خيبر پختونخواھ جو علائقو پارا چنار پاڪستان جو مظلوم ترين علائقو رهيو آهي، جتي وڌ کان وڌ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت نالي ڪابه شيءِ ڏسڻ ۾ نٿي اچي. صوبائي حڪومت ماڻهو مرندي به پنهنجي پارٽي ليڊر لاءِ احتجاجن ۾ مصروف آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت دهشتگرديءَ جو سڄو ڏوهه صوبائي حڪومت مٿان ڏئي پنهنجا پانڊ آجا ڪيو ويٺي آهي، پر سوچڻ وارا اهو سوچين ٿا ته فورسز جي تحفظ ھيٺ هلندڙ ڪانوائي دوران مسافرن کي گاڏين مٿان وحشتناڪ دھشتگردي ڪري مسافرن کي ڳولهي ڳولهي بيدردي سان گولين جو شڪار بڻائي جانورن جيان ماريو وڃي. اتان جي معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ بزرگن کي به بخش نه ڪندي بيگناھ انسانن کي شهيد ڪري ڪربلا جي ظلمن جي ياد کي تازو ڪيو پيو وڃي.
ڳالهه رڳو اتي ختم ٿئي ته کڻي خاموشي ڪجي، پر ظلم جي انتها اها آهي جو پارا چنار طرف ويندڙ روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن جنهن سبب پارا چنار مڪمل طور پاڪستان کان نه رڳو ڪٽيل آهي، پر هن وقت ڪيترن ئي اندروني مشڪلاتن ۽ مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ، دوائن جي کوٽ جون دانهون اچي رهيون آهن۔ ڇو ته مين پل پارا چنار روڊ بند آهي، پر سڀ کان اهم مسئلو جنهن کي هن وقت منهن ڏئي رهيا آهن، اهو آهي اسڪول مان ڀتا خوري. اسڪول جيڪي ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. هاڻي صورتحال ان سطح تي پهچي چڪي آهي جو جيڪڏهن ڪو ٻار ماهوار في نٿو ڏئي ته ان کي سالياني امتحان ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ناهي. مستقبل سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هاڻ انهن خانگي اسڪولن جي مالڪن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، پر اسان اهو سوال ڪنداسين ته انهن ڏکين حالتن ۾ جڏهن مقامي بئنڪن ۾ پئسا ناهن ته عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ته اهي في ڪيئن ڏئي سگهندا. ان ڪري سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ جيڪا نسل ڪشي ٿي رهي آهي اها نهايت ئي ڏکائيندڙ ڳالهه آهي. جيڪڏهن حڪومت ان علائقي کي نظر انداز ڪندي ته اهي ماڻهو ملڪ ۽ قوم خلاف محاذ آرائي ڪندا. گذريل مهيني خوني ڪارروائي ۾ 38 انسانن جون زندگيون ضايع ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون. ان وحشياڻي دھشتگردي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران روايتي مذمتي بيان جاري ڪيا ويا آھن. ان ڏکوئيندڙ واقعي کان اڳ پارا چنار ۾ لاڳيتو قتل عام وارن واقعن جي سببن کي ڳولي ڪنهن ٺاھ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ھا ته ھن حملي جي ڪري انسانن جون جانيون بچي وڃن ھا.
ھن خوني ڪارروائي تي حڪومتن کي پنهنجي ناڪامي ۽ بيوسي تي قوم کان معافي وٺي پنهنجي نااهلي کي تسليم ڪندي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌندي گهٽ ۾ گهٽ ھاڻ حفاظتي انتظامن لاءِ ظالمن خلاف مقامي سطح تي جرڳا سسٽم تحت جوڳا قدم کڻڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي. جيئن پارا چنار مان موڪلائي ويل امن ڀريون خوشيون واپس موٽي اچن ۽ سموري ملڪ ۾ بيچيني واري صورتحال ۾ ڪمي اچي سگهي. جس آهي ايڌي فائونڊيشن کي جنهن انسانيت جي ناتي دوائون ۽ ٻيو گهربل سامان پارا چنار موڪليو ۽ سندن واهر ڪئي. ياد رهي ته ڪُرم ضلعي جون حدون ٽن هنڌن کان افغانستان سان ملنديون آهن، جڏهن ته هر دهشتگردي واردات ۾ ٻاهرين هٿن جي ملوث هجڻ جا اشارا ملندا رهيا آهن، پر پوءِ به ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي، پر ڏينهون ڏينهن ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. اسان جو ملڪ هن وقت اڳ ئي سخت سياسي ۽ معاشي بحران ۾ ڦاٿل آهي، هڪ طرف چيني انجنيئرن تي حملا ٿي رهيا آهن، بلوچستان الڳ ٻري رهيو آهي، جتي مسلسل سيڪيورٽي اهلڪارن توڙي سول آبادي تي حملا ۽ بم ڌماڪا ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پارا چنار واقعو خيبر پختونخواهه ۾ امن و امان جي انتھائي خراب صورتحال جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي، جنھن تي هر محب وطن شهري غمگين ۽ پريشان آهي.
هن علائقي ۾ مستقل بي گناهه ماڻهن جو رت وهائڻ قابل مذمت هجڻ سان گڏ سڪيورٽي ادارن جي وڏن وڏن آپريشنن لاءِ به سواليه نشان آھي. ايئن لڳي ٿو ته هڪ منظم رٿا بندي سان سڄي ملڪ ۾ فرقيواراڻا فساد ڪرائڻ جي سازش رٿي وئي آهي. اها به حقيقت آهي ته وفاقي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران ڄنڊا پٽ واري سياست ۾ مصروف آهن ۽ ڪيترن ئي سالن کان سياسي بيان ٻڌندا پيا اچون ته “اسان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي” جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پارا چنار جي عوام جو ڪهڙو قصور آهي جنهن جي کين سزا ڏني پئي وڃي. پارا چنار واقعي پويان قبائلي جھيڙي ۽ زمينن تي قبضي جون ڳالهيون پڻ ڪيون پيون وڃن جيڪا برطانيا جي دور ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ ونڊ ورھاست ٿيل آھي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ به اهڙن دردناڪ واقعن جي پويان اهوئي چيو ويو هو، پر اسان ته حڪومت طرف ڏسون ٿا ته اها ڇا ڪري رهي آھي؟ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته عوام جي لساني ۽ فرقيوارانه بنيادن تي ورهاست ملڪ کي ڪمزور بڻائي ٿي.
ضلعي ڪُرم پارا چنار ۾ مذهبي منافرت جي بنياد تي وڏي وقت کان رتو ڇاڻ جاري آهي، جنهن کي روڪڻ شايد حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي. هن وقت عوام وفافي ۽ صوبائي حڪومتن کان سوال ٿو ڪري ته هيترا سارا سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ادارا هئڻ باوجود دهشتگرد پنهنجي مقصدن ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي ٿا وڃن. قومي ايڪشن پلان ڪٿي پيو ڪم ڪري؟ جيڪڏهن هن علائقي کي ائين آزاد ڇڏي مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهندو ته بدامني جي فضا اڃان وڌندي ۽ سڄي ملڪ ۾ رتو ڇاڻ ٿي گهرو ويڙهه شروع ٿيندي. ڇو ته بکيو شينهن پنهنجا ٻچا به کائڻ ۾ دير ناهي ڪندو. ان ڪري دھشتگردي جي ناسور جو خاتمو قومي سلامتي لاءِ اڻٽر آھي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ضلعي ڪُرم (پارا چنار) ۾ امن امان جي قيام لاءِ مستقل بنيادن تي گرينڊ جرگو تشڪيل ڏنو وڃي، بيگناهه ماڻهن جي قتل عام ۾ ملوث ٽولن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ فورن عدالتي ڪميشن قائم ڪري اصل حقيقتن کان قوم کي آگاهه ڪري ۽ جٽادار امن لاءِ پلان پيش ڪري. رياست پنهنجي قانون جي رٽ قائم ڪري، ٻي صورت ۾ انتشار پکڙجندو ۽ سڄو ملڪ افراتفريءَ جي ور چڙهي ويندو.