنالاجي ذريعي ايل ايس اي جا تمام پارٽس تيار ڪيا ويا آهن جنهن جو ڪل تعداد 57 آهي. جڏهن ته ڪار جو وزن 450 ڪلو گرام آهي. هن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان عام گاڏين جي مقابلي ۾ ستر سيڪڙو گهٽ قيمت اچي ٿي. منفرد طريقي سان ٺاهيل هن ڪار کي ايندڙ مهيني چين ۾ ٿيندڙ آٽو شو ۾ به پيش ڪيو ويندو.