نئون

ايران نه سڌريو ته کيس تباهه ڪري ڇڏينداسين: آمريڪا

آمريڪي ميڊيا مطابق آمريڪي وزير خارجا مائيڪ پومپيو چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران جي ايٽمي معاهدي کان نڪري اچڻ کانپوءِ ايران پنهنجي ضد تي قائم آهي اهو نه سڌريو ته ان کي تباهه ڪيو ويندو. هن چيو ته آمريڪا ايران جي وچ ايشيا ۾ اثر رسوخ کي گهٽائيندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نه ٺاهي سگهي. مائيڪ پومپيو چيو ته هي ته صرف ابتدا آهي جيڪڏهن ايران پنهنجي رويي ۾ تبديلي نه آندي ته ان تي سخت اقتصادي پابنديون لڳايون وينديون ۽ ايران کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ آمريڪا پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته ايران کي گهرجي ته هو پنهنجي ضد تان لهي وڃي ته پوءِ ان مٿان هنيل پابنديون به هٽايون وينديون ۽ ان سان معاشي ۽ سفارتي لاڳاپا به بهتر ٿي ويندا. ان سان گڏ ئي ايران کي جديد ٽيڪنالاجي به ڏيئي سگهجي ٿي. مائيڪ پومپيو جو چوڻ هو ته ايران تي آمريڪا پاران لڳايل پابندين سان اسان جي دوستن کي ڪافي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. پر انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان ڪنهن به غلط ڪم ڪرڻ واري کي نه ڇڏينداسين.