ڪراچي جو نيو ڪليئر پلاٽ محفوظ آهي: آءِ اَي اِي اي
آءِ اَي اِي اي جي ڊائريڪٽر جنرل يوڪيو امانو پاران ڪراچي جي نيو ڪليئر پاور پلانٽن جي سيڪيورٽي کي ساراهيو ويو آهي. يوڪيو امانو پاران ڪينوپ-II ۽ ڪينوپ-III جي دوري بعد چيو ته ٻنهي پلانٽن کي تمام سٺي نموني محفوظ بڻايو ويو آهي. هن چيو ته توهان جي ملڪ کي وڌيڪ بجلي گهرجي ٿي توهان نيو ڪليئر توانائي جي تحفظ لاءِ سنجيده آهيو ۽ توهان آءِ اَي اِي اي سان ڪم ڪري رهيا آهيو ۽ آءِ اَي اِي اي به پاڪستان جي نيو ڪليئر توانائي جي پرامن استعمال کي ساراهي ٿي. سندس چوڻ مطابق ته نيو ڪليئر توانائي صرف ترقي يافته ملڪن لاءِ ضروري نه آهي پر ان تائين ترقي پذير ملڪن کي به پهچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ نيو ڪليئر توانائي تي ڪم ڪرڻ لاءِ سٺا ماڻهو آهن ۽ پاڪستان ۽ آءِ اَي اِي اي وچ ۾ سٺو لاڳاپو آهي. يوڪيو امانو وڌيڪ چيو ته آءِ اَي اِي اي جو ڪم صرف نيو ڪليئر هٿيارن کي پکيڙ کي ڏسڻ نه آهي پر ان جو ڪم انڊسٽري، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ به آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نيو ڪليئر توانائي سان ٽريٽ ٿيل انب تمام مزيدار آهن. هي ڳالهيون هن هڪ سيمينار ۾ ڪيون جنهن جو عنوان نيو ڪليئر توانائي جو پرامن استعمال ۽ پاڪستان هو.

