مشهور طبلا نواز ذاڪر حسين، طبلا نواز، موسيقار، پروڊيوسر ۽ فلمي اداڪار هو. ذاڪر حسين ولد الله رکا قريشي 9 مارچ 1951ع ۾ ممبئي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد الله رکا قريشي بهترين طبلا نواز هو. کيس ٽي ڀائر هئا، توفيق قريشي، فضل قريشي ۽ منور قريشي جن ۾ منور قريشي ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. ذاڪر حسين قريشي سينٽ زيويئر ڪاليج ممبئي مان گريجوئيشن ڪئي. هن حسين انتونيا مينيڪوليا سان شادي ڪئي، جيڪا پڻ ڪٿڪ ڊانسر استاد هئي. ذاڪر حسين قريشي کي ٻه ڌيئرون هيون هڪ انيسا قريشي ۽ ازابيل قريشي. هن ننڍي عمر ۾ ئي طبلي وڄائڻ جي شروعات ڪئي. الله رکا ذاڪر حسين جو استاد هو، جنهن کان هن طبلي جا گر سکيا.
يارنهن سالن جي ۾ عمر پهريون پروگرام ڪيو جتي هن کي هڪ سئو رپيا انعام مليو، هن جو چوڻ هو ته زندگيءَ ۾ لکين رپيا ڪمايا، پر اهي سئو رپيا سدائين ياد رهندا آهن. ذاڪر حسين ٻارنهن سالن جي عمر ۾ آمريڪا ۾ پروگرام ڪيو، کيس ڪيترن ئي ايوارڊن ۽ اعزازن پدم شري 1988ع، پدم ڀوشن 2002ع ۽ پدم وبھوشن 2023ع سان نوازيو ويو. کيس ممبئي يونيورسٽي طرفان موسيقي جي شعبي ۾ اعزازي ايل ايل ڊي جي ڊگري 2022ع ۾ ڏني وئي. فيبروري 2024ع ۾ کيس ٽي ايوارڊ ڏنا ويا. هو اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ وزيٽنگ پروفيسر رهيو.
ذاڪر حسين کي مليل ايوارڊن ۾ سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ 1990ع، انڊو آمريڪا ايوارڊ 1990ع، ورلڊ ميوزڪ آلبم ايوارڊ 1992ع، گرو گنگاڌر پرڌان لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ 2012ع سان فرانسسڪو جاز سينٽر پاران لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ 2017ع. ذاڪر حسين قريشي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ غير معمولي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي فن کي دنيا تائين پهچائي تمام وڏو نالو ڪمايو. هن جا مشهور البم شڪتي، فيس ٽو فيس، ميڪ ان ميوزڪ، ميوزڪ آف دي ڊزرٽ، رميبرنگ شڪتي، ساز، ٽري آف رڌم آهن. ذاڪر حسين باورچي، ستيم شويم سندريم، هير رانجھا، ساز فلمن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. هن هن 15 ڊسمبر 2024ع تي 73 سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب فرانسيسڪو ڪيليفورنيا ۾ وفات ڪئي. الجزيره ٽي وي کيس “هندستاني ميوزڪ ليجنڊ” سڏيو ۽ ذاڪر حسين کي عظيم طبلا نواز جي لقب سان ياد ڪيو جنهن هندستاني موسيقي کي دنيا تائين پهچايو. استاد ذاڪر حسين جا ڪيترائي شاگرد آهن. هن جو چوڻ هو ته گرو سيکاريندو ناهي، پر شاگرد سکندو آهي. بي بي سي موجب هو دنيا جي عظيم ترين طبلا نوازن مان هڪ هو. انگلش گٽارسٽ جان مک لافلن ذاڪر حسين لاءِ چيو ته هو بادشاھ هو سندس هٿن ۽ آڱرين ۾ جادوئي تال هئي.