ذهني دٻاءُ کي گهٽائڻ واري انقلابي ايجاد
الاباما آمريڪا ۾ اهڙو آلو ايجاد ڪيو آهي جنهن ذريعي انسان پنهنجي ذهني دٻاءُ کي گهٽائي سگهندو. ماهرن پاران هڪ وڏي عرصي تائين انساني جسم ۾ اهڙي اعصابي نظام تي تحقيق ٿيندي رهي آهي. هي اعصابي نظام دماغ مان گذرندو ڪن مان ويندي نڙي جي پويان کان وڃي دل ۽ ڦڦڙن کان ويندي پيٽ تي پهچي ٿو، جتي اهو شاخن جي صورت ۾ ڦهلجي وڃي ٿو. هڪ ڊگهي جوتي جي ڊزائين رکندڙ هن اعصابي نظام کي ويگن نظام به چيو وڃي ٿو. ويگن نظام انسان جي پاڻمرادو ڪم ڪندڙ اعصابي نظام جو حصو آهي. جيڪو اسان جي ڪيترن ئي غير شعوري ڪمن کي پاڻ مرادو ڪنٽرول ڪندو آهي ان سان گڏ ئي اهو خطري وقت دل جي ڌڙڪن ۽ بلڊ پريشر کي وڌائي ڇڏيندو آهي ۽ مشڪل حل ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻهي ان کي گهٽائي ڇڏيندو آهي ۽ اطمينان جو احساس ڏياريندو آهي. ان ئي سبب ماهرن ويگن نظام کي احساس جو سپر هاءِ وي قرار ڏنو آهي. ماهرن چيو آهي ته ويگن ٽوننگ اعصابي دٻاءُ کي گهٽائڻ جو اهم طريقو آهي. جيڪڏهن ويگن اعصاب گهٽ سرگرم هجي ته اسان تي ذهني دٻاءُ وڌڻ سبب اداسي ۽ خوف ڇانئجي ويندو آهي. ويگن نظام کي ٺيڪ ڪري اسان ان ڪيفيت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا. هن سلسلي ۾ هڪ آمريڪي ڪمپني اهڙو اوزار ايجاد ڪيو آهي جيڪو اسان جي جسم ۾ موجود هن نظا کي ٺيڪ ڪري ذهن جي دٻاءُ کي گهٽائيندو آهي. ان اوزار جو نالو سينسيٽ (Sensate) رکيو ويو آهي. سينسيٽ اهڙيون آواز جون لهرون پيدا ڪري ٿو جنهن سان رت جي دوري کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت ساهه کڻڻ جي عمل کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو۔ سينسيٽ جو استعمال آسان آهي هن جي استعمال کان پهريان مريض کي آرام واري حالت ۾ ليٽي ڪري ان اوزار کي سيني تي رکڻو هوندو آهي دل جي ٿورو ويجهو جنهن سان ان اوزار مان نڪرندڙ لهرون سيني ۽ پيٽ ۾ پکڙجي وينديون آهن ان طرح سان مريض ٿوري دير ۾ ئي سڪون واري حالت ۾اچي ويندو آهي. ان عمل کي ويگن ٽوننگ چيو ويندو آهي. ماهرن مطابق هن طريقي سان بغير دوا جي ذريعي مريض کي آرام واري حالت ۾ آڻي سگهجي ٿو.