عدالت ڪمزور ٿي وئي ته ملڪ خطري ۾ اچي ويندو: چيف جسٽس
چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن هي ادارو ڪمزور ٿي ويو ته ملڪ جو بقاءَ خطري ۾ پئجي ويندو. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جڏهن هن عهدو سنڀاليو ته ٻارن جو کير به خالص نه ملي رهيو هو، ٻارن جي کير کان ڪم شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پاڻيءَ بنا ڪابه زندگي ناهي ۽ ڊيم ڪنهن سازش تحت ٺهڻ نه ڏنا ويا آهن. پاڻي جي معاملي تي چين سان ملي ڪري ڪم ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان جي اداري کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جنهن سان ان کي قابو ڪيو وڃي. جڏهن ته مان واعدو ڪيو هو ته جمهوريت تي داغ نه لڳڻ ڏيندس. اليڪشن ٿيندا ۽ اليڪشن جو ٿيڻ عدالت جي طاقت، اسٽيٽس ۽ پوزيشن آهي. جڏهن ته عدالت جي طاقت سان آئين ۽ جمهوريت ملڪ ۾ قائم رهندا. هن وڌيڪ چيو ته هميشه ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انصاف لفظي نه هجي پر انصاف ٿيندو نظر اچي. مان ننڍو انسان آهيان مون ۾ تڪبر نالي ڪابه شيءِ ناهي، دعاڳو آهيان خدا هن قوم کي هڪ سٺو ليڊر ڏئي.