بلاگنئون

خانا فرهنگ حيدرآباد ۾ قديم شَبِ يلدا جي تقريب

ايران پنهنجي پاڙيسري ملڪ کانسواءِ ڪيترين ريتن، رسمن، علم، ادب، ٻولي، اسلامي روايتن، مذھبي عقيدتمندي سبب ڀائرن جھڙو ديس لڳي ٿو. جنهن جي فارسي ٻولي سنڌ جي قديم شاعرن جي پسنديده ٻولي رھڻ ڪري اھي فارسي ۾ به عاليشان شاعري ڪندا رھيا آھن. ايران ۾ قديم خوشين وارو ڏهاڙو “شَبِ يلدا” ايتري قدر مشھور ۽ مقبول رهيو جو هاڻ ان ڏينهن کي قومي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. “جشن يلدا” کي خزان جي مند جي آخري رات ۽ سياري جي شروعات جو نالو ڏيندي ملھايو وڃي ٿو. ايران ۾ سال جي سڀني کان ڊگھي رات شبِ يَلدا جي نالي سان مشھور آھي. جنھن جي معنيٰ آھي اونڌاھي راتين کان روشنين جي فتح. ھي جشن ھر سال 20 کان 21 ڊسمبر جي وچ ڌاري ملھايو وڃي ٿو.

ھن ڏينهن تي خاندان جا سمورا ڀاتي وڏي عمر رکندڙ بزرگ شخص جهڙوڪ ڏاڏو، ڏاڏي، نانا ۽ ناني جي گهر گڏ ٿين ٿا، جنهن دوران رات جو ڳچ حصو ماضي جي يادن، پراڻن قصن ڪھاڻين ۽ شعر شاعري سان ٽھڪن ۽ لذيذ کاڌن جن ۾ قسمين قسمين فروٽن، مٺائين ۽ سڪو فروٽ سان دستر خوان جي زينت ڏيندي مھمانن جي خوب خاطر تواضع ڪئي وڃي ٿي.

ھن ڏينهن جي مناسبت سان “خانا فرھنگ اسلامي جمهوريه ايران حيدرآباد” ۾ ھڪ عاليشان تقريب 19 ڊسمبر جي رات جو ٿي گذري. تقريب جو ميزبان ڊائريڪٽر خانا فرھنگ جناب آغا رضا پارسا هو. جڏھن ته خاص مهمانن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر سيد فرمان علي شاھ، محترم محمد اشرف سمون ۽ راقم منظور حسين ڪالرو جن کي مدعو ڪيو ويو ھو.

تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. ان بعد ھن ڏينهن جي مناسبت سان ايراني شاعرن، ثقافتي قدرن ۽ خاص طور ايران جي 5 نمبر وڏي شهر “شيراز” شھر بابت شاندار آگاھي ڏني وئي. جڏھن ته مقررن به خصوصي طور پنهنجين تقررين ۾ شَبِ يلدا، ايران جو خوبصورت شهر شيراز بابت معلومات ونڊ/شيئر ڪندي ان جي علمي بلندين، فن، ھنر، ڪاريگري، سونهن، سياحت، زراعت، ٽيڪنالاجي، ثقافتي قدرن، تهذيبي تاريخ، جدوجهد، وطن دوستي مهمان نوازي، لذيذ کاڌن سميت عالمي سطح جي شاعرن حافظ شيرازي ۽ سعدي شيرازي جن جي مرتبي تي ڳالهايو ۽ مبارڪون پيش ڪيون. ھن ڏينهن جي خوشي ۾ شريڪ مهمانن کي مٺايون پيش ڪيون ويون. آغا رضا پارسا صاحب، پنهنجي پاران آيل سڀني مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي ايراني تاريخ علم ۽ ادب بابت سيمينار، ليڪچر ڪرائڻ جو ارادو ڏيکاريو. پاڻ شاگردن کي اعليٰ تعليم واسطي ايران جي عالمي سطح جي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ جي پڻ صلاح ڏني جتي گهڻن ملڪن کان سستي تعليم ڏني وڃي ٿي.

ھن موقعي تي ايراني شاعرن جي فارسي ۾ ڪيل شاھڪار شاعري ۽ ان جو ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو جنهن تي مهمانن خوب داد سان نوازيو. پروگرام جي ڏس ۾ مانواري اديب يوسف سنڌي ۽ سيد زاھد ڪاظمي جن جي ڪاوشن کي به ساراهيو ويو. جڏھن ته شريڪ مهمانن طرفان ھن معلوماتي علمي تقريب تي “خانا فرھنگ اسلامي جمهوريه ايران حيدرآباد” جي انتظاميا کي جس ڏني، آخر ۾ مهمانن کي ڊنر باڪس ڏيندي ۽ چانھ سان سندن خاطر تواضح ڪئي وئي. شال! جنگين کان نفرتون ڪندي امن وارين حالتن ۾ شب يلدا جهڙين چانڊوڪين سان محبتون قائم رھن.