آرٽيڪلپاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

قومي ترقياتي ڪائونسل تيار، وزيراعظم چيئرمين آرمي چيف به شامل

وزيراعظم عمران خان ملڪ جي معيشيت جي بهتري، ترقي ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ لاءِ 13 ڄڻن تي ٻڌل ڪائونسل جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. ڪائونسل جو اڳواڻ وزيراعظم پاڻ هوندو. جڏهن ته آرمي چيف، پرڏيهي وزير، منصوبا بندي وارو وزير، خزاني وارو صلاحڪار ۽ تجارت وارو صلاحڪار به ڪائونسل جي ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪائونسل وزيراعظم آفيس ۾ ڪم ڪندي. آرمي چيف به نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل ۾ شامل هوندو. جڏهن ته ڪشمير جي وزيراعظم سميت چئن صوبن جي وزيرن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن کي به دعوت تي اجلاس ۾ شامل ڪري سگهبو. ڪنهن به وزير يا اسٽريٽيجڪ اداري جي اڳواڻ کي به اجلاس ۾ شامل ڪري سگهبو. ابتدائي طور تي ڪائونسل جا چار ضابطا (ٽي او آرز) جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ ضرورت تحت ترميم به ڪري سگهجي ٿي.