خاصنئون

ٽي دوست ملڪ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان بچاءُ لاءِ تيار

هن وقت پاڪستان جو نالو ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ موجود آهي جتان اهو نالو بليڪ لسٽ ۾ به وڃي سگهي ٿو. جڏهن ته پاڪستان هاڻي پنهنجي سفارتڪاري جي مدد سان ٽن دوست ملڪن جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي. انهن ٽن دوست ملڪن ۾ ترڪي، چين ۽ ملائيشيا شامل آهن. چيو پيو وڃي ته انهن ملڪن جي مدد سان پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو. واضح رهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو آڪٽوبر ۾ ڪندي.