سياري ۾ گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائيءَ جو اعلان
نومبر جو مهينو شروع ٿي چڪو آهي. گرمي الوداع چئي پنهنجا پر سورڻ شروع ڪيا آهن، سياري جي آڌر ڀاءُ جون تياريون آهن. هن سال گهڻين برساتن جي ڪري سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ اڃان به برسات جو پاڻي بيٺل آهي. اهڙي صورت ۾ موسم جي تبديليءَ ۾ شدت جي احساس کي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سيارو وقت کان اڳ ڪر موڙي اٿيو آهي ۽ شايد شدت سان پنهنجي هجڻ جو اعلان ڪندو. اهڙي وقت ۾ وفاقي حڪومت اڳ ۾ ئي اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جي قلت سياري ۾ شدت اختيار ڪندي. آئين موجب جنهن صوبي مان جيڪي وسيلا نڪرن ٿا پهرين انهن تي اتان جي صوبي واسين جو حق آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ جنهن به صوبي مان جيترا به وسيلا هٿ اچن ٿا اهي پهرين پنجاب ۽ اسلام آباد جي ماڻهن لاءِ استعمال ٿين ٿا ۽ پوءِ ان صوبي جي رهواسين جو وارو اچي ٿو جتان اهي وسيلا هٿ اچن ٿا. هن ملڪ جي عوام جي بدقسمتي اها آهي ته نه مارشلا جي دور ۾ ۽ نه وري جمهوري دورن ۾ عوام لاءِ بهتر حڪمت عملي سان وسيلن جو درست استعمال ڪرڻ لاءِ ڪا ٺوس منصوبابندي نظر آئي آهي. ملڪ مان جيترا به گئس جا وسيلا هٿ آيا تن کي CNG گاڏين ۾ ٻاري ختم ڪيو ويو ۽ اڃان تائين به گاڏين جي ٻارڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. اهو ڪنهن به ملڪ جي وسيلن جي غلط استعمال ۽ بد انتظامي جو وڏي ۾ وڏو ثبوت آهي جو جنهن وسيلن سان توهان ڪيترن ئي سالن تائين گهرن جون چلهيون گرم ڪري سگهو ٿا ۽ فيڪٽرين ۾ پيداوار ڪري سگهو ٿا، ان وسيلي سان توهان گاڏين کي هلايو ۽ ان جو پاسو وري ٻيو هڪڙو الڳ آهي جو گهٽ معيار وارا سئلينڊر گاڏين ۾ ڦاٽڻ کانپوءِ ڪيترائي حادثا منظر عام تي ايندا رهن ٿا.
ظلم اهو آهي ته هن سال گرمين جي موسم ۾ به گئس جو لو پريشر ۽ لوڊشيڊنگ مختلف جاين تي مختلف وقتن تي جاري رهي آهي. اهو حڪومت جو آئيني فرض آهي ته پهرين گئس گهريلو صارفين کي ڏني وڃي، پر ايئن ٿئي نٿو. 2015ع کان پاڪستان قطر کان LNG گئس خريد ڪندو رهيو آهي، پر ان جي باوجود طلب ۽ رسد جي وچ ۾ هڪ وڏو خال هميشه رهيو آهي. هن وقت يورپ ۾ به ٻارڻ جي کوٽ سامهون اچي رهي آهي ۽ مختلف ملڪن جا باشندا پنهنجن ملڪن کان ڪجهه مهينن لاءِ سياري وارو عرصو گذارڻ لاءِ گرم ملڪن جو رخ ڪري رهيا آهن. اهڙن ملڪن ۾ توانائي جي وسيلن لاءِ متبادل ذريعا تلاش ڪيا پيا وڃن. اسان جي ملڪ ۾ خوشقسمتي سان سج جي روشني سڄو سال وافر مقدار ۾ موجود رهي ٿي، پر بدقسمتي اها آهي ته ان کي توانائيءَ جي متبادل طور استعمال ڪرڻ لاءِ اڃان تائين ڪي ميگا پروجيڪٽ نه لڳايا ويا آهن جنهن سان گئس جو متبادل حل تلاش ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان جو عوام هڪ تمام گهڻي مشڪل دور مان گذري رهيو آهي. عام ماڻهو جي سالياني آمدني وڌڻ جي بجاءِ قوت خريد ۾ بي پناهه گهٽتائي اچي رهي آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن عوام کي گئس جهڙين بنيادي ضرورتن کان به محروم ڪيو ويو ته عوام جي مٿان تمام گهڻو بار پوندو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسئلا ڪَرُ کڻي اڀا ٿي پوندا.
بهتر اهو ئي ٿيندو ته حڪومت پنهنجي انتظامي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي موجوده گئس جي ذخيرن کي Smart انداز ۾ استعمال ڪري ۽ گهريلو صارفين کي ترجيحي بنيادن تي گئس جي سپلاءِ کي ممڪن بڻائي ته جيئن غريب عوام جو سيارو آرام سان گذري سگهي.
***

