نئون

 ٽرمپ پاران ايران جي صدر کي ڌمڪي

ٽرمپ ايراني صدر کي چيو آهي ته هو شينهن جي پڇ سان نه کيڏي نه ته ايراني جنگ سڀني جنگين جي ماءُ ثابت ٿيندي. ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته ايراني صدر آمريڪا کي ڌمڪيون ڏيڻ کان باز رهي نه ته ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. خبرن موجب ايران پاران آمريڪا کي ڌمڪيون ڏيڻ بعد آمريڪا به ايران کي سخت نتيجن ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي آهي. ٽرمپ اها ڌمڪي سڌي سنئي ايراني صدر کي ڏني آهي. ان جي ٽوئيٽ به ڏسي سگهجي ٿي.

ٽرمپ جي ٽئٽر تي ڪيل ٽئيٽ جو منظر

ٽئٽر جي ٿورن سان