ايران آمريڪا جو ڊرون ڪيرائي وڏي غلطي ڪئي آهي: ٽرمپ

آمريڪا جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا جو ڊرون RQ-4 Global Hawk Drown سامونڊي علائقي مٿان اڏامي رهيو هو جڏهن ايران ان کي تباهه ڪيو ۽ اهو سامونڊي علائقو پرڏيهي حدن ۾ اچي ٿو جتي اڏامندڙ ڪنهن به جهاز کي ڪيرائڻ جو اختيار ايران کي ڪونهي. ٻئي طرف ايران جو موقف آهي ته حقيقت ۾ ڊرون جهاز ايران جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي هئي، جنهن سبب ان کي ميزائيل ذريعي ڪيرايو ويو آهي. ايران جي موقف اچڻ بعد آمريڪا جي صدر ٽرمپ هڪ ٽوئيٽ ذريعي چيو آهي ته ايران هڪ وڏي غلطي ڪئي آهي، جنهن بعد هڪ دفعو ٻيهر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل رات عمان جي سمنڊ ۾ تيل جي ٻيڙن تي حملو ڪيو ويو هو آمريڪا جنهن جو الزام ايران تي هنيو هو، جڏهن ته ايران ان حملي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments