مسنگ پرسنز جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙ نياڻين تي مرد پوليس اهلڪارن جو تشدد
ڪاله آچر ڏهاري ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مسنگ پرسنز جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙ نياڻين تي مرد پوليس تشدد ڪيو. جنهن ۾ ڇوڪرين جا ڪپڙا به ڦاٽي پيا.قانون مطابق ڪنهن به ڏوهه يا احتجاج کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به عورت کي مرد پوليس وارا هٿ نه ٿا لائي سگهن سواءِ انجي جو سنگين ۽ ايمرجنسي واري صورتحال هجي. سڀ سنڌ واسي ڪالهه واري پوليس جي هن عمل جي مذمت ڪن ٿا.