بيروزگاري
سياري جي ٿڌڙي صبح ۽ آسمان تي ڪڪر ڇانيل، ھر منظر تي ماڪ ڦڙن پنھنجا نقش ٿي ڇڏيا، جيئن سج نڪرندو آيو، تئين ماڪ ڦڙن جا چٽيل نقش به ڌنڌلا ٿيندا ويا.
ماڻس ٻانھن کان لوڏيندي….!
مرتضيٰ اٿ، سج چڙھي آيو آھي، اڃا اگھور ننڊ پيو آھين. تنھنجي عمر جا ڇوڪرا ته ڏس ڪيئن ٿا نوڪريون ڪندا وتن.
مرتضيٰ جھٽ کڻي کٽ تان بُل ڏئي، اٿيو ۽ تڪڙ ۾ ٿڌي پاڻيءَ سان ھٿ منھن ڌوئي کٽ تي اچي ويھي رھيو.
امان چانھ ڪونھي ڇا؟
ماڻس ڇڙٻ ڏيندي!
چانھ؟ ھتي تون ويٺو، صبح شام مفت جا ٽڪر ڀڃ، باقي نوڪري ڪرڻ کان ٻرو اٿئي.
مرتضيٰ جي منھن جو پنو ئي لھي ويو ۽ بغير ڪا ورندي ڏيندي ھٿ ۾ ڪاغذ کڻي، کسڪي ھليو ويو.
ورانڊي جي جاريءَ کان جھاتي پائيندي!….
ادي ملڪان!!
لوڻ ڪڻان ته ڏجان.
ملوڪان منھن تي گھنج آڻيندي چيس!…
کڻ ادي، ادي ڳالھ ته ٻڌ پٽھين کي نوڪري ملي يا ڪا نه؟
بس ادي لڳو ته پيو آھي، جڏھن مليس ڀلا.
ملوڪان چيس ته پٽھين نوڪري لاءِ ويندو اٿئي الائي جي نه، نه ته منھنجو اسلم به ته ان سان گڏ پڙھيو پوءِ؟ ملي وئي نه ھن کي به.
ھاجران وائڙي ٿيندي ٻڌندي رھي.
خبر ٿئي!
ھاجران ڇاجي ادي؟
ملوڪان چيو پاڻ واري حسينه جو پٽ جڏھن يونورسٽي کان پڙھي آيو، پورا ٽي مھينا ويھي کاڌائين نيٺ پڻس ماڻس ھن جي ماني ٽڪي اصل بند ڪري ڇڏي ته جيئن بکون ڪاٽي ته ڀلي خبر پئيس، تڏھن ئي ڪنھن روزگار يا نوڪري سان لڳندو. ڏٺئي؟ ائين ڪرڻ سان اھو ڇوڪرو به اڄ ڪالھ روزگار سان لڳل آھي.
ھون ھاجران سوچيندي جواب ڏنو!…
چوين ته صحيح ٿي. مان به ڪن تي ڳالھ ھڻانس پئي.
ڏاڏي، مرتضيٰ کي گھر ايندو ڏسي پڇڻ لڳي، اچي وئين!
ڏي حال احوال ڪو بلو ٿيو؟
مرتضيٰ نظرون زمين ۾ کپائي ڇڏيون.
وات ۾ مڱ پئجي ويا اٿئي ڇا؟
يا توکي وقت تي ماني ٽڪر ملي ٿو ته بس ڳالھ ئي ختم.
ماڻس چيو ٻڌ ته سھي تون روزگار لاءِ ويندو آھين يا صرف ماني جي وقت تي واپس ايندو آھين؟ مرتضيٰ جي اکين جا سڀ بند ٽٽي پيا ۽ ڳوڙھا تيزيءَ سان ڳلن جو رخ ڪرڻ لڳا، ھٿن مان ڪاغذ کٽ تي رکي غسلخاني جو رخ ڪيائين، منھن ڌوئي ٻاھر نڪري آيو.
منور جي خبر پيئي!
ماڻھن جو اولاد سڌريل آھي، پڙھي ويا ۽ ھاڻي روزگار سان به لڳا ۽ اسان بدنصيب پيٽ تي پٿر رکي، ھنن معتبرن کي پڙھايوسين ۽ يونيورسٽيءَ پڙھڻ کان پوءِ به اڃا آرام جا ٽڪر ويٺا کائن.
خاموشيءَ سان ڪمري ۾ وڃين، ڊائري کولي، پنھنجي ڳوڙھن ۾ قلم ٻوڙي بيروزگاريءَ جي اذيت مان گذرندي، ھر تلخ رويي کي لفظن جو جامو پھرائيندو رھيو.
ڪارل مارڪس ڪيڏي نه ڪمال جي ڳالھ ڪئي آھي ته:
“سرمائيداري نظام ۾ ھر رشتو سرمائي جي بنياد تي بيٺل آھي”
ٻئين ڏينھن
پڦي مرتضيٰ کي چيو ته توکي آخر نوڪري ڇو ڪونه ٿي ملي؟
سڀ ڪن پيا تو وارا دوست جيڪي توسان گڏ پڙھيا، جيئن اھو پاڙي وارو اسلم ۽ ادي کي چوان اھو جڏو منور به.
مرتضيٰ خاموش بت بڻيو بيٺو رھيو، ڇاڪاڻ ته ھن سمجھو ٿي ته غربت جي بک ۾ پاھ ٿيندڙ جانيون اندران کوکليون ٿينديون وينديون آھن، سواءِ دانھن ڪوڪ جي سندن وس ۾ ڪجھ ڪونه ھوندو آھي. گھر وارن جي تلخ جملن کي ھن جي خالي جوابن سان ته ٿڌو ڪونه ٿو ڪري سگھجي نه.
ڀيڻس سڏ ڪيو،
ادا!..
مرتضيٰ ھون!…..
رات ماني کاڌي ھيئي؟
نه!..
ڀيڻس پچيو، پوءِ بک نه لڳي ھيئي؟
مرتضيٰ نه!!
ماني کائڻ جو حق انکي ھوندو آھي جيڪو ڪمائي.
ڀيڻس چيو پوءِ ادا مان به ته کانوان پئي نه!
مرتضيٰ چيو گُڏي! تون ننڍڙي آھين ۽ ان عمر ۾ والدين جي ذميواري ھوندي آھي، اولاد جي صحت جو خيال رکڻ ۽ سندن بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، پر جڏھن اسان وڏا ٿيندا ويندا آھيون، ته اسان تي به اھڙيون ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، جيڪي اڄ اسان جا والدين نڀائن ٿا، سي اسان کي به نڀائڻيون آھن.
ڀيڻس ھون..! ٻانھن کا جھليندي!
ٻاھر نه وڃ، بيھ گھڙي ۾ مان اچان ٿي.
گُڏي ڊڪندي ڪڻڪ جي مانيءَ جو ٽڪر پنھنجي معصوم ھٿن جي ٻنھي ٻڪن ۾ لڪائي، کڻي اچي ڀاءَ جي اڳيان رکيائين.
ادا ھي جلدي کا طاقت ٿيندئي تڏھن ته نوڪري لاءِ پنڌ ڪري سگھندين.
ننڍڙي ڀيڻ جي ڳالھ تي ھو ٿورو مشڪيو.
مرتضيٰ پنھنجي ننڍي ڀيڻ سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڀاءَ جو وڏو خيال ڪندي آھين، ڪڏھن ڪڏھن ته لڳندو اٿم ته مان تنھنجو وڏو ڀاءَ نه، پر تون منھنجي وڏي ڀيڻ آھين.
سندن ٽھڪن موت جھڙي ڇانيل ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيو.
ھتان ماني ڪير کڻي ويو؟
ماڻس جو آواز ٻنھي جي ڪنن تي پيو ۽ ٽھڪ خاموشيءَ ۾ تبديل ٿي ويا.
ڏاڏي چيو ته ڌيڻين کڻي ويئي.
اھا ته کائي وئي،
گھڙيءَ کن سوچڻ بعد
ھون…! پڪ ته ڀاڻس ڏانھن کڻي وئي ھوندي.
گھر ۾ سڀ ٻڌي ڇڏين جيسين ڪمائن نه ٿا کائين به نه!
مانيءَ جو ٽڪر ڀيڻ جي ھٿ مان وٺڻ کان اڳ ئي ھو ٻاھر نڪري ويو.
گُڏيءَ چيو ته امان ادا کي ماني ڏي نه.
بس ڪر آئي آھي ڀاءَ جي وات وڪيل خبر نه ٿئي ڇا!
ھڪ وقت کائون ٿا ته ٻيو بک تي ويٺا آھيون، سڀني جا پٽ ڪمائين ٿا ۽ تنھنجو ڀاءَ ھڏ حرام اڃا ويٺو آھي، جوان جماڻ آھي پوءِ به اڃا جڏو بيمار پڻھين گھر ھلائي.
نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ سي وي مختلف اسڪولن ۽ ادارن ڏانھن کڻي وڃي ٿو.
ھر ھنڌان انڪار ۾ جواب مليس ٿو، پر اڄ وري ھڪ دفعو ٻيھر انٽريو ڏيڻ لاءِ اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو.
مرتضيٰ چيو اسلام عليڪم سائين
مي آءِ ڪم ان؟
آفيسر بي ڊولو منھن ٺاھيندي!..
جواب ڏنو، ييس.
آفيسر چيو ته اوھان پاسي واري ڪمري ۾ وڃو جتي اوھان جو انٽرويو ٿيندو.
مرتضيٰ جي سر…ٿڪل وجود جو بار کڻي کڻي ٿڪجي چڪو ھو، ڀرپاسي واري ڪمري جو دروازو کوليندي ئي اندر داخل ٿيو جتي ٽي آفيسر ويٺل ھئا ۽ پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳا.
اڳيان ويٺل آفيسر چيو
فائل ڏيکاريو!…
ڪاغذن کي ڏسي فارملٽي پوري ڪندي چيائين
ھا ته اوھان ڪٿي پڙھايو ڪونھي؟
مرتضيٰ ڪنڌ ائين زمين ۾ جھڪائي ڇڏيو، ڄڻ ڪا وڃايل قيمتي شيءِ ڳوليندو ھجي. پوءِ وراڻي ڏنائين مان بھتر نموني پڙھائي سگھان ٿو، اوھان ڊيمو وٺي سگھو ٿا يا ڪجھ ڏينھن آبزرويشن تي به رکي سگھو ٿا.
ٽئي آفيسر پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳا ته جنھن ھن وقت تائين پڙھايو ڪونھي ڪو ايڪسپيرئنس ڪونھيس. اھو ڇا پڙھائي سگھندو.
ان کان پوءِ پرئين آخري ڪرسيءَ تي ويٺل آفيسر ھن کان سوال ڪرڻ لڳو.
سنڌي ادب بابت ڇاڪاڻ ته مرتضيٰ ايم اي سنڌيءَ ۾ ئي ڪئي ھئي. مختلف سوالن جو سلسلو شروع ٿيو.
” ادب جو سماجي ڪارج، لسانيات جو علم ۽ آوازن جي علم ۽ جملن جي علم کي ڇا ٿو چئجي؟ لطيف جي 30 سرن جا نالا، ڊگھي بيتن وارو ڪھڙو سُر آھي؟ سر سسئي تي پنجن سُرن جا نالا ۽ ھر سر مان ياد ھڪ ھڪ بيت” جا سوال پڇيا ويا.
سڀني سوالن جا وڏي فخر سان جواب ڏنائين.
اوريان ٻئي آفيسر پرئين ٽئين آفيسر کي آھستي چوڻ لڳا.
اسان چاھيون ٿا، ته ان کي اسان نوڪري نه ڏيون، پاڻ واري صوبيدار مصطفيٰ جي دوست جو ڪو پٽ به اچي ٿو، انٽرويو لاءِ سو مان اڳواٽ انکي چئي ڇڏيو آھي ته نوڪري پڪي آھي. ھن کي انڪار ۾ جواب تون ڏيندي سمجھئي!..
آفيسر دل تي پٿر رکي اھل شاگرد کي انڪار ۾ جواب ڏيندي!…
معاف ڪجو ا…س..ا…..ن……، ھٻڪندي زور تي ھڪڙو جملو ڦٽي کڻي ڪيائين، جيئن ڪنھن اڻوڻندڙ شيءِ کي ڦٽو ڪبو آھي.
بغير اڪيسپرئينس جي اسان نوڪري نه ٿا ڏئي سگھون.
اوھان وڃي سگھو ٿا.
مرتضيٰ سوالن جا جواب ڏيڻ باوجود به انڪار ٻڌي ٻڌي ھن جا ڪن پچي پيا ھيا ۽ پنھنجي ساڻي بت کي کڻي ھلڻ لڳو.
ٻئي طرف ٽيون آفيسر غسلخاني ۾ وڃي ڪنھن حقدار سان ناانصافي ڪندي، سندس ضمير اندر ئي اندر ۾ ائين تڙپڻ لڳو جيئن اسٿما جي مريض جو بند ڪمري ۾ ساھ منجھڻ لڳندو آھي ۽ ھو پنھنجي بي وسيءَ تي تڙپڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳندو آھي. ھو سوچي ٿو ته پنھنجي آئيندي جي نوجوانن تي فخر ڪرڻ گھرجي ته محنتي ۽ ھوشيار آھن، پر افسوس ته مان ھن جي لاءِ ڪجھ نه ڪري سگھيس. ھن پاڻ کي ان پکيءَ جيان محسوس ڪيو، جنھن جون کنڀڙاٽيون نئين اڏام ڀرڻ کان اڳ ئي ڀڳيون وينديون آھن.
مرتضيٰ مايوس ٿي اسڪول مان نڪتو ۽ روڊ ڀرسان اچي وڻ جي ھيٺان ويھي رھيو.
پئسا به ڪونھن جو پاڻي وٺي پيان!….
اکيون بند ڪري ساھي پٽڻ لڳو.
ماڻھن جي ھجومن جي دانھُنِ مرتضيٰ جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو.
پري ٿيو!….
پري ھٽو!…
پوليس جي گاڏين جي ھارونن جو شور….. ٽون….. ٽون….
مرتضيٰ جا ساڻا قدم تيزيءَ سان ماڻھن جي ھجوم طرف گھلجندا ويا.
ماڻھن جي ھجومن جا آواز ڪنن تي پوڻ لڳس.
ننڍو نيٽو ھو،
جوان جماڻ آخر ھن ائين ڇو ڪيو؟
الائي ويچارو زندگي مان بيزار ھو.
الائي ڪو وڏو جرم ڪيو هوندائين ۽ انجام کان بچڻ لاءِ گاڏي ھيٺان اچي زندگيءَ جو انت آندائين.
عشق جي چوٽ لڳي ھوندس،
ڪنھن بي وفائي ڪئي ھوندس.
نيٺ پوليس کي ھڪڙو ڪاغذ مليو، جنھن ماڻھن جي بي لغام زبان کي لغام ڏنو. لکيل ھو ته: “جنھن سماج ۾ اسان رھون ٿا. اتي سڀني جي ھوندين به ماڻھو ڪيترو نه ويڳاڻو آھي ۽ اوپرو آھي، مان ته رھيس يتيم منھنجي زندگي عذاب بڻجي وئي، اڪيلي وجود کي کڻي کڻي بيزار ٿي پيس. اکين سان ميرٽ تي لتاڙ ٿيندي ڏسي اکين ۾ اھا ديد به نه رھي جو پاڻ کي وڌيڪ حوصلو ڏئي سگھان، غريب ماڻھو جي زندگي وڏيرن، جاگيردارن، ڀوتارن پاران ڏنل ڄڻ ھڪڙي خيرات ھوندي آھي، جيڪي چاھن ته پل ۾ زندگي کسين، نه چاھن ته پل پل ۾ موت جو منھن ڏيکارن مظلومن جو رت چوسي ھڏا وڃي بچائين”
افسوس صد افسوس!
نوجوان ڇوڪرو ھن جي ته اڃا زندگي پئي ھئي، ھن جا خواب، اميدون سڀ ھن سان گڏ ميسارجي ويا.
مرتضيٰ کي وحيد جي لاش ۾ ڄڻ پنھنجو پٽ تي پيل مردہ بت نظر اچي رھيو ھو.
ذھن ۾ لاتعداد وسوسا، سوال ۽ خدشا کڻي ھلندو ھلندو اچي گھر پھتو.
پڦي چيو ڪجھ ٿيو يا اڄ به ڪم نه ٺھيو؟
مرتضيٰ وحيد جي صدمي ۾ ٻڏل ھو.
توکي ڪو آسرو مليو اڄ؟
خبر ٿئي توکي نوڪري ڇو ڪونه ٿي ملئي؟
مرتضيٰ صدمي مان ٻاھر نڪرندي پڇو. ڇو؟
ڇاڪاڻ ته تنھنجي دوستن جيڪو ڪيو، اھو تو ڪونه ڪيو. پنھنجن ڪاغذن ۾ لکرائين ھا ته تجربو ٿيل آھي، ته ڏسين ھا ڪيئن نه نوڪري ملئي ھان. توکان اھو به ڪونه ٿو پڄي؟
مرتضيٰ، جذباتي ٿيندي!
چوڻ لڳو.
جيڪي مون سان گڏ پڙھيا، انھن مان ڪجهه کي نوڪري ملي آھي اڃا ڪجهه مون جيان بيروزگار آھن ۽ جيڪي مون کان اڳ جا پڙھيا انھن مان به ٿورن کي ملي آھي. باقي جيڪي مونکان پوءِ پڙھيا انھن مان به ڪن کي نوڪري ملي آھي ته گھڻن کي نه! انھن مان به کوڙ بيروزگار آھن ۽ جيڪي بيروزگار آھن خبر نه آھي. اھي ماڻھن جي نظرن کان اوجھل ڇو آھن؟
پڦي وائڙي ڏسندي رھي.
اوھان سڀ صرف انھن جا حوالا ڏيندا آھيو، جيڪي روزگار سان آھن.
پڦي خاموش
۽ انھن کي ته ليکي ۾ ئي نه ٿو آندو وڃي، جيڪي مسلسل ڪوشش ڪرڻ باوجود ڪٿان به ڪا واھ نه کلڻ سبب پنھنجون زندگيون وڃائين ٿا.
خودڪشيون ڪندا رھن ٿا. مون جھڙا ھزارين پنھنجي عمر ۾ پاڻ کي ٺاھڻ وساري ڇڏين ٿا، کلڻ وساري ڇڏين ٿا، زندگيءَ کي جيئڻ وساري ڇڏين ٿا. اھا خودڪشي ناھي ته ڇاھي؟
پڦي تڪيندي رھي.
اڄ به ھڪڙو حادثو ٿيو، منھنجي ھم عمر نوجوان گاڏي ھيٺان اچي پنھنجي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.
پڦي جون اکيون سندس ڳالهه ٻڌي پاڻيءَ سان ڀرجي ويون ۽ هوءَ پنهنجون آليون اکيون رئي جي پلئه سان اگھندي رھي.
مرتضيٰ چيو مان ته آرام جا ٽڪر ڀڃان ٿو نه!
مونکي اوھان جي بکئي رھڻ سان تڪليف ناھي ٿيندي؟
مان ٻاھر وڻ جي ھيٺيان ويٺو ھوندو آھيان، صرف ان انتظار ۾ ھوندو آھيان ته منجھند جي ماني جو وقت ٿئي ته گھر وڃا.
پڦي اسان جو معاشرو رھڻ جي لائق ناھي رھيو. اسان زندگيءَ بجاءِ موت جو رستو اختيار پيا ڪيون.
گھر، ٻار جو پھريون درسگاھ ھوندو آھي ۽ گھر وارن وٽان به جيڪڏھن اھڙين حالتن ۾ ٻار کي سگھ نه ملي، رياست الڳ پورھيت طبقي جي ماڻھن جون زندگيون عذاب بڻائيندي رھي ۽ ادارا الڳ اسانجو رت چوسن ٿا ته اسان ڪيئن مقابلو ڪري سگھنداسين. سرمائيدارن، ڀوتارن ۽ ڪامورن سان جيڪي اسان جي حقن تي ڌاڙا ھڻي رھيا آھن ۽ اسان لاءِ قبرون ٺاھي رھيا آھن. اھو تڏھن ٿيندو. جڏھن ملڪ جي نوجوانن کي ائين نڌڻڪو نه ڇڏبو.
پڦي مرتضيٰ کي ڀاڪر ۾ ڀري نراڙ تي مٺي ڏيندي چيو!
شاباس منھنجا ٻچا اسان کي فخر آھي ته اسان جا ٻار حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو علم رکن ٿا.
***