بلاگنئون

فيصل راڄڙ ڏاتار زميندار

سنڌ، زرخيز زمين ۽ مالا مال ثقافتي ورثي جي ڌرتي، پنهنجي سخاوت واري فطرت ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ مشهور آهي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي سماجي ڪم ڪندڙن پنهنجي رحمدلي ۽ سماجي جي ڀلائيءَ لاءِ اهڙا ڪم ڪيا آهن، جن اسان جي بيٺل سماج اندر تمام وڏي تبديلي پيدا ڪئي. جن ۾ حيدرآباد ۾ موجود نور محمد هاءِ اسڪول نسلن جي تعليم ۾ حصو ورتو، شاگردن کي اعليٰ تعليم ۽ ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو. سنڌ جي زمين نه صرف فصلن کي پروان چڙهائي ٿي، پر سخاوت جي ثقافت کي پڻ فروغ ڏئي ٿي. هتي جي انسان دوست جي سخاوت زندگي بدلائڻ، سماجي برابري گهٽائڻ ۽ مستقبل جي نسلن کي انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ متاثر ڪرڻ جاري آهي. هڪ اهڙو انسان جنهن جي پيدائش ڳوٺ قيصر خان راڄڙ ۾ 6 جون 1973 تي ميرپورخاص جي زميندار محمد صالح راڄڙ جي گهر ۾ ٿي. پاڻ بي  اِي سول آهي، هن شخص کي هڪ سياح چوان يا هڪ عجيب زميندار چوان جنهن پنهنجي 1200 ايڪڙ زمين تان هارپو ختم ڪري پنهنجن هارين ۽ غريب ماڻهن کي ڏھ ڏھ ايڪڙ زمين جا ٽڪر مقاطعي تي ڏنا، جن جا پئسا هو هر ڇهين مهيني فصل لهڻ کانپوءِ وٺندو آهي. سياح جي صورت ۾ دنيا جا مختلف ملڪ گھميا اٿس, اتان جي معلومات جو وٽس وڏو ذخيرو موجود آهي. کيس سنڌي سان گڏ اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن جي به ڄاڻ آهي. هي دوستن جو دوست ۽ سچو انسان آهي، جنهن جا دروازا نادارن ۽ غريبن لاءِ هردم کليل هوندا آهن. سندس گهر جي وسيع دسترخوان تي سوين دوست مانيون کائيندا آهن. هي کلڻو ۽ ملڻو ماڻهو سوين تڪليفن جي باوجود کلندي نظر ايندو ۽ ڀاڪرن ۾ ڀري استقبال ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري لڳندي آهي ته دوست سندس ڪچهري مان ڏاڍو حض حاصل ڪندا آهن. ڪچهري ۾ ٻين ڳالهين سان هو ڏاڍي مزي سان پنهنجن وڏڙن جون نصيحت ڀريون ڳالهيون ءٌ مزيدار قصا به ٻڌائيندو آهي.

پنهنجي ڳوٺ کي اسڪول ڏيڻ لاءِ هن هڪ ايڪڙ جو پلاٽ ٽي سي ايف جي اسڪول لاءِ ڏنو، جتي هن وقت سوين هارين جا ٻار تعليم پرائين ٿا. هڪ ايڪڙ هينڊس کي ڏنو، جتي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ سينٽر ٺهيل آهي. ڊسپينسري جي بلڊنگ ٺهرائي جنهن کي هينڊس هلائي رهيو آهي جتي بيماري جي تشخيص، ماءُ ۽ ٻار جي بيمارين جو سينٽر ۽ ٽڪن جو سينٽر ٺهيل آهي. هڪ ايڪڙ زمين هنري سکيا لاءِ زيب ٽيڪ کي ڏنل آهي، جتي مختلف هنر سيکاريا وڃن ٿا. انهي زمين جي ماليت ڪروڙن ۾ هوندي ڇاڪاڻ ته سندس ڳوٺ هاڻي ميرپورخاص شهر جو حصو آهي. هي عظيم انسان فيصل راڄڙ اڄ پنهنجي ڪروڙين رپين جي سترهن ايڪڙ زمين ميرپورخاص شهر ۾ آءِ بي اي سکر کي ڏئي ڇڏي آهي، جتي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي قائم ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ ٻيا ادارا جن جي هو مدد ڪندو آهي، جن ۾ ايس او ايس وليج ڄامشورو جتي يتيم ٻارن جي رهائش، پالنا ۽ تعليم جو بندوسبت آهي. ٻين ادارن ۾ دارالسڪون ۽ آغوش راشد آباد ٽنڊوالهيار اچي وڃن ٿا. ان سان گڏ ٻيا اڻ ڳڻيا اسڪول ۽ شاگرد شامل آهن، جن جي مالي مدد ڪندو رهندو آهي. پاڻ ڪيترن ئي ادارن جو ميمبر آهي جن ۾ هيٺيان نمايان آهن:

لائيف ميمبر پاڪستان هارٽيڪلچر سوسائٽي، لائيف ميمبر پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، لائيف ميمبر ميرپورخاص جيم خانه، لائيف ميمبر ميرپورخاص آرٽس ڪائونسل، ميمبر فنانس ۽ پلاننگ ڪميٽي ميرپورخاص يونيورسٽي. ايمبيسيڊر سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي سروسز، ميمبر جرمن ايگريڪلچر سوسائٽي.

فيصل راڄڙ لطيف طبيعت ۾ هڪ صوفي ۽ سادي قسم جو انسان آهي اهڙو جنهن کي ڏسي ايئن چئي سگهجي ٿو ته کيس پسڻ ڄڻ پرينءَ کي پسڻ آهي. سندس خيال آهي ته پيار وٺڻ جي نه پر ڏيڻ جي شيءِ آهي. ايئن لڳندو آهي ته هي شخص ڏيڻ لاءِ ئي پيدا ٿيو آهي.