ناسا جي چنڊ تي لهڻ واري گاڏي
آمريڪا جي خلائي اداري ناسا ٽن ڪمرشل ڪمپنين سان چنڊ جي مشن ڊزائين ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪيو آهي. هي مشن آرتيمس (Artemis) پروگرام تحت انسانن کي چنڊ تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. جنهن بعد 2024 تائين ناسا پاران چنڊ تي خلا باز موڪليا ويندا. هلندڙ سال جي پڇاڙي تائين ناسا سائنسي سامان جو تفصيل فراهم ڪندو. جنهن بعد ٽئي ڪمپنيون ناسا جي ڪمرشل پي لوڊ سروسز جي منصوبي تحت سائنسي سامان چنڊ تي پهچائينديون. ناسا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سائنسي سامان ۾ چنڊ جي سطح تي ريڊيئيشن جي پيمائش نئين لينڊنگ ٽيڪنالاجي جي آزمائش ۽ ٻين تجربن جا سامان شامل هوندا. ٽئي ڪمپنيون سامان جي تياري، لانچنگ ۽ چنڊ تي لهڻ تائين جي سڀني مرحلن ۾ ناسا جي مدد ڪنديون. هن مشن کي آرتيمس جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جو مقصد 2028 تائين چنڊ تي انسان کي وڏي عرصي تائين رهائش فراهم ڪرڻ جون سهولتون ڏيڻ آهي.

