نئون

ڀارت پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار: مودي جو عمران خان کي خط

ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ۽ پرڏيهي وزير جئي شنڪر وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي لکيل خط جي جواب ۾ ٻه خط لکيا آهن. انهن خطن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت امن امان ۽ ترقي لاءِ پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. واضح رهي ته ڀارت جي پارليامينٽ جي اليڪشن ۾ ڪاميابي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جئي شنڪر کي ڌار ڌار خط لکيا هئا. پنهنجي خط ۾ وزيراعظم عمران خان نريندر مودي کي چونڊون کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي خطي ۾ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي. ٻئي پاسي نريندر مودي پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ڀارت خطي جي سڀني ملڪن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، ڀارت هميشه عوام جي ترقي ۽ امن کي ترجيح ڏني آهي. امن ۽ ترقي لاءِ ڀارت پاڪستان سميت سڀني ملڪن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته ڳالهين ۾ دهشتگردي تي خاص توجهه هجڻ گهرجي.