“سنڌ جي سالميت لاءِ ڪنهن ٺھراءُ جي ضرورت نھ آھي.” منھنجي اھڙي راءِ غفلت يا بي پروائي جو اظهار نھ آھي، بلڪه اعتماد جو بيباڪ اعلان آهي، جيڪو چوي ٿو ته سنڌ جي علاقائي وحدت/ايڪتا هڪ فطري ۽ ناقابلِ ترديد حقيقت آهي. هزارين ورهين جي بي مثال تاريخ، زنده ثقافت ۽ اٽل جاگرافي ۾ ڳوڙھي چٽيل ۽ کتل جيڪا عارضي قانوني ٺھرائن يا سياسي مفادن جي راند کان ھميشھ مٿاھين رھي آهي. منھنجو هي موقف 21 فيبروري 2026ع تي سنڌ اسيمبليءَ پاران ھڪ راءِ منظور ڪيل ان ٺھراءُ بابت آھي، جنهن ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو قرار ڏيندي ڪنهن به “ورهاست جي سازش” جي مذمت ڪئي وئي هئي؛ منھنجي ليکي اھڙا ٺھراءَ نه صرف غير ضروري آهن، پر خطري کان خالي به ناهن، ڇو ته اهي اڻڄاڻائي ۾ اهڙي ڪمزوري جو تاثر ڏين ٿيون، جتي اصل ۾ ناقابلِ شڪست طاقت موجود آهي ۽ اهڙي ھيڻائي ڏيکارين ٿيون جيڪا حقيقت ۾ ڪٿي به موجود نھ آھي. اهڙيءَ طرح اهي ان اتحاد کي ئي خطري ۾ وجهي سگهن ٿيون، جنهن جي حفاظت جي دعويٰ ڪن ٿيون.
منهنجو مقصد بلڪل واضح آهي: ڇا هن ئي اسيمبلي ۾ ماضيءَ مان ون يونٽ جي حمايت ۾ ڪو ٺهراءُ منظور نه ڪيو ويو هو؟ ڇا ساڳي ملڪ جي قومي اسيمبلي تازو ئي 27 هين ترميم جهڙو “تاريڪي” فيصلو منظور نه ڪيو آهي؟ ۽ جيڪڏهن سڀاڻي ساڳي اسيمبلي ۾ موجود اھي ئي نمائندا گڏجي سنڌ جي سالميت خلاف ڪو ٺهراءُ منظور ڪن ته ڇا پوءِ سنڌ جو عوام اھڙو فيصلو منظور ڪري خاموش ٿي ويھي رهندو؟ ڇا اهي پنهنجن حقن، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ گونگا ٿي رهڻ پسند ڪندا؟ يا اهي اهڙي غير سنجيده، غير ذميواراڻي ۽ بي بنياد قدمن کي قبول ڪرڻ تي مجبور ھوندا؟
حامين جو دليل آهي ته سنڌ جي سالميت جڳ پڌري آهي. تاريخي بنيادن تي قائم، آئين ۾ جڙيل، ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان ثقافتي طور اڻ ٽٽ رشتن ۾ ٻڌل. سنڌ جي قديم ورثي، پاڪستان سان ان جي رضاڪاراڻي الحاق، ان جي نسلي ۽ لساني کوڙ ورنائي ۽ ڪنهن به ورھاڱي جي قومي سطح تي تباهه ڪن نتيجن تي نظر وجهڻ سان هي دليل بي مثال قوت مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي سالميت دائمي، ھٿ چراند کان آجي ۽ پاڪستان لاءِ استحڪام جو مينار آهي. جاگرافي ۾ جڙيل، تاريخ سان مقدس بڻيل، آئين سان تصديق ٿيل ۽ ماڻهن جي روزمره زندگيءَ سان زنده ۽ جاويد.
سنڌ لازوال تاريخي ۽ ثقافتي وجود: هن راءِ موجب ته سنڌ صرف جديد پاڪستان جو هڪ انتظامي صوبو نھ آھي، پر انساني تهذيب جو ھندورو آهي. اهڙو وجود جيڪو پاڪستان کان به پنج هزار سال اڳ جو آهي ۽ جنهن جو ورثو ڪنهن ٺھراءُ سان نه وڌي سگهي ٿو، نه گهٽجي سگهي ٿو. 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان گهڻو اڳ، جڏهن بيٺڪيتي صوبائي نقشا ٺاهيا ويا، تڏهن به سنڌ، درياءَ سنڌ جي پاسن کان هڪ مڪمل تهذيبي وحدت طور موجود هئي.
تقريبن 3300 کان 1300 ق م واري شاندار سنڌو ماٿر سڀيتا (بلڪه سنڌو ماتر سڀيتا) مان جنم وٺندڙ سنڌ وٽ موھن جو دڙو جهڙو عالمي ورثو موجود آهي، جيڪو يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل آهي. هي قديم شهر جديد شهري رٿا بندي، منظم نيڪال سرشتي، گرڊ نموني رستن، واپاري تاڃي پيٽي ۽ پرامن سماجي ڍانچي جي علامت آهي. امن، ذهانت ۽ بقا جا سبق جيڪي اڄ به دنيا لاءِ اهميت رکن ٿا.
1843ع کان برطانوي دور ۾ جڏهن سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي ۾ ضم ڪيو ويو، تڏهن به ان جي انفراديت چٽي نظر آئي، جنهن جي نتيجي ۾ 1936ع ۾ ان کي ڌار صوبي جي حيثيت ملي. لساني، نسلي ۽ تاريخي هم آهنگيءَ جي اعتراف طور تاريخي گهرائين سنڌ کي هڪ زنده ثقافتي شاهڪار بڻايو آهي. صوفي روايتن جو گلستان، جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا لازوال بيت محبت، رواداري، وحدت، صبر ۽ وابستگيءَ جا پيغام ڏين ٿا؛ قديم واپاري رستا جيڪي دنيا کي ڳنڍيندا هئا؛ ۽ گهڻ لساني ورثو جنهن ۾ سنڌي، بلوچي، سرائيڪي ۽ ٻيا لھجا هڪ فطري سنگم بڻجن ٿا. اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي صرف لباس نه، پر وقار، مهمان نوازي ۽ جٽاءُ جا اھڃاڻ آهن. اسلامي اثرن سان مالا مال، ڏيھي مذھبن ۽ متن سان ڀرپور ۽ انساني همدردي ۽ مقامي فڪر ۾ کتل.
هن نظرئي جا حامي چون ٿا ته اهڙي سالميت جي “حفاظت” لاءِ ٺھراءُ پيش ڪرڻ نه صرف غير ضروري آهي، پر تاريخ جي اٽل قلعي جي توهين آهي. هڪ تهذيبي حقيقت کي سياسي نعري ۾ بدلائڻ جي ڪوشش. 1947ع واريون عارضي سرحدون هجن يا رياستن جهڙوڪ: خيرپور جي ضم ٿيڻ جا مرحلا سنڌ جو روح هر آزمائش مان سوڀارو ٿي نڪتو آهي. ان کي ڪاغذن سان “محفوظ” ڪرڻ، ان جي لازوال طاقت کي گهٽ ڪرڻ جي برابر آهي، جڏهن ته اها پاڪستان جي روح جي بنياد طور عزت ۽ تحفظ جي حقدار آهي.
رضاڪاراڻه الحاق ۽ سالميت جا اثر: 1947ع ۾ پاڪستان سان شامل ٿيڻ جو سنڌ جو فيصلو هڪ اهم تاريخي سنگ ميل هو، جيڪو هن دليل کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ته سنڌ جي سالميت ڪنهن ٺھراءُ جي محتاج نھ آھي. 26 جون 1947ع تي سنڌ اسيمبليءَ 58 ووٽن جي اڪثريت سان پاڪستان سان الحاق جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته صرف 3 ووٽ مخالفت ۾ هئا. هي فيصلو ڪنهن جبر جو نتيجو نه، پر سياسي بصيرت ۽ خود مختياريءَ جو اظهار هو. جيئن ته ڪجهه اڳواڻن، جهڙوڪ: سائين جي. ايم. سيد، بعد ۾ وفاقي پاليسين بابت خدشا ظاهر ڪيا، تڏهن به اصل فيصلو سنڌ جي خود مختيار ارادي جي علامت هو. سنڌ پنهنجي سڃاڻپ قربان نه ڪئي، بلڪه هڪ وفاقي رياست جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري سنڌ جي سالميت ڪنهن رعايت يا سياسي مصلحت جو نتيجو نھ آھي، پر هڪ بنيادي تحفو آهي، جنهن جو احترام ۽ اعتراف پاڻمرادو لازم آهي.
هي رضاڪاراڻو فيصلو هڪ بنيادي نقطي کي نروار ڪري ٿو. سنڌ پاڪستان ۾ ماتحت حيثيت سان نه، پر ڀائيوار طور شامل ٿي، پاڪستان جي قيام کي شڪل ڏيڻ ۾ پنهنجو بااختيار ڪردار ادا ڪندي ان جي سڃاڻپ ختم نه ٿي، پر هڪ وفاقي ڍانچي ۾ شامل ٿي، جتي صوبن کي آئين موجب حيثيت حاصل آهي. (جڏھن قرار ۽ قرار دادون خود مختيار رياستن بابت ھئا) هتي اها ناقابلِ ترديد حقيقت سامهون اچي ٿي ته سنڌ جي علاقائي ايڪتا پاڪستان جي وجود سان اهڙيءَ ريت ڳنڍيل آهي، جيئن پنجاب يا بلوچستان جو ڪردار ان ڪري ڪوبه ٺھراءُ مڪمل طور غيرضروري محسوس ٿئي ٿو. پاڪستان جو آئين صوبن کي وفاقي ايڪن طور سڃاڻي ٿو ۽ خاص طور ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبائي اختيار وڌيڪ مضبوط ٿيا، جنهن سان سنڌ جي سالميت اڳ ئي آئيني تحفظ هيٺ اچي چڪي آهي.
سنڌ جي اتحاد لاءِ حقيقي خطرا خاموشيءَ مان نه، پر بدانتظامي، محرومي يا وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ جهڙن نظامي مسئلن مان پيدا ٿين ٿا. اهي مسئلا نشانين يا ٺھرائن نه، پر عملي اپائن جا محتاج آهن. اڪثر اھڙا ٺھراءُ چونڊن يا هنگامي حالتن (جهڙوڪ: 1994ع ۽ 2019ع) سان ڳنڍيل رد عمل واري سياست جو تاثر ڏين ٿا، نه ڪي حقيقي حفاظتي حصار جو. آزاديءَ کان اڳ پاڪستان ٺھراءُ جي حمايت ۽ ڪراچيءَ وسيلي ملڪ جي معاشي مرڪز طور ڪردار، اها تقاضا ڪن ٿيون ته ان جي امن پسند ورثي کي خاموش اعتماد سان عزت ڏني وڃي، بنا ڪنهن غير ضروري تصديق جي جيڪا بيجا شڪ پيدا ڪري سگهي.
ڪراچي جسم اندر ڌڙڪندڙ دل: ڪراچي هن بحث جو مرڪزي محور آهي. پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ۽ معاشي انجڻ هجڻ ھئڻ جي ڪري، هن شهر تاريخي طور مختلف آباديون پاڻ ڏانهن ڇڪيون. ورهاڱي کان پوءِ لڏي ايندڙ مهاجر، پوءِ 1971ع کانپوءِ بهاري، ۽ وقت سان گڏ پٺاڻ، پنجابي ۽ ٻيا. هن آباديءَ جي تبديلي شهري سنڌ جي سماجي ڍانچي کي تبديل ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن تڪرار به پيدا ٿيا. خاص ڪري 1972ع جي ”لساني حملن“ ۽ پوءِ سياسي ڇڪتاڻ جي دورن ۾. تنهن هوندي به، ڪراچيءَ جي گهڻ رخي آبادي ان جي جاگرافيائي ۽ تاريخي وابستگيءَ کي رد نٿي ڪري. 1947ع کان اڳ به جڏهن ڪراچي (ڪولاچي جي نالي سان) سنڌ جي ڌرتيءَ مان اڀري، اهو سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ ۽ برطانوي دور ۾ اهم بندرگاهه هو. ان جي ترقي سنڌ جي ارتقا جو حصو هئي، ڪو ٻاهريون عضوو نه جيڪو الڳ لڳايو ويو هجي.
گهڻن سنڌين لاءِ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ اهڙو عمل هوندو ڄڻ سنڌو ڊيلٽا کي درياءَ کان ڪٽيو وڃي. اهو صرف انتظامي نه، پر علامتي ۽ ثقافتي ورڇ هوندي، جيڪا نسلي گهاءَ گهرا ڪندي، رواداريءَ واري سڃاڻپ کي ڪمزور ڪندي ۽ سنڌو ڊيلٽا جهڙن ماحولياتي خزانن کي خطري ۾ وجهندي، جيڪي ماھيگيري، مينگروز ۽ لکين ماڻهن جي روزگار لاءِ حياتيءَ جو سرچشمو آهن.
نسل پرستي ۽ ورهاست جو سراب: سنڌ جي نسلي گهڻ پاسائي، جيتوڻيڪ تاريخي آزمائشن مان گذري آهي، پر ان جي سالميت تي سوال اٿارڻ کي وڌيڪ بي معنيٰ بڻائي ٿو. ڇو ته هتان جي ماڻهن بار بار ثابت ڪيو آهي ته اتحاد انهن جي طاقت آهي، نه ڪا نازڪ جوڙجڪ. 1947ع کانپوءِ مهاجرن جي آمد، 1971ع کانپوءِ بهارين جي آبادڪاري ۽ پنجابي يا پٺاڻ آباديءَ سان بدلجندڙ سماجي لاڳاپن يقينن چئلينج پيدا ڪيا. شروعاتي دور ۾ لياقت علي خان جي پاليسين ڪجهه شعبن ۾ اردو کي اوليت ڏيڻ، ڪراچيءَ ۾ سنڌي اسڪولن جي بندش، ملڪيت جي حقن تي پابنديون ۽ 1948ع جي فسادن دوران پر امن سنڌي هندن جي زوري لڏپلاڻ، آباديءَ جي توازن کي متاثر ڪيو ۽ شڪايتن کي جنم ڏنو، جيڪي 1972ع جي بحران ۽ شهري، ڳوٺاڻي ورهاست جهڙين حالتن ۾ ظاهر ٿيا. ڪوٽا سسٽم به بحث جو موضوع رهيو، پر اهي سڀ آزمائشون سنڌين جي گڏيل رهڻ جي صلاحيت آڏو بيڪار ثابت ٿيون. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ پنهنجي مهمان نوازي ۽ هم آهنگيءَ سان نون ايندڙن کي قبول ڪيو آهي. اهڙا مطالبا جيڪي صرف انتظامي سڌارن يا وفاقي نگرانيءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي ڪي وجودي خطرو ناهن، بلڪل ڌيان طلب آهن. جهڙوڪ: شهري بدحالي يا وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ، ٺھرائن وسيلي اختلاف ڪندڙن کي “سنڌ دشمن” قرار ڏيڻ اصل مسئلن کان ڌيان هٽائڻ برابر آهي. حقيقت ۾ سنڌ جي ثقافتي زندگي، ميلن ملاکڙن، گڏيل اقتصادي مفادن، برادرين جي پاڻ ۾ شادين ۽ صوفي روايتن جي انسان دوستي، قدرتي طور ڌرتيءَ کي ڳنڍي ٿي. درگاهن ۽ ميلن ۾ گهڻ نسلي شرڪت، لوڪ ڪهاڻيون ۽ گڏيل سماجي ٻنڌڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌ گهڻ پاسائي ثقافت کي پنهنجي وجود ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، بنا پنهنجي سڃاڻپ وڃائڻ جي. تنهنڪري سنڌ جي سالميت کي هر وقت خطري ۾ ڏيکارڻ پولرائيزيشن وڌائي سگهي ٿي. جڏهن سياسي قوتون ورهاست جي سازشن جو ذڪر ڪن ٿيون ته هو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اهڙين ڳالهين کي وزن ڏئي سگهن ٿيون جيڪي شايد حاشيي تي هجن. تاريخ ۽ آئين ۾ جڙيل خاموش اعتماد شايد رد عمل واري اعلانن کان وڌيڪ استحڪام آڻي سگهي ٿو.
سنڌ جي ورهاست بابت ڪنهن به فرضي ٺھراءُ جي نامنظوري: اھڙو نظريو ڪنهن به اهڙي فرضي ٺھراءُ کي، جيڪا سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري. مثال طور: ڪراچيءَ کي الڳ وحدت بڻائڻ نه صرف ناقابلِ قبول، پر سنڌ ۽ پاڪستان ٻنهي سان وڏي بي وفائي قرار ڏئي ٿو. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 239 موجب، صوبائي حدن ۾ تبديلي لاءِ لاڳاپيل صوبي جي اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ۽ پوءِ پارليامينٽ جي منظوري ضروري آهي، جنهن ڪري اهڙي ورهاست قانوني طور انتهائي مشڪل آهي، جيستائين وسيع اتفاقِ راءِ موجود نه هجي.
پر قانوني پهلو کان اڳتي، فلسفي ۽ سياست جي سطح تي به اهڙو قدم گهڻا اثر ڇڏيندو. سنڌ لاءِ اهو تاريخي تسلسل کي ٽوڙڻ برابر هوندو، ڄڻ سنڌوءَ جي وهڪري کي بند ڪرڻ، جيڪو هن تهذيب جي ساھ جي ڏور آهي. اها رڳو انتظامي تبديلي نه، پر علامتي ۽ ثقافتي صدمو هوندو. پاڪستان لاءِ به اهو قدم وجودي خطرو بڻجي سگهي ٿو. بلوچستان ۾ اڳ ئي موجود بيچيني، خيبر پختونخواهه ۾ يا پنجاب ۾ مخالفاڻه سڏ پڙاڏا، اهي سڀ هڪ نئين سلسلي کي جنم ڏئي سگهن ٿا، جيڪو 1971ع جي اوڀر پاڪستان واري الميي جهڙين حالتن کي ياد ڏياري ٿو. پاڪستان جيڪو 1947ع کانپوءِ ڳنڍيل تاريخن جو هڪ مجموعو آهي، سنڌ جي استحڪام سان مضبوط ٿئي ٿو؛ ان کي ٽوڙڻ خطي جي نازڪ حالتن ۾ افراتفريءَ جا در کولڻ برابر ٿي سگهي ٿو. غير جانبدار تجزيو ڏيکاري ٿو ته ڪراچيءَ جا مسئلا يا شهري دٻاءُ حل طلب آهن، پر انهن جو حل ارڙهين ترميم جي دائري ۾ وڌيڪ اختيارن جي ورڇ، وسيلن جي منصفاڻي تقسيم ۽ حقيقي خود مختياري ۾ آهي، نه ڪي حدون ڦيرائڻ ۾، حقيقي ترقي لاءِ جامع سڌارا، صوبائي خود مختياريءَ جو احترام ۽ شموليت تي ٻڌل پاليسيون ضروري آهن، جيئن سنڌ جي امن، بهادري ۽ ثقافتي دولت واري ورثي کي قومي ٿنڀ طور محفوظ رکيو وڃي. پاڪستان جي استحڪام جو دارومدار نقشا ٻيهر ٺاهڻ ۾ نه، پر منصفاڻي حڪمراني ۽ گڏيل احترام ۾ آهي.
سنڌ جي قديم خود مختياري ۽ پاڪستان لاءِ ان جي بي مثال خدمتن کي عزت ڏيو ۽ اهڙي اتحاد کي زور وٺرايو جيڪو ڪنهن تصديق جو محتاج نه هجي، صرف ان جي روشن ورثي کي بچائڻ جي عزم جي ضرورت هجي. هڪ زنده وفاق جي اڻ ٽٽ روح طور. سنڌ پنھنجي سڃاڻپ تي حملا، ٻيٺڪيتي تبديليون، آباديءَ جا ڦيرا ۽ سياسي لاھا چاڙها سڀ برداشت ڪيا آهن. اها سنڌوءَ جي وهڪري سان گڏ جڙي آهي ۽ هاڻي پاڪستان جي سڃاڻپ جو بنيادي حصو آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه ۽ صنعتن وسيلي معاشي طور، صوفي انسان دوستيءَ وسيلي ثقافتي طور ۽ قديم تهذيب وسيلي تاريخي طور، ان جي سالميت کي بار بار بچاءُ جو موضوع بنائڻ، ان جي ڳوڙھائي کي گهٽ سمجهڻ برابر آهي. سنڌ جي طاقت ڪاغذي ٺھرائن ۾ نه، پر سنڌو درياءَ جي وهندڙ، ٺھڪندڙ، پر اڻ ٽٽ وهڪري ۾ آهي، هميشه جيان گڏيل ۽ مڪمل.