جيئن ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ اهڙي منفرد ۽ نرالي زبان آهي جنهن جي علمي ۽ ادبي ذخيري ۾ ڪيترو ئي مواد موجود آهي، انهيءَ مواد ۾ مضمون نويسيءَ جي تمام گهڻي اهميت محسوس ٿيندي رهي آهي. مضمون جيئن ته هڪڙي نثري صنف آهي، انهيءَ جا مختلف قسم ٿين ٿا جيڪي هي آهن:
شخصي مضمون: جنهن کي داخلي مضمون به سڏيو وڃي ٿو: ماهوار “نئين زندگي” جنهن سنڌ جي هڪ بي بها خزاني متعلق معلومات پئي ڏني آهي، جيڪو مضمون جهڙي اهم صنف جي لکندڙ جي ياد ڏياريندو رهيو آهي. سنڌ ٻوليءَ جي بهترين مضمون نگارن ۾، سيد ميران محمد، ڪوڙو مل چندن مل، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، سيد عطا حسين شاهه موسوي، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين تمام سٺا ۽ مختلف موضوعن تي مضمون لکيا آهن. اسان جي برک مضمون نگارن ٻين به ڪيترين ئي صنفن تي سٺو ڪم ڪيو آهي، پر مضمون نگاري جهڙي دلچسپ موضوع تي جهڙي انداز سان فطرت نگاريءَ جا جيڪي رنگ ڀريا آهن سي نهايت ئي لاجواب نظر اچن ٿا. اسان جڏهن بدوي صاحب جي مضمونن جو مطالعو ڪريون ٿا ته انهيءَ وري سنڌ جي عالم ۽ بزرگ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت جيڪي مضمون لکيا آهن، سي ڏاڍا معلوماتي وڻندڙ مضمون آهن. اسان جڏهن سندس مضمون “شاهه جي شعر ۾ سنڌ جون رسمون ۽ ريتون” جو اڀياس ڪريون ٿا ته ڪمال نظر اچي ٿو. مذڪوره مضمون ماهوار “نئين زندگي” جي آڪٽوبر 1954ع جي پرچي ۾ نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح شفيع احمد علوي جا ٻه مضمون “اقبال جو جديد شاعريءَ تي اثر” نئين زندگي، اپريل 1953ع ۾ ٻيو مضمون “سچل سرمست جو فارسي ڪلام” ماهوار “نئين زندگي” سن 1953ع جي شماري ۾ شامل آهي. اهڙيءَ طرح “شاهه جي ڪلام ۾ تغزل” جي عنوان هيٺ احسان بدويءَ جو مضمون سيپٽمبر 1956ع جي ماهوار “نئين زندگي” جي پرچي ۾ شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ هن شاهه صاحب جي شاعريءَ جي انداز کي اپٽاريو آهي، اهو طريقو جديد ۽ شاندار نموني جو نظر اچي ٿو.
تاريخي مضمون: جيئن ته تاريخي مضمونن ۾ ليکڪ پنهنجي ذاتي مشاهدن ۽ مطالعي جي ذريعي ڪن ماضيءَ جي اهم واقعن کي مدنظر رکي حال جي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ماضيءَ جي پرک ڪري ٿو. ڪو تاريخي واقعو جنهن کي پرکڻ سان گڏ سوچيل سمجهيل ۽ بيان ڪيل موضوع کي واضح ڪندو آهي ۽ زندگيءَ جي فلسفي کي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، انهيءَ ڪري مضمونن ۾ فلسفيانه رنگ نظر ايندو آهي، جنهن مان ليکڪ جي زندگيءَ جي جهلڪ پڻ نظر ايندي آهي ته هو ڪيترو مطالعو ڪندڙ ۽ زبان جو ماهر آهي يا ڳالھه کي بيان ڪرڻ جو وٽس انداز آهي. ساڳئي طرح تاريخي مضمونن ۾ وري تاريخ جي معلومات حاصل ٿئي ٿي. تاريخي مضمون سنڌي ادب ۾ ڪافي اهميت رکن ٿا: جيئن عثمان علي انصاري جي طبعزاد مضمونن جو مجموعو “درس عمل” جي نالي سان شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ اخلاقي ۽ تاريخي مضمون شامل آهن. هڪ سئو چئن صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جو هڪ بهترين ڪتاب آهي، جنهن جو هرهڪ موضوع مضمون جي اهميت مان اجاڳر ٿي آڏو اچي ٿو. انهيءَ کان علاوه بادام ناتوان جي مضمونن جو مجموعو “شڪسته زندگي” ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. اهو مجموعو سنڌ جي ڏاهي ۽ مدبر عالم علامه دائود پوٽي جي نالي سان منسوب ڪيل آهي. سندس ٻيو مجموعو “خوش خصلت” جي نالي سان سن 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ سئو ٽيهن صفحن تي پکڙيل آهي، اُنهيءَ مجموعي ۾ ڏھ مضمون آيل آهن. مضمون هڪ دلچسپ هئڻ سان گڏ گهڻ موضوعاتي صنف آهي جنهن ۾ گونا گون موضوع اچن ٿا. مثال: قدرتي نظارن کان ويندي وڻن، ميون، معدنيات، گلن، بيمارين، مذهبي ڏينهن، راندين، ميلن ملاکڙن، چانڊوڪي راتين، تاريخي شهرن، ڳوٺن، جانورن، تاريخي عمارتن، جنگين، مشهور شخصيتن، ايجادن وغيره تي لکبا رهيا آهن.
مضمون لکڻ وقت فن جي گهرج: مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي چونڊ ڪرڻ وقت اُن جي لوازمات جو خيال پڻ رکندو آهي. مضمون جي شروعات وچ ۽ پڇاڙي ڪيئن ٿيندي آهي، اُن لاءِ مضمون نگار مضمون جي شروعات ڪرڻ کان اڳ اُن جا ٽپ وٺندو آهي ۽ پوءِ هڪ سلسلي ۾ اُن کي ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي وڌائيندو هلندو آهي. ڪاريگر کي ڪابه جڳھه تيار ڪرائڻي هوندي آهي ته سڀ کان اڳ ۾ اُن جو خاڪو ذهن ۾ رکي تيار ڪندو آهي، پوءِ ان کي وڃي عمارت جي صورت ڏيڻ واسطي اوساري کڻي ڏاڍي احتياط سان آهستي آهستي هرهڪ شيءِ کي ترتيب ۾ آڻبو آهي. ڪهڙي شيءِ کي ڪٿي ۽ ڪيئن رکڻو آهي ۽ اُن کي ڪيئن بيان ڪبو انهيءَ کي سهڻن لفظن جا روپ ڏئي واضح ۽ وڻندڙ لفظن ۾ دلڪش ۽ دلنشين بڻائي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪبو آهي ته جيئن پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪجي وڃي ۽ واهه واهه نڪري وڃيس. ڪٿي ڪنهن شاعر جي شعر جي ضرورت به پوي ته ڏئي ڇڏجي جيئن وڌيڪ مضمون جو مواد وڻندڙ رهي. بيهڪ جي نشانيُن جو ڌيان لازم آهي.
اسان پنهنجي تحقيق دوران ڪيترن ئي مضمونن جو مطالعو ڪيو آهي، جنهن ۾ ليکڪن جا ذاتي خيال ۽ دلي جذبا سندن چونڊ مضمونن ۾ نظر آيا آهن. ڪن مضمونن ۾ ليکڪن جو ادبي نقطهءِ نظر ڪنهن ادبي پاري جي صنفن جي خوبين ۽ خامين تي تفصيلي بحث ڪيل هوندو آهي. يعني فلسفيانه ۽ منطقي جذبا، اختصار، زبان ۽ اسلوب جي سادگيءَ کان علاوه مصنف جا پنهنجا خيال، جذبا، تجربا، مشاهدا، مطالعو، ڪٿي تعريف ته ڪٿي اخلاقي طنز وارو انداز نظر ايندو آهي. ادبي مضمون چئبو ئي انهيءَ کي آهي جنهن ۾ ڪابه لکڻ جي پابندي نه هجي ته ٻي ادبي مضمونن جي خوبي هي آهي ته عقل کان وڌيڪ انساني جذبن جو عمل دخل هجي. ورهاڱي کانپوءِ مضمون نويسيءَ ڏانهن تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي، جن مضمون نويسن پاڻ موکيو آهي تن ۾سيد عطاحسين شاهه موسوي جو “ڪچ ڪوڏيون” وڏي شاهڪار جي حيثيت سان نمايان نظر اچي ٿو، اهڙيءَ طرح ليکراج ڪشنچن عزيز جو “ادبي آئينو” نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو “ادبي غنچو” ۽ لعل چند امر ڏني مل جو “سدا گلاب” ادبي مضمونن جا لاجواب ڪتاب آهن. اهڙي طرح عثمان علي انصاريءَ جا مضمون ادبي خوبين سان نروار نظر اچن ٿا. مٿي ڏنل ڪتابن سنڌي ادب ۾ نه رڳو اهم اضافو ڪيو آهي، بلڪه مضمون جهڙي صنف کي عمدي حيثيت وارو بڻائي ڇڏيو آهي.